; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

26 August, 2017

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ
ادل سولنگي
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ  تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ  خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو.


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي. کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان عشق ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي  جدوجهد  ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن.. ڪميونزم  فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ”من“ اسان ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني ۾ سياست ڪئي، پر امن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ واري سياست جيڪا دليل تي ٻڌل هوندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي اهو به ٻڌايو هو ته ڄامشوري ۾ جنهن جلسي ۾ نذير عباسي اسٽيج تي ڳالهائيندڙ مقرر حفيظ  قريشي جي تفريح دوران  اختلاف رکندي کيس ٽوڪيو هو ۽ جلسي ۾ شريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي دوستن سان منهن ماري ٿي هئي، تڏهن آءُ به ان جلسي ۾ موجود هئس. تڏهن اسان به اسان هئاسين. مون کي به ور ۾ پستول لڪايل هئو پر فائر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان معاملن کي ڳالهين ذريعي ٿڌو ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا  هئاسين.
واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ  ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو  شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنيجدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون  پر اسان پنهنجي زماني  ۾ کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو.
منهنجو ڪالم ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي!“ کيس وڻندو هئو ۽ ساڳيو ئي ڪالم سائين ديدار حسين شاهه کي به وڻندو آهي. جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب، منهنجي ڪالم کي پسند ڪرڻ لاءِ وري سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان فون تي اهڙو اظهار ڪندو هئو، ڊاڪٽر صاحب وري مون کي سڏائي وٺندو هئو. چوندو هئو ”من“ سائين ديدار شاهه توسان ڳالهائيندو. سچ پچ ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جو ٻاجهه ڀريو روايتي سنڌي  پريمي مڙس وارو ڪردار  هوندو هئو.
ڪراچي جي ادارن ۾ جتي  هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر  خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو.
آءُ  عوا مي آواز ۾ ۲۰۰۷ ع کان  ۲۰۱۲ تائين ڪم ڪيو،  گهرو مجبورين سبب آءُ ۴ سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد  جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه  ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين  ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ”من“ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني.  جڏهن مارچ ۲۰۱۶ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنيج ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي  تصوير نمايان نظر ايندي هئي. ڪالهه جڏهن ڊاڪٽر صاحب آفيس پهتو ته گرميءَ جي سختيءَ جي ڳالهه  پئي ڪيائين ۽ ڀچڻ لڳو ته ”من“ اوهان کي گرمي محسوس ٿئي ٿي. اوچتو سندس طبعيت  خراب ٿي ته ترت ئي کيس جناح اسپتال پهچايوويو پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اسان کيس اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن ويندي جي بيوسيءَ مان نهاري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي  پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون  قائم ڪري پنهنجي ڏيهه  روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي سياسي رفيق ۽ نظرياتي دوست ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ”عوامي آواز“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. عوام جي آواز کي ايوانن تائين سگهاري نموني پهچائڻ واري جدوجهد ۾ شامل رهيو. عوامي آواز اخبار کي عوامي تحريڪ بڻائڻ ۽ ”عوامي آواز کي عوامي آواز ميڊيا گروپ“ جي شڪل ڏيڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون صلاحون، وسيلا ۽ صلاحيتون شامل رهيون.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو.  جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ” من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ به خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ هن جي وڇوڙي تي جيڪا ارهائي ۽ ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي.


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
اسان جو ”من“ موڪلائي ويو
رزاق عاصي
هو سائنسي انسان هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي ۾ صفا ۽ نج سٻاجهڙو سنڌي ۽ سادي ڳوٺاڻي جهڙي زندگي جو قائل هو ، سندس تڪيو ڪلام ”من“ ته ڪيترن ئي ماڻهن جو من موهڻ جو سبب بڻجندو هو جڏهن به آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهي استقباليا ته پهچڻ شرط رسپيشن تي ويٺل نياڻي (ڇوڪري) جي مٿي تي هٿ ڏئي اهو ئي چوندو هو ته امان خوش آهين؟ آفيس جو پٽيوالو هجي يا عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڪنهن وڏي ننڍي عهدي تي پنهنجو ن ذميواريون نڀائيندڙ ڪوبه ماڻهو هجي سندس لاءِ رڳو اهوئي لفظ چئي احوال اوريندو هو ته ”من“ خوش آهيو، اسان هن کي ڪم دوران ڪڏهن به مالڪ طور ۽ شيئر هولڊر واري رعبتا به بجاءِ هڪ نماڻي ۽ محبوب سنڌي جيان ڏٺو فطرت جي ويجهو هجڻ ڪري انسان دوستي جو مثال هو، اهڙو هو اسان جو ”من “ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو ، جنهن جو وڇوڙي جي ڏک نه رڳو اسان جي دل جهوري وڌي آهي پر هن جي نه هجڻ واري احساس ته اسان کي ويتر ان ڪري به پريشان ڪيو آهي ته هاڻ محبتن جو ونڊ ”من“ چئي اسان کي ڪير ڏيندو آهي.
