; سنڌي شخصيتون: سردار ڄام تماچي - آفتاب ميمڻ

04 September, 2017

سردار ڄام تماچي - آفتاب ميمڻ

سردار ڄام تماچي
ولد فقير رسول بخش اُنڙ
آفتاب ميمڻ
پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي نواب شاهه جو ذڪر نه ڪريان ته زندگي جو هڪ پهلو واکرو نه ٿيندو. ڪي ڳالهيون شايد ونڊڻ جون آهن ته ڪي بي سبب ۽ بي ساڃاهه ٿي وڃن ٿيون. انهن ۾ هڪ حال اورڻ جهڙي ۽ نه وسرڻ جهڙي سردار ڄام تماچي سان نيازمندي جو آهي. مون کي خوشي ٿيندي آهي ته منهنجي سردار ڄام تماچي اُنڙ جهڙي نفيس، ملنسار ۽ انصاف پسند انسان سان نه صرف ملاقات رهي پر ڪافي گهرائپ رهي آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي سست طبيعت ۽ قنوطيت پسندي جي شڪار هئڻ جي ڪري نه صرف ڄام تماچي اُنڙ پر الائي ڪيترن ناياب هيرن سان رشتي جي سٻنڌ جي لڙي مضبوط رکي نه سگهيس. صرف نواب شاهه جو ئي هڪ ٻيو ناياب هيرو سيد امداد محمد شاهه هيو جنهن سان اُتي هوندي ڪچهريون ته ڪافي ٿيون. سيد امداد محمد شاهه ۽ منهنجي گڏيل ڪوششن سان پهريون ڀيرو عاشقن جي عاشق حمل فقير جو ميلو لڳو. جنهن ۾ حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي صلاحڪار وزير ميمڻ صاحب نه صرف شرڪت ڪئي پر اهڙي ريت پئجي ويئي جو وري هر سال حمل فقير جو ميلو باقاعدگيءَ سان لڳڻ شروع ٿيو. پر پوءِ سيد امداد شاهه صاحب سان يا سندن پونئيرن خاص طور زين شاهه جو مون کي ڏاڍو پيارو لڳندو هو، سان اچڻ وڃڻ جي ريت نڀائي نه سگهيس. ٿي سگهي ٿو منهنجي انهيءَ عمل جي پويان دل ۾ ويٺل هڪ مضبوط سوچ هجي ته سنڌ جي سردارن، وڏيرن، ميرن ۽ پيرن لاءِ وچولي طبقي جو سرڪاري آفيسر صرف تيسين سندن برابري جي لائق آهي جيسين هو سرڪاري مُسند تي آهي. اُن کانپوءِ هو صرف سندن ”ماڻهو“ هوندو آهي. سنڌ جي وڏيرن ۾ مون چند ماڻهن ۾ اهڙي ديده بينا ڏٺي هوندي جو هو انساني رشتن کي ئي مضبوط سمجهندا آهن. اِهو خيال فاسد ۽ باطل به ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جا مونجهارا گهڻا هوندا آهن ۽ هر ماڻهوءَ جو اندازو درست نه هوندو آهي. پر، ڄام تماچي اُنڙ ماڻهن جي انهيءَ قبيلي مان ڪو نه آهي. هو هڪ فهميدو انسان دوست ۽ پيار ڪندڙ شخص آهي.


