; سنڌي شخصيتون: محمد سالار جيسر

04 September, 2017

محمد سالار جيسر

محمد سالار جيسر
سؤ سالن جي جيئري جاڳندي تاريخ
محمد رمضان ساريو
منهنجي ننڍڙي ڀاءُ محبوب علي سارئي ۲۰۱۶/۰۶/۲۱ تي منجهند جو ۰۲ وڳي مون کي ٻڌايو ته مخدوم پير ٻڍل سائين ڳوٺ محمد بچل جيسر واهڻ مهراڻ شاخ تي آيو آهي ۽ اوهان کي صحبت جي حوالي گهڻو ياد پيو ڪري. رات خير سان گذاري صبح جي نماز پڙهي پنهنجي ڀاڻج پرويز علي سارئي کي چيم ته موٽر سائيڪل ڪڍي اچ ته مخدوم ٻڍل سائين سان ملي اچئون.


صبح جو گهران چانهه پيتي ۰۷ بجي نڪتاسون ۰۷:۱۵ وڳي ڳوٺ محمد بچل جيسر واهڻ پهتاسون. سندس اوطاق ۾ ڪافي ننڍا وڏا ماڻهو کٽن تي ويٺل هئا. سائين جن جو خليفو محمد شريف جيسر ۽ ٻيا سندس عزيز اسان سان مليا. جن سڪ اڪير سان خوش مرحبا ڪئي ۽ داد ڏنو. مخدوم پير ٻڍل سائين آرام ۾ هيا ته انهيءَ وچ ۾ سڀني ننڍن وڏن سان سٺي مزيدار ڪچهري ٿي. انهيءَ وچ ۾ چانهه به ٿي وئي.
اوطاق ۾ ويٺل هئاسون ته سامهون پنهنجي گهر کان ماما محمد سالار جيسر لٺ جو سهارو وٺي اوطاق ڏانهن اچي پيو. مان سندس جي آجيان ۽ سهارو ڏيڻ لاءِ، کٽ تان اٿيس. ڪجهه قدم اڳتي وڌيس ته مون کي چيائين ته؛ سائين اوهان ته منهنجا مهمان آهيو. مان کيس چيو ته؛ ماما سائين هن ڌرتيءَ هر ڪو ئي مهمان آهي. اوهان منهنجي لاءِ ڪجھ به نه سوچيو. بعد ۾ ماما کي سهارو ڏئي، اوطاق ۾ کٽ تي ويهاريو. اتي ئي پيرن تي نوڙت جا هٿ رکي، هٿن مبارڪن تي مٺيون ڏئي، ڀاڪر پائي ملياسون. جنهن کان پوءِ سندس پنهنجي گذريل دور جون يادون ياد اچي ويون ۽ اکين مان زارو زار لڙڪ اچي ويا. مان پاڻ دل جو مريض. ٻئي هڪ جهڙا ٿي وياسون. ماما محمد سالار جيسر کي مان پنهنجي حال آهر آٿت ڏنو. جنهن کان پوءِ مان کانئس معلومات ورتي. پنهنجي گذريل زندگي بابت کلندي چيائين. جيڪا هيئن آهي.
ماما منهنجي پيدائش سنڌو درياءَ جي ڳوٺ گهٽوهر ۾ ۱۹۱۶-۰۲-۰۶پنهنجي والد محمد جيسر جي گهر ۾ ٿي. جڏهن پنجن سالن جي عمر ۾ کيس تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو پر انهن ڏيهن ۾ سنڌو درياء جي ڪچي جي ڳوٺن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ٺهيل نه هئا. جنهن ڪري ماما تعليم جهڙي زيور کان رهجي ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، محمد سالار جيسر پنهنجي عزيزن سان گڏ، جن ۾ سندس مامو عبدالڪريم، مامو آڍو جيسر، سندس ماسڙ محمد بچل، محمد ڪوڙل جيسر جن جو ساٿ هجڻ سان ڳوٺ گهٽوهڙ مان لڏي، گلسي شاخ کان اتر طرف ۾ پنهنجو ڳوٺ محمد بچل جيسر واهڻ ۾ ٽن گھرن تي آباد ٿيا. کيس چوپائي مال سان گھڻو شوق هوندو هيو. آهستي آهستي زرعي زمين، مختلف برادري جي ماڻهن کان خريد ڪيائين ۽ زرعي زمين