وڇڙڻ کان اڳ جڏهن هو معمول موجب آفيس پهتو ته سندس مک تي ئي مرڪ هئي: ايندي ويندي جيڪو به ماڻهو (ورڪر) آفيس ۾هن کي ملندو ورهيو، طبيعت ۾ ناچاڪي هجڻ باوجود به کيس ”من“ چئي اهو ورجائيندو رهيو ته اڄ وڏي گرمي آهي، رات آرام نه ڪر ي سگهيس صبح کان سفر ڪيو آهي ۽ پوءِ اوچتو ئي آفيس ۾ سندس طبيعت خراب ٿي وئي .
عوامي آواز گروپ سان منهنجو رشتو ۲۰۱۲ع کان جڙيو، آفيس ۾ ورڪر دوستي جهڙي ماحول جي ڪري ميڊيا جي دنيا ۾ نوان نالا ۽ لاها چاڙها اچڻ باوجود به هن ماحول کان الڳ ٿيڻ تي دل به ناهي چوندي، خير پان اچو ٿا پنهنجي من جي چند يادگيرين ۽ ڪجهه ڪچهرين ڏانهن عوامي آواز ايڊيٽوريل پيج انچارج زرار پيرزادو هئي ڪمري ۾ ويهندا هئا، اڄ اهو ڪمرو ڪيترو اداس هوندو يا زرار پيرزادو کي پنهنجي سيٽ تي ويهي خالي پيل جوڻي صاحب واري سيٽ هن کي ڪيترو اداس ۽ ڏکارو ڪندي هوندي اهڙي ڏک وري به زرار پيرزادي جي دل محسوس ڪري سگهي ٿي، پر اسان وٽ ڊيسڪ تي هلي اچڻ وارو سلسلو به اسان کي اهو احساس ڏياريندو رهندو، اخباري دنيا ۾ اسان کي مالڪن جا رويا اڪثر مالڪ ۽ محڪوم جو فرق واضع ڪندا آهن، پر خير محمدي جوڻو ڊيسڪ جي ڪنهن به مسئلي يا غلطي تي به پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي پڇاڻو ڪرڻ بجاءِ اسان وٽ هلي اچڻ تي ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪا ننڍائي ڪونه سمجهندو هو، چوندو هو من عاصي رات هڪڙي خبر ڏني هئم شايد ڪم گهڻو هجڻ سبب توهان کان وسر ي وئي هوندي پر خبر چڱي هئي لڳي وڃي ها ته بهتر هو، پر هاڻ اڳتي اهڙين خبرن تي ٿورو ڌيان ڏجو.
هڪ ڀير ي خوش ٿيندي اچي آفيس پهتو ته مونکي پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي چيائين ته من اڄ مون وڏي صحافتي بدمعاشي ڪئي آهي. پڇومانس؛ سر اها ڀلا ڪهڙي؟
چيائين؛ يار پاڻي جو بحران آهي، ٽينڪر وارو هميشه اسان کي ڦري ويندو هو، هن ڀيري ٽينڪر وارو آيو جيڪو اسان کي اڪثر  ڪري اڌ پاڻي جو ٽينڪر ڏئي ويندو هو، هن واري جڏهن هي پاڻي لاهڻ لاءِ آيو ته شڪ ٿيو، ٽينڪر تي چڙهي ڏٺم ته هن ۾ پاڻي گهٽ هو، چيومانس ته آءُ صحافي آهيان تون بدمعاشي ڪري اسان کي پاڻي گهٽ ٿو ڏين، تنهنجي خلاف آءُ خبر هلائيندس. پوءِ ”من“ هن کي پنهنجي لڳي وئي، ٽينڪر واري کي ۱۴ سئو رپيا ڏئي اڌ پاڻي پنهنجي ۽ پاڻي پاڙيسري جي گهر لاٿوسين، مون کي حيرت ٿي ته اخباري مالڪ ته ڇاپر هڪ شهر جو لوڪل رپورٽر به پنهنجي علائقي جو بااثر هجي ٿو، پئسا ڏئي پاڻي جو ٽينڪر ڇا پر سرڪاري ٽينڪر رپورٽرن جي گهرن يا ڳوٺن ڏانهن چڱا ڀلا آفيسر پروٽوڪول ڏئي پاڻي موڪليندا آهن، پر هو فقير پنهنجي دل جهڙو اجرو ۽ صاف هو، پنهنجي تڪ جو وڏو آبادگار راڄوڻي طور تي به وڏو ماڻهو هجڻ باوجود هن جي طبيعت اهڙي فقيراڻي هوندي هئي جو آفيس ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به کيس ٺڪر جو ٿانوَ هوندو هو، سادگي پسند ايترو جو روائتي ڳوٺاڻو لباس ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي سندس خاص سڃاڻپ هوندي هئي.
دل نٿي مڃي ته هاڻ منهنجو قلم ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي مرحوم لکي پر وقت جي عجب ستم ظريفي آهي ته مالڪ ۽ محڪوم ٿي ته انسان ڪيترن  ئي اخباري ادارن ۾ اڳ پرچي موڪلي مالڪ سان ملي سگهندا هئاسين پر عوامي آواز ان ڪلچر کي رد ڪري مالڪ هميشه ورڪر سان پنهنجائپ وارو رشتو رکندا آيا آهن.
