; سنڌي شخصيتون: محمد سالار جيسر، محمد رمضان ساريو،
Showing posts with label محمد سالار جيسر، محمد رمضان ساريو،. Show all posts
Showing posts with label محمد سالار جيسر، محمد رمضان ساريو،. Show all posts

04 September, 2017

محمد سالار جيسر

محمد سالار جيسر
سؤ سالن جي جيئري جاڳندي تاريخ
محمد رمضان ساريو
منهنجي ننڍڙي ڀاءُ محبوب علي سارئي ۲۰۱۶/۰۶/۲۱ تي منجهند جو ۰۲ وڳي مون کي ٻڌايو ته مخدوم پير ٻڍل سائين ڳوٺ محمد بچل جيسر واهڻ مهراڻ شاخ تي آيو آهي ۽ اوهان کي صحبت جي حوالي گهڻو ياد پيو ڪري. رات خير سان گذاري صبح جي نماز پڙهي پنهنجي ڀاڻج پرويز علي سارئي کي چيم ته موٽر سائيڪل ڪڍي اچ ته مخدوم ٻڍل سائين سان ملي اچئون.