پاڻ آباد ڪندو آهي. ايم-پي-اي موسيٰ خان ٻگھيو جي دور ۾ گلسي شاخ تي، ٻگھين جون زرعي زمينيون هيون، جيڪي انهن جا هاري آباد ڪندا هئا. جيڪي هن وقت انهن جي اولاد آباد ڪندا رهن ٿا. گلسي شاخ جي کاٽي سڀني هارين کان کڻائي ويندي هئي. باقي ڏکي کاٽي رهجي ويندي هئي ته ڳوٺ پنهورن کان ڊيگھه (۸) هٿ کان ويڪر (۳) هٿ کان (۴) هٿ اونهي (۳) کان (۴) فٽ هئي. ايم پي اي موسيٰ خان ٻگھيو جي مون کي پنهنجي ڳوٺ گهرائي چيو ته؛ پهلوان اڄ مان اوهان کي انهيءَ لاءِ گهرايو آهي جو گلسي شاخ جي کاٽي منهنجي هارين کان رهجي وئي آهي. اڄ جو اڄ کڻي ڏيو. ماما محمد سالار جيسر مون کي ٻڌايو ته؛ مان هٿ ۾ ڪوڏر کڻي الله توهار ڪري گلسي شاخ جي رهيل کاٽي کڻڻ لڳس ته مون کي پوري جسم ۾ پگهر اچي ويو. پر کاٽي مڪمل کڻي ويس. جنهن کان پوءِ ايم پي اي موسيٰ خان ٻگھيو ۽ ٻيا هاري ناري، مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ، مون تي موسيٰ خان ٻگهيو هٿ رکيو. ڪنهن به برادري جو فيصلو فڙو ٿيندو هيو ته اتي مون کي ضرورو گهرائيندو هيو. فيصلو حق سچ جو ڪندو هيو ۽ ٻنهي ڌرين جون قرآن پاڪ تي ڳالهيون ٻڌي، ڀاڪر پارائي ڇڏيندو هيو. چور جي خلاف هيو، غريب جو همدرد هيو. غريب ڳوٺاڻن جو، چور چوپايو مال چوري ڪري ويندا هئا ته اهي غريب ڳوٺاڻا دانهن کڻي ايندا هئا. پوءِ چورن کي پاڻ گهرائيندو هيو. چور جڏهن موسي خان کي ڏسندو هيو ته ڏڪڻ لڳندو هيو. چوري باسي وهندو هيو. پوءِ انهيءَ چور کي پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه خرچي ڏيندو هيو. چوري ٿيل چوپايو مال ڀاڳين کي واپس ڪرائي ڏيندو هيو. غريب ڀاڳيا، خوشي ۾ دعائون ڪندا ويندا هيا.
مان موسيٰ خان ٻگهيو کي مون چيو ته؛ سائين اوهان چورن جي خلاف به آهيو. غريب جا همدرد رهيا آهيو. اوهان چورن کي پئسا نه ڏيو. کلندي چيائين ته؛ چور به چئي ٿو سائين منهنجا ٻچا بک تي ويٺا آهن. مون کي ڪجهه خرچي ڏيو. ظاهر آهي ته مون کي خرچي ڏيڻي پوندي. ڪم ٻنهي ڏرين جو ٿي وڃي ٿو. اهو منهنجي لاءِ بهتر آهي. ان ئي دور ۾ هن مون کي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪائونسلر چونڊرايو. جنهن کان پوءِ مان ايمانداري سان مختلف ڳوٺن جي قوم جا مسئلا حل ڪيا، ۽ مختلف برادرين جا فيصلا به ايمانداري سان ڪيا. ايم پي اي واحد بخش خان ٻگهيو، ماما محمد سالار جيسر کي ٻه ڀيرا پيپلز پارٽي جي طرفان ديهه نصيرآباد ريتي جي لوڪل زڪوات ڪميٽي طرفان چيئرمين چونڊرايو.
جنرل مشرف جي حڪومت ۾ به چئيرمين جو عهدو مليس. ديهه نصيرآباد ريتي ۾ ڳوٺ ۰۱.ڪڙيو شيخ ۰۲. جت واهڻ ۰۳. احسان واهڻ ۰۴. محمد بچل واهڻ جيسر چئني ڳوٺن جي مستحقن جي در تي رجسٽر تي صحيح وٺي، مستحق کي فوري طور زڪوات جي رقم ادا ڪندو آهي. اڄ به زڪوات جي رقم ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ڳوٺن جو عوام کيس ياد ڪري ٿو.