اڄ هي درد هميشه لاءِ اسان جي دل ۾ هڪ زخم جيان تازو رهندو، جڏهن به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڪمري ۾ وڃڻ ٿيندو يا ڪٿان اسان کي لفظ ”من“ ٻڌڻ ۾ ايندو ته اسان جو ”من“ پنهنجي محبوب جهڙي باس کي ساري ڏکارو ٿيندو. عوامي آواز جي سٿ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سميت سموري سٿ پنهنجي ”من“ کي ساري ڏکاريو  آهي. اسين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي پونئيرن ۽ پاڻ پونيئرن ۾ شامل هجڻ جي ڪري پاڻ تعزيت ڪيون ٿا، سڄي سنڌ کان تعزيت وصول به ڪيون ڪيون پيا، شل صحافتي دنيا جي هر ورڪر کي اهڙا محبوب ”من“ مالڪ ملن جيڪي عزت ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏئي، صدائين لاءِ اسان جهڙن سان غريب ورڪرن جي دلين ۾ ”من“ ٿي، محبوب بڻجي زندهه رهن.


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
”مرڻ مون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“
زرار پيرزادو
مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي آفيس (ڪمري) ۾ ويهي جڏهن ٻين صحافتي ڪمن سان گڏ هي ڪالم لکندو هيس ته هو اهو ضرور پڇندو هو ته ڪهڙي موضوع تي ٿو اڄ لکين، پر اهو به چوندو هو ته ڇا ٿو لکين، اهو اڄ نه ٻڌاءِ صبح جو مان پاڻ اخبار ۾ پڙهندس، اُن پڙهڻ جو مزو ڪو ٻيو آهي ۽ پوءِ آفيس اچي ان ڪالم تي  پنهنجي راءِ ڏيندو هو.
اڄ جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪمري ۾ ناهي پر مان ڀر ۾پيل سندس خالي ڪرسيءَ کي ڏسي ان کي ٻڌايان ٿو ته اڄ منهنجي ڪالم جو موضوع ” ڊاڪٽر خير محمد جوڻو“ پاڻ آهي ۽ مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ هو چوندو هجي ته اڄ نه ٻڌائجان، مان پاڻ سڀاڻي اخبار ۾ پڙهندس.
ڪاش! هي ڪالم مان هن ئي مهيني ۾ ۱۲ آگسٽ تي ٿيل سندس سالگرهه جي موقعي تي لکان ها ۽ جيڪر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ اهو پڙهي ها پر افسوس ته اهو موقعو گُسي ويو.
ٽيون ڏينهن يعني ۲۲ آگسٽ تي مان آفيس آيس ته ڊاڪٽر صاحب مون کان اڳ ڪمري ۾ موجود هو پر ٿڪل پئي لڳو، مان چيو مانس خير ته آهي صبح سوير پهچي ويا آهيو؟ (شام جو پهريون پهر اسان صحافين لاءِ اخباري آفيس جو صبح هوندو آهي )  جواب ڏنائين ته ”يار پير شاهه جيلاني جي ڌيءَ رات جو طوفاني برسات ۾ ڪريل بجلي جي تار ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب گذاري وئي آهي، صبح سوير پير فون ڪئي اوڏانهن ويو هيم“ ۽ اتان هاڻي سڌو آفيس آيو آهيان.
منهنجي ذاتي راءِ ۾ معمول واري روٽين کان هٽڻ ڪري سائين جي طبعيت خراب ٿي، ان ڏينهن گرمي به ڏاڍي هُئي. خير آفيس ۾ ته سائين فونون پئي اٽينڊ ڪيون، دوستن کي فون تي پير جيلاني جون خبرون به پئي ٻڌايون، مون سان به ڪچهري ڪند رهيو ۽ معمول موجب ڪرسيءَ تان اٿندي ۽ ڪمري مان نڪرندي چيائين ته ” زرار! تو کي گرمي نٿي لڳي ڇا“  مان چيوته ظاهر آ گرمي ته آهي... ۽ اهو ٻڌي هو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو.
ڪجهه منٽن کانپوءِ نديم لوڌي نالي دوست ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين ڊاڪٽر جبار ڪمري ۾ ڪونهي! خير محمد صاحب ميٽنگ روم ۾ ويٺو آهي ۽ چئي ٿو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽر جبار کي ٻڌايو... پوءِ مان تڪڙ ۾ ايوب شيخ کي ٻڌايو ۽ ايئن سائين کي جناح اسپتال تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيوسين.
ڊاڪٽر خير محمد شخصي طور هڪ مجلسي، قربائتو، ڪچهري جو مور ۽ راڄوڻي مڙس هو. آفيس جي ڪمري کي به ”اوطاق“ بڻائي رکيو هُيائين، جيڪو به مهمان لڙي ايندو هو، سو سندس مهمان نوازي يعني سندس اخلاق، نياز نوڙت ۽ قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هو.