سردار ڄام تماچيءَ کان اڳ پهريائين سندن والد محترم جو ذڪر ڪندو هلجي ته مناسب ٿيندو. سندس والد رئيس رسول بخش خان اُنڙ 1934ع ۾ نواب شاهه ضلعي جي لوڪل بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. سن 1934ع ۾، نه صرف نواب شاهه ۽ موجوده ضلعو نوشهروفيروز هڪ ضلعو هيا پر ضلعي سانگهڙ جي موجوده سب ڊويزن شهدادپور بشمول سرهاڙي، ڄام نواز علي ۽ سنجهورو به ضلعي نواب شاهه جو حصو هيا. 37-1936ع ڌاري، جڏهين ليجسليٽو اسيمبلي جون چونڊون ٿيون ته نواب شاهه ضلعي مان چار ميمبر چونڊاڻا، جن ۾ رئيس رسول بخش اُنڙ، ڄام جان محمد خان (ڄام حيدر علي جو ڏاڏو ۽ ڄام ڪانڀو خان جو ڀاءُ) به ميمبر ٿيا. هنن ٻنهي ميمبر صاحبان سنڌ کي پاڪستان جو حصو بڻائڻ واري قرارداد (47-1946ع) ۾ پاڪستان سان شامل ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هيو. اِن وچ ۾ رئيس رسول بخش خان 1943ع ۾ آل سنڌ سماٽ ڪانفرنس ڪوٺائي. سنڌ ۽ بلوچستان جي تمام سماٽ قومن سٺي موٽ ڏني. ڪانفرنس ڪامياب ويئي. تمام شريڪ ڪارن ”سنڌ سماٽ تنظيم“ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اغراض و مقاصد طئي ٿيا. رئيس رسول بخش خان کي صدر چونڊيو ويو. 1942ع ۾ رئيس رسول بخش کي انگريز سرڪار خان بهادر جو لقب ڏيڻ جي ڪيئي پر اُن وقت تائين انگريز ڪليڪٽر مسٽر هولٽ رئيس رسول بخش تي ڪافي ڪيس داخل ڪرائي چڪو هيو، جي اڪثر فوجداري نوعيت جا هيا. چند سال ڪيسن ۾ هلندي رئيس رسول بخش جي طبيعت ۾ ”رئيسي“ کان ”فقيري“ اچي ويئي. ظاهر جي ٺَٺَ ٺانگرَ تان سندس دل کڄي ويئي. نفاست پسند ڊبل گهوڙو بوسڪي ۽ ڊاڪا جي ململ جو ڪڙتو پائڻ وارو ويس مٽائي گيڙو ڪپڙا پائڻ لڳو. گلي ۾ فقيري نسبت سان ڪنٺ. زمين، سر، سماٽ تنظيم، ميمبري، سڀن تان سندن دل کڄي ويئي. هاڻي رئيس بخش اُنڙ پاڻ کي ”فقير رسول بخش اُنڙ“ سڏيندو هيو.
فقير صاحب وفات ڪئي ته 1970ع ۾ سندس وڏي فرزند ڄام تماچيءَ تي سندس پڳ رکي ويئي. سنڌ بلوچستان جا تمام معتبر ۽ سردار آيا، جن پڳ کي وَرَ ڏنا. اُن وقت ڄام تماچيءَ جي عمر 15 ورهيه به ڪين هئي. 1982ع ۾ ڄام تماچي جو هاڻ سنڌ بلوچستان جي تمام سماٽن جو سردار هيو تنهن کي مجلسِ شوريٰ جو ميمبر چونڊيو ويو. کيس 1984ع ۾ اقوام متحده لاءِ ويندڙ پاڪستاني وفد ۾ شامل ڪيو ويو. اُن وقت سندس عمر 29 سال هئي. پاڪستان کان اقوام متحده ويندڙ وفد لاءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان ننڍي عمر وارو نمائندو هئڻ جو اعزاز سردار ڄام تماچيءَ کي آهي ۽ ان کان وڌيڪ ته اقوام متحده جي سيشن ۾ٿيندڙ ڪارروائي ۾ سندس تقرير به شامل هئي، ان جو به هڪ ريڪارڊ آهي.

ڄام تماچيءَ نه ”سردار“ لکڻ پسند ڪندو آهي نه ئي چورائڻ. مون ڪڏهين کيس ”سردار“ چيو هوندو ته هٿ ٻڌي معافي گهري منع ڪئي هوندائين. ڄام تماچي 1985ع ۾ سينيٽر چونڊيو ويو ۽ پوءِ 1988ع واري اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر 2002ع ۾ وري به ڄام تماچيءَ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هن وقت ضلعي ڪائونسل نواب شاهه جو چيئرمين آهي. ڄام تماچي اُنڙ جي زندگيءَ جي سياسي باب کانسواءِ سندس ڪجهه ٻيا به پهلو آهن جن مان چند تي روشني وجهڻ ضروري سمجهان ٿو. سماٽن توڙي غير سماٽن جا اڪثر تڪرار سندس چڱا مڙس ڄام تماچيءَ کي فيصلي لاءِ موڪليندا آهن. مون کي پنهنجي سرڪاري ڪرت جي ڪري توڙي ذاتي طور خبر آهي ته ڄام تماچي انهن فيصلن ۾ هٿ وجهڻ کان هميشه نابري واري هوندي جنهن ۾ ”سڱ چٽيءَ“ يا ڪو ظالمانه قدم هجي. منهنجي علم مطابق سندس ڪنهن فيصلي ۾ ڪو به اهڙو غير انساني يا غير اخلاقي قدم نه کنيل آهي. سندس فيصلا اڪثر ڌرين کي پاڻ ۾ ٺاهڻ يا کير کنڊ ڪرڻ يا زيادتي ڪرڻ واري کان زور زبردستي ڦٻايل ملڪيت واپس وٺڻ وارو رستو اختيار ڪندا آهن نه ته هو ڪمزور ۽  مظلوم جي هڙئون توڙي وڙئون مدد ڪندو آهي. ذاتي شخصيت جي حوالي سان يا ميمبر جي حوالي سان ڄام تماچي هڪ صاف سٿرو، باڪردار ۽ انصاف پسند ماڻهو آهي. منجهس نوڙت به آهي ته فيصلي ۽ چلت جي مضبوطي. نه ڪنهن کي ايذاءَ ڏي، نه خوشامد ڪري. هن هميشه هڪ باوقار، سنجيده رويو ۽ روش اختيار ڪئي آهي. اهڙا مڻيادار ماڻهو ورلي هوندا.

No comments:

راءِ ڏيندا