ايم پي اي واحد بخش خان ٻگهيو، مون کي پيار ڏيندڙ ماڻهو هيو. طبعيت جو انتهائي سادو هيو. هن ۾ ڪا به وڏائي نظر نه آئي. هر فيصلي ۾ مون کي گهرائيندو هيو. ڪڏهن لاڙڪاڻو يا ڏوڪري بنگلي تي، ڪڏهن پنهنجي رهائشگاهه تي. هلندڙ فيصلي ۾ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ڳالهائيندو هيو ته انهيءَ کي ٻڌندو هيو ۽ انهيءَ تي ناراض به نه ٿيندو هيو. اهڙا ڪافي برادرين جا فيصلا ڪيائين ۽ ٻنهي ڌرين جون قرآن پاڪ تي ڳالهيون ٻڌي، ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هيو.
ماما محمد سالار جيسر، پنهنجي ڳوٺ لاءِ ترقياتي اسڪيمون ٿيون جنهن ۾ ۰۱ پڪو روڊ ۰۲ بجلي ۰۳ ناليون فرشبنديون ۰۴. بوائز پرائمري اسڪول ۰۵ گرلس پرائمري اسڪول ٻنهي اسڪول جي بلڊنگ ٺهڻ لاءِ پنهنجي زرعي زمين مان هن پلاٽ ڏنو آهي. جنهن ۾ ڳوٺ جا گلن جهڙا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سندس ڳوٺ ۾ ديني تعليم مدرسو به کليل آهي. جتي سندس پٽ ڳوٺ جي ٻارڙن کي قرآڻ پاڪ جي تعليم ڏئي رهيو آهي. ماما کي (۲) گهر واريون آهن ۽ ٻنهي مان اولاد اٿس (۵) پٽ (۷) نياڻيون. سڀني پرائمري تعليم، اسڪول ڳوٺ وڪڙو مان ڪئي. انگريزي تعليم، تعلقي ڏوڪري ڪاليج مان حاصل ڪئي. جن مان ٽن پٽن کي مختلف سرڪاري ادارن ۾ ملازمت آهي. جيڪا ايمانداري سان سنڀالي رهيا آهن. هڪ پٽ قرآن جو حافظ ٿيو. هڪ پٽ زرعي زمين جي سنڀال ڪري ٿو. ماما محمد سالار جيسر سان منهنجي ملاقات هلندي رهي ته مخدوم پير ٻڍل سائين ننڊ مان سجاڳ ٿي پيو. مونکي چيائين؛ محمد رمضان اهو ماڻهو جوانيءَ ۾ کوهه کڻي ويندو هيو. هاڻي ته ان حال ۾ آهي جوانيءَ ۽ پيري ۾ اهو ئي فرق آهي.
کلندي ماما سالار جيسر چيو ته؛ ماما ڦوهه جواني ۾ پهلواني وارا ڪم اسان تمام گهڻا ڪيا؛ جنهن ۾ شاخن، واهن جو کاٽيون، پراڻي دور ۾ گهرن ۾ نلڪا نه هوندا هيا، مختلف ڳوٺن ۾ کوهن جي کوٽائي لاءِ اسان کي گهرائيندا هيا. اٺن دوستن جو ٽولو ٺهيل هوندو هيو. جنهن ۾۰۱ سيد رکيل شاهه ٻلهڙيجي، ۰۲ ڇتو ابڙو ڍنڍ، ۰۳ رکيل مشوري حاجي مشوري، ۰۴ قدير ڏنو جيسر بچل واهڻ، ۰۵ مور ساريو ڳوٺ ٻنڊي، ۰۶ لونگ ابڙو بگي ڳوٺ، ۰۷ محمد صديق ڪلهوڙو، ۰۸ محمد سالار جيسر. صبح کان شام تائين کوهه جي کوٽائي آرام سان ڪري ويندا هئاسون. مختلف ڳوٺن جو عوام اسان سڀني دوستن کي ڏسڻ ايندو هيو. کوهه مان ڪوڏر تي لپو ڪڍي ڄاري ۾ ٻئي دوست کي ڏيندا هئاسون. اهو وري ٽئين دوست کي اها ئي مٽي ڏيندو هيو. اها مٽي کوهه جي هم چورس رکندا هئاسون، جيئن کوهه جي ديوار لاءِ ڪم اچي. ڪوڏر جو پهريون مٽيءَ جو لپو ٽنهي دوستن هڪ ئي وقت ٻاهر ڪڍيو ته انهن پهلوانن لاءِ واهه واهه ٿي ويندي هئي. جنهن طرف ڏانهن ماما سالار جيسر هوندو، اهو پاسو سرسي ۾ هوندو هيو ۽ عوام جا هوڪرا پئجي ويندا هيا.
هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ڏک ۾ ساٿ ڏيندڙ آهي. ڪنهن به غريب بي پهچ ماڻهو کي ڪم کان نه موٽائيندو آهي. پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڪري، انهيءَ ماڻهونءَ سان نڪري پوندو هيو ته انهيءَ غريب ماڻهو جو ڪم ٿي ويندو.
ماما محمد سالار جيسر قد ۾ ڊگهو، هڏ ڪاٺ ۾ ٺهندڙ، بوسڪي ڪلر تي پٽڪو ٻڌل قميص سلوار پيرن ۾، چمڙي جو بوٽ هٿ ۾، رب پاڪ جو ورد ڪرڻ لاءِ تسبيح سدائين اٿس. اسان ته هر جڳهه تي ماما کي ڏسندا آهيون. مختلف شادي غمي احتجاجن ۾ نوجوانن سان گڏ هوندو آهي. رستو هجي يا شاهي بازار، ماما جي سڃاڻپ پري کان ننڍو وڏو ڪندو آهي.
اڄ به ماما محمد سالار جيسر جي حوالي سان ذڪر ڪجي ته سئو سال کان مٿي عمر وارو ماڻهو پنهنجي اوطاق ۾ مختلف ماڻهن سان ڪچهري ڪري انهن دوستن سان ملي انهن دوستن کان حال احوال وٺي ايتري ته ماما ۾ سڪ محبت آهي، پنهنجي زندگي بابت پراڻا داستان کولي ٻڌائيندو آهي.
اڄ به چوي ٿو اسان جا گذريل ڏينهن واپس اچن. اهي منهنجا پيارا دوست جيڪي ڏک سک ۾ گڏ هئا، اهي واپس اچن. گذريل دور ۾ هر ڪنهن ماڻهو ۾ سچائي هئي. ڪو به ڏکايل دانهن ڏيندو هيو ته انهيءَ جي ڏک ۾ شريڪ ٿي هر ڪو ئي دوست، انهيءَ جي مدد ڪندو هيو. جنهن ۾ ان جي ٻچڙن لاءِ ڪپڙا ۽ مختلف شيون ڏيندا هيا. جيئن ڏکايل دوست پنهنجو وقت ڪڍي سگهي. اڄ جي دور ۾ اسان ڏسون ٿا ته هر ڪنهن ماڻهوءَ جو ذاتي پنهنجو مفاد ٿي پيو آهي. غريب ماڻهوءَ کي هميشه پوئتي ڪيو ويو آهي. اڄ به اسان ۽ اوهان کي خدا پاڪ جو خوف ڪرڻ گهرجي. ڏکايل غريب ماروئڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي. جيڪو اسان اوهان تي فرض رهي ٿو.
ماما محمد سالار جيسر جڏهن سنڌو درياءَ ڳوٺ گهٽوهر جتي پاڻ ۾ (۳) گهر هئا ۽ گلسي شاخ لڳ ڳوٺ محمد بچل واهڻ جيسر ۾ آباد ٿيا انهن ڏينهن ۾ ٽن گهرن جي آدمشماري (۳۰) تي تقريبن ٻڌل هئي، هن وقت ماشاءَ الله (۱۰۰) گهرن تي آبادي آهي. ڪچي خيرات گوشت جي (۱۲۰) گهرن تي ڀاڱا ڳڻپ ڪري موڪليا ويندا آهن.

ماما محمد سالار جيسر ٻڌائي ٿو ته مون کي اڄ به هتان جي غريب عوام لاءِ سڪ محبت آهي ۽ دل چوي ٿي ته مان انهن ڏکايلن سان گڏجي ڏک ۾ شريڪ ٿيان ۽ انهن جا ڪم ڪيان، جيڪي مون تي فرض رهي ٿو پر هن وقت مان صرف پاڙي وارن کي دعائون ڪندو آهيان. اسان به ماما کي ۽ سندس اولاد کي هميشه لاءِ دعائون ڪنداسون ته غريب عوام جي خدمت ڪندا..

No comments:

راءِ ڏيندا