هڪ اهڙو به وقت آيو، هو جڏهن ڊاڪٽر خير محمد پنهنجي هڪ دوست سان گڏ اداري کي ڇڏڻ  تي سوچ ويچار ڪري رهيو هو، تڏهن مون کيس سنجيدگي سان سمجهايو هو جيڪا ڳالهه کين سمجهه ۾ به آئي ۽ ان جو اعتراف وڏي واڪي دوستن سان ڪندو هو ته زرار کي مان  ان ڪري به ڀائيندو آهيان جو هن مون کي درست مشورو ڏنو هو، آخري ڀيرو اهڙي ڳالهه ڪجهه ڏينهن اڳ حميده گهانگهرو آڏو به ڪئي هُيائين.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان مان دوستن وانگر هجائتو هوندو هيس. ساڻس ڀوڳ چرچا به ٿيندا هُيا. پنهنجي ڪمري جو پنهنجو ئي هڪ الڳ ”ماحول“  ۽ ”رنگ“ هوندو هو. ڪرڪيٽ جي موضوع تي به وڏيون ڪچهريون ٿيندون هيون.
ڪالهه ڊاڪٽر جبار، جوڻي صاحب جي ڪمري واري در تي بيهي ان جملي سان مون سان تعزيت ڪئي ته ”جوڻو صاحب تو کي به اڪيلو ڪري ويو !!“
ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي جيڪا سڀ کان عظيم خوبي هئي، جنهن هن کي هر دلعزيز بڻايو، سا هئي، موقعي تي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ واري خوبي. هو پنهنجي اخلاق، مٺي ۽ حجائتي زبان  سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو.
ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُيا ته ايڏي وڏي اخبار جو مالڪ ۽ ههڙي فقيري، قلندري ۽ درويش صفت طبيعت جو مالڪ..!!
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان جي بزرگ ۽ سڀني سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي پيرن مرشدن وانگر عزت ڪندو هو، سائين جي بيماريءَ  جي کيس ڏاڍي ڳڻتي هوندي هُئي.
ڊاڪٽر جبار خٽڪ به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، اداري جي هر معاملي ۾ ڊاڪٽر جوڻي کي اعتماد ۾ ضرور وٺندو هو ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندو هو ته ڊاڪٽر جوڻو پريشان نه ٿئي.
ڊاڪٽر خير محمد جو جيئڻ به ڪمال وارو هو ته سندس زندگيءَ ۽ دنيا کان موڪلائڻ وارو انداز به ڏاڍو باوقار ۽ شانائتو هو.
مان خير محمد جوڻي صاحب کي ٽيون ڏينهن پنهنجين اکين سان هن دنيا ۽ زندگيءَ کان موڪلائيندي ڏٺو سلام آهي سندس همت کي.
جيتوڻيڪ هو پاڻ ڊاڪٽر هو، دل جو پراڻو مريض هو ۽ پنهنجي حالت کان هو چڱيءَ ريت واقف هو.
هو جوانيءَ  ۾ جيئن ته ڪرڪيٽر به رهي چُڪو  هُئو، اوپننگ بيٽسمين به هو، سو مون کي لڳي ٿو  ته هو پاڻ ئي سمجهي رهيو  هو ته معمول جو روٽين ڊسٽرب ٿيڻ ڪري يعني غلط شاٽ کيڏڻ سبب هو ” آئوٽ“ ٿي رهيو آهي.
مان ڊاڪٽر خير محمد صاحب کي زندگي ۽ دنيا کان انتهائي پرسُڪون ۽ باوقار نموني موڪلائيندي ڏٺو، هو ڪنهن ريت به پريشان نه هو، چهري تي ڪو گهنج به نه هيس، نه ئي جلد اسپتال پهچائڻ جي ڪا پريشاني يا دانهن هيس زبان تي نه ئي موت سان ڪو جهيڙو يا شڪايت!!
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي ڀٽائي صاحب جي هن سٽ جيان پنهنجي زندگي موت جي حوالي ڪئي ته : ”مرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
هڪ دلبر دوست جو وڇوڙو
جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه
منهنجو دوست ڊاڪٽر خير محمد جوڻو! هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي، سندس کوٽ نه رڳو سندس خاندان وارن کي سدائين محسوس ٿيندي رهندي پر سندس دوستن، يارن ۽ گهڻ گهرن کي به محسوس ٿيندي رهندي.
ڊاڪٽر صاحب هڪ رلڻو ملڻو ۽ سدائين مرڪندڙ شخص رهيو، هوُ يارن جو يار ۽ دوستن جو همدرد شخص رهيو، جيڪا خصلت گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي. هو منهنجو دوست هُئو، هُن جي ڪري ئي، عوامي آواز اخبار ۾ منهنجي آتم ڪهاڻي اخبار ۾ شايع ٿيندي رهندي  هئي. ڊاڪٽر صاحب هڪ  سرگرم رهندڙ شخص هئو.
هُن شروع کان ئي کاٻي ڌر جي سياست ڪئي ۽ سوشلسٽ  خيالن جو رهيو هو، ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ، ڪيترو ئي وقت ملڪ کان ٻاهر رهيو، شاگردي واري زماني کان کاٻي ڌُر جي سياست ڪيائين ۽ آخر تائين  انهن جي ويجهو رهيو.
عوامي آواز سان سندس لاڳاپو ٿيڻ کانپوءِ ان جي آفيس ۾ ويهڻ شروع ڪيائين، اسان اڪثر روز گڏجي پنڌ ڪندا هئاسين، اڄ ڏک وچان چوڻو پيو اٿم ته هڪ همسفر ۽ هڪ دلي دوست کان محروم ٿي ويو آهيان.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻي کي مون ڪڏهن به اداس يا ويڳاڻو ڪو نه ڏٺو، سندس منهن تي سدائين روشن مُرڪ هوندي هُئي، هو پنهنجي خاندان جو وڏو هئو ۽ ڳوٺ راڄ وارو راڄوڻو شخص هيو، ڪراچيءَ ۾ رهندي به هو پنهنجي ڳوٺ کي ساريندو هئو. سندس دوستيءَ جو تعلق جن سان به جڙيون ته انهن سان آخري ساهه تائين نڀايائين، هو غريبن جو ۽ يتيمن جو ڏاڍو همدرد ۽ خوش اخلاق شخص هيو. جنهن زندگيءَ جو پهريون حصو ڊاڪٽري ڪري خدا جي خلق جي خدمت ڪئي ۽ پويون حصو عوامي آواز سان گڏجي، صحافت جي ميدان تي عوام جي خدمت ڪئي، چوڻ جو مقصد ته سندس سڄي ڄمار عوام جي خدمت ڪندي گذري.
هُن ڪڏهن به شڪايت ڪا نه ڪئي، پاڻ ڊاڪٽر هئو، دل جي تڪليف به هئس پر سندس چهري تي سدائين مرڪ رهندي هئي.
ڊاڪٽر صاحب ملڻ جو سٺو، رک رکاءُ  وارو ۽ هڪ مذهب شخص هئو، سندس جهڙا سٺا شخص هاڻ اسان جي سماج ۾ ڳوليا نٿا لڀن، ساڻس ملبو هئو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هئو، پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو شخص هُئو، جنهن ڪري سندس عوامي آواز واري آفيس ۾ سدائين سندس ڪو نه ڪو دوست ساڻس ڪچهري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هئو.
ڊاڪٽر صاحب جي هڪ سٺي عادت ڪتابن پڙهڻ واري به هئي. هو سٺا ڪتاب پڙهندو به هُئو، سانڍي به رکندو هو ته دوستن کي پڙهائيندو  به هئو، هو ڏک لڪائڻ وارو شخص هُئو ۽ هاڻ هو اسان سڀني کي ڏکارو ڪري ويو آهي، مون لاءِ هڪ دوست جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک سدائين ياد رهڻ وارو آهي، هاڻ مان جڏهن به صبح جو پنڌ ڪرڻ ويندس ته سندس ساٿ نه هوندو پر اڪيلائي ۾ هو مون کي سدائين ياد رهندو، الله سائين سندس  درجات بلند ڪري.




هر دلعزيز شخص جي موڪلاڻي
رکيل مورائي
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر هُئو. صحافت ۽ سياست سندس شوق هئي، جنهن لاءِ سياست جو پوراءُ هن شروعاتي دور ۾ سياسي ڪارڪن ٿي پورو ڪيو ۽ صحافت هن آخري عمر ۾ شروع ڪئي.
وچ ۾ هن ڊاڪٽري ڪئي، ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر خاص طور لبيا ۾ هن عرب سڳورن جو علاج ڪيو ۽ ائين ڪري هن ڄڻ ڊاڪٽري جي حوالي انساني خدمت ڪئي ۽ مسلمان جي حوالي ۾ پنهنجي پيغمبر جي پونيئرن کي خوش ڪري ثواب کٽيو جيڪو ڌڻي سائينءَ وٽ اَجُر جي صورت ۾ کيس ملڻو آهي، اهو منهنجو عقيدو آهي، ڊاڪٽر صاحب عقيدن کان پرڀرو هئو. ڇاڪاڻ ته هو سائنسي عملن جو ماڻهو هئو ۽ ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندڙ هئو، جنهن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو تعليم کانسواءِ جيڪي ڪتاب پڙهيو، اهي مارڪسي، سياسي سفر ڏانهن وٺي ويندڙ هئا، جن مٿس اهو اثر ڪيو جو هو سنڌ جي مارڪسٽن سان ويجهو ٿيو ۽ پڇاڙيءَ تائين عملي طور خاموش هوندي به نظرياتي طور انهن سان جڙيو رهيو.
سندس ٻيو پاسو اهو آهي ته هو نواب شاهه ضلعي جي شهر قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد جوڻو جو رهواسي هئو ۽ ننڍو زميندار يا آبادگار به هيو جنهن سبب سندس اٿي ويٺي تر جي گهڻن ئي خاندانن سان هئي ته ساڳئي وقت مقامي سماج سڌارڪن توڙي سياسي ڪارڪنن سان به سندس لاڳاپو رهيو، ان ڪري جو هو هڪ خانداني شخص هئو، پڪ سان سندس خاندان جي وڏن جي علم سان به دوستي هوندي جنهن ڪري کيس پڙهائي اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر بڻايائون.
هو ڊاڪٽر بڻيو، ڏيهه پرڏيهه ڏٺائين ۽ پوءِ واپس اچي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ واندي ويهڻ کان بهتر سمجهيائين ته ڪو ڪم ڪجي، ائين پنهنجو دوستن سان صلاح مصلحت کانپوءِ سنڌ جي عوام دوست اخبار عوامي آواز ۾ حصيدار ٿيو ۽ باقائدگيءَ سان آفيس ۾ اچي پنهنجو وقت سجايو ڪندو هئو، ائين سياست ۽ صحافت جي ويجهو رهندي به ۽ ڪراچي جهڙي  وڏي شهر ۾ رهندي پنهنجي ڳوٺ سان ناتو جوڙي رکيائين ۽ شادي غميءَ ۽ عيد برات تي پنهنجي ڳوٺ وڃي سڪون جا ڏينهن گذاري ايندو هو .
سچ اهو آهي ته سندس پنهنجي ڳوٺ سان بيحد گهڻو لڳاءُ هو ايترو جيترو اسان انهن سنڌين ۾گهٽ ڏٺو آهي، جيڪي پنهنجي نوڪرين يا ڪاروبارن سبب پنهنجا ڳوٺ ڇڏي آيا ته وري مڙي پوئتي ڪونه ڏٺائون ته اسانجو ڪو ڳوٺ به آهي ،ڪي مائٽ عزيز به آهن ۽ خاص طور ڪو قبرستان به آهي، جن ۾ سندن پيڙهيون پوريل آهن .جيڪي کين سارين ٿيون. اهي شهرن ۾ سدائين لاءِ گم ٿي ويا ۽ ڳوٺن ۾ مري ويل سمجهي وساري ڇڏيو، ڄڻ هنن جو ڪو تعلق ئي هڪ ٻئي سان ڪو نه هُئو. پر
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو انهن سلڇڻن ماڻهن مان هئو، جنهن ڪراچيءَ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجي پنوهارن سان پريت نه ڇني. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پاڻ جيئرو رکيو، شايد هن پاڻ بابت اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هئو ته جيئن ته، آخر ۾ مون کي هتي ئي موٽي اچڻو آهي، ان ڪري ڳوٺ سان اهڙو تعلق رکڻ گهرجي، جو جڏهن به ڳوٺ واپس اچجي ته اهو سڃاڻڻ کان انڪار نه ڪري ۽ جڏهن هي سڄو جهان ڇڏي وڃي تڏهن اهو ڳوٺ پنهنجي جهوليءَ ۾ جڳهه ڏئي ۽ ڳوٺ واسي ايئن چون ته ها! هيءُ ته اسان جو پنهنجو آهي. ڪجهه وقت ئي الڳ ٿيو هئو. هو سندس جيئري به آڌر ڀاءُ ڪن ته سندس مئي پڄاڻا به کيس پنهنجي يادگيرين ۾ محفوظ رکن. باقي مٽي ته ماءُ آهي، اها ته پنهنجي سموري اولاد کي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريندي آهي، ڏنگي اولاد کي به ته صدوري اولاد کي به!
پڪ سان ڳوٺ مير محمد جوڻي جو هيءَ صدورو پٽ هئو جنهن ڳوٺ سان آخر تائين ناتو نڀايو ۽ ائين هن عوامي آواز سان به ناتو نڀايو. دوست زرار پيرزادي جي لکڻ موجب ته هن ڪن موقعن تي عوامي آواز کان پري ٿيڻ لاءِ سوچيو به هئو پر هو ائين ڪري نه سگهيو.
سندس حياتيءَ جا آخري پل به عوامي آواز جي آفيس ۾ ئي گذريا. آفيس جي ڪارڪنن سان سندس رويو دوستاڻو هئو، مالڪاڻو بنهه نه! مان نٿو ڀانيان ته اداري جي ڪنهن ڪارڪن کي کانئس رنجَ پهتو هوندو.
هو هڪ ڳوٺاڻو مزاج رکندڙ وضعدار شخص هئو. وضعداري سندس خون ۾ شامل هئي. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو، خوش طبيعت ۽ ٿڌو مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هئو جيڪو هر ڪنهن کي پنهنجو لڳندو هئو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو بڻائي وٺڻ جو ڏانءَ به منجهس هئو، دوستن جو چڱو ئي حلقو رکندڙ هئو ۽ سندس هليو وڃڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي اکيون آليون ڏٺيون ويون.
ٽيهٺ سال عمر هونئن گهڻي نه آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب ڏسڻ وائسڻ ۾ ڪنهن بيماريءَ کان به آجو هئو پوءِ به ايترو تڪڙو وڃڻ جو رازُ ته فقط اهو ئي ڄاڻي ٿو، جنهن کيس هن جهان ۾ موڪليو هئو، وري کيس واپس گهرائي ورتائين. واپس ته هو سڀني کي گهرائي ٿو پوءِ ڪنهن کي سوير ڪنهن کي اوير. پر ڊاڪٽر صاحب کي هن ڪجهه تڪڙ ۾ ئي گهرائي ورتو. شايد هن کي سندس وڌيڪ گهرج هئي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جنهن ڌرتيءَ جو رهواسي هئو. ان ڌرتيءَ جي ماڻهن کي سندس گهڻي ضرورت هئي ۽ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي جسماني ۽ ذهني علاج جي ڏاڍي ضرورت آهي.
جيڪي ٻئي حڪمتون ڊاڪٽر خير محمد جوڻي وٽ موجود هيون.
هو ڊاڪٽر به هئو ته هڪ ذهين شخص به!
ڊاڪٽر صاحب جي هلي وڃڻ سان ڀلي عملي صحافت ۾ سندس ڪمي محسوس نه ٿئي، پر هن عوامي آواز اخبار ساڻ هجڻ سبب سنڌ جي مسئلن جي جيڪا اپٽار ڪئي، جيڪا جنگ وڙهي، اها سنڌي ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
هن پنهنجي ڳوٺ ۾ جيڪي سماجي ڪم ڪرايا اهي اهڙي شاهدي ڏيندا، هن جن بي پهچ ماڻهن جي واهر ڪئي انهن جي دلين ۾ اکين ۾ سدائين موجود رهندو.
اڄ هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي، پڪ آهي ته هاڻ کيس مٽي ماءُ سدائين لاءِ محفوظ رکندي.







من موهيندڙ شخص
نواز خان زنئور
اياز جاني ھڪڙي ڏينھن فون ڪئي ته؛ عوامي آواز ٽي وي وارا، منھنجي ڪتاب دراوڙ دل جي تنھائي تي ھڪڙي نشرياتي ويھڪ ڪرائڻ چاھين ٿا، ان ۾ توھان شريڪ ٿي منھنجي ڪتاب تي ڳالھايو. اياز جانيءَ کي انڪار ڪرڻ، پنھنجي ئي دل کي انڪار ڪرڻ جيان ھوندو ھو. ان ڪري مون ھڪدم ساڻس پروگرام ۾ شرڪت جي حامي ڀري.
ڄاڻايل ڏينھن تي آئون ۽ ڀاءُ قادر بخش ڪراچيءَ روانا ٿياسين. روماسا به اسان سان گڏ هئي. اسان گلشن حديد ۾ اياز جاني وٽ ڏُپھرو ڪيو. جنھن بعد پاسي مان ئي زرار پيرزادي کي وڃي کنيوسين ۽ سڀ گڏجي اڳتي روانا ٿياسين. زرار پروگرام جو ميزبان ھو. آئون، اياز جاني ۽ مسرور پيرزادو مھمان هئاسين. شايد رکيل مورائي به پروگرام ۾ شريڪ ھجي، پر ھن ويل آئون اھا ڳالھه خاطري سان نٿو چئي سگھان.
باقي ان ڏينھن جيڪا ڪچھري متي، تنھن ۾ رکيل ڀرپور انداز ۾ شريڪ ھو. اھا ڪچھري ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي آفيس واري بيٺڪ ۾ ٿي هئي.
اسان جيئن ئي عوامي آواز جي آفيس ۾ پھتا هئاسين ته اسان کي زرار سڌو ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي دفتر جي ڪمري ۾ آڻي ويھاريو ھو. ان وقت ڊاڪٽر پاڻ موجود نه ھو. سندس ڪرسي خالي پئي هئي. روماسا بنان وقت وڃائڻ جي ان ڪرسي تي وڃي قبضو ڪيو. اسان کيس اتي ئي ڇڏي رڪاڊي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ڪتاب بابت ڳالھيون رڪاڊ ڪرايون. پروگرام جي ڀرائيءَ بعد ساڳئي ڪمري ۾ آياسين. روماسا اڃا توڻِي ڊاڪٽر جي ڪرسي تي براجمان هئي.
ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر آيو ته ھن پنھنجي ڪرسي قبضو ٿيل ڏٺي. ھو بنان ڪنھن چوُن چُران جي اسان جي پاسي ۾ ويھي رھيو. مون روماسا کي اٿڻ جو چيو ته ڊاڪٽر مون کي روڪيندي، کيس ويٺي رھڻ جو چيو. پر مون روماسا تي زور ڀريو ۽ منھنجي چوڻ تي ھن ڪرسي ڇڏي ڏني. مون ڊاڪٽر کي سندس ڪرسي تي ويھڻ جي مؤدبانا گذارش ڪئي. جنھن بعد ھو اُٿي اتي وڃي ويٺو. پر ھاڻي وري ٻيو مامرو ھو. روماسا ڊاڪٽر جي ڪرسي ته ڇڏي، پر اسان واري پاسي خالي پيل ڪرسي تي ويھڻ بدران ميز تي چڙھي ويھي رھي ۽ اتان ھٽڻ کان صاف نابري واريائين. گڏوگڏ ميز تي موجود سامان جھڙوڪ پين رکڻيءَ، پن وزنا (پيپر ويٽ) وغيرھ سندس تصرف ۾ هئا ۽ هوءَ انھن سان راند کيڏي رھي هئي.
سچي ڳالھه ھيءَ آھي ته آئون ان سان پريشان پئي ٿيس ته ڊاڪٽر جي ڪم ۾ رخنو پئجي ويو آھي، پر ڊاڪٽر ان مان لطف اندوز پئي ٿيو. ھن پنھنجي سامان سان روماسا کي کيڏڻ ڏنو ۽ ھن لاءِ شيءِ به گھرائي. سندس شفقت ڀريو رويو ماڻھوءَ جو من موھڻ لاءِ ڪافي ھو.
اسان شام تائين ڪچھري ڪئي. ايتري ۾ ڀاءُ قادر بخش پارٽي بيان لکي ورتو ھو، جيڪو ھن سندس حوالي ڪيو. ڊاڪٽر اھو بيان پاڻ ھٿن سان کڻي وڃي ڪنھن سب ايڊيٽر جي حوالي ڪري آيو. آئون سندس انھيءَ خلوص، ڪرم نوازي ۽ پنھنجائپ ڀري روش تي پيار ڀري حيراني ۾ پئجي ويو هئس.
مون تي سندس شخصيت جا اھي ظاھر ٿيل گوشا اڻ-وسرندڙ ٿي پيا آھن. اڄ جڏھن ھو اسان جي وچ ۾ نه رھيو آھي، تڏھن مون کي سندس انداز، ميل جول، قربائتي ڪچھري، شفقت ۽ سادگي ياد اچي رھي آھي. سنڌي صحافتي دنيا ۾ ھو موتيي جي گل مثل ھو، جنھن جي خوشبو ياد بڻجي ھوائن کي ھٻڪاريندي رھندي. کيس مرزا اسد الله خان غالب جي لفظن ۾ ڀيٽا ڏيان ٿو، ڇو جو مون کي پڪ آھي ته ھو وري ڪنھن موتيي ۽ رابيل ۾ ٽڙي ظاھر ٿيندو.
سب کہاں، کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں،

خاک میں کیا صورتیں ہوں گی کہ پنہاں ہوگئیں!


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ۽ يادگيريون
عبدالخالق جوڻيجو
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
اهڙن بهار جي خوشبو پکيڙيندڙ ٿورڙن ماڻهن منجهان هڪڙو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هيو، پنهنجي ڊگهي تاريخ ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ايماندار، سچار، وفادار، مخلص، محب وطن، ۽ انسان دوست ماڻهو رهيا آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اٿل پٿل ۽ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي. هڪ طرف سنڌ جي تهذيبي شخص جي سڃاڻپ وارا ماڻهو لڏي ويا ته ٻئي طرف انهن کان به وڌيڪ تعداد ۾ اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ آيا آهن جيڪي ڪوڙ، ٺڳي، منافقي، ڌوڪي، دولاب، چاپلوسي، نسل پرستي جهڙن انسانيت دشمن خاصيتن سان ننهن کان چوڻيءَ تائين ڀريا پيا آهن، جن سنڌ جي خوبصورت ڌرتيءَ جي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ افسوس ته انهن کي ڏسندي ڪيترن سنڌي ماڻهن به انهن جو نقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سندن چوڻ هوندو آهي ته اهڙي طرح اهي ڌارين جو مقابلو ڪري رهيا آهن.
اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جهڙن ماڻهن جو وجود گُهٽَ ٻوسٽ ۾ ٿڌڙي هير جيان لڳندو آهي، منهنجي ڊاڪٽر جوڻي سان واقفيت 45 سالن جي هئي. ان دوران ڪڏهن ويجها ته ڪڏهن تمام پري رهياسين. اسان جي واقفيت ان دور ۾ ٿي جيڪو سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به انقلاب جي اتساهه، جوش ۽ ولولي سان ڀرپور هئو، سنڌ ۾ هلندڙن ان انقلابي لهر جو وڏو مرڪز ڄامشوري جا تعليمي ادارا هئا ۽ اها ئي ڄامشوري جي پٿريلي زمين هئي جتي خير محمد سان منهنجي ملاقات ٿي. هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ مان انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هئس، جڏهن ته يونيورسٽي ٻنهي جي ساڳي يعني سنڌ يونيورسٽي هئي، اها ڄامشوري جي ڌرتي جنهن جي هوائن ۾ حب الوطنيءَ جو هڳاءُ هئو ۽ اها سنڌ يونيورسٽي جنهن جا هال ۽ ورانڊا آزادي ۽ انقلاب جي نعرن سان گونجندا هئا ۽ اِهي اُهي ڏينهن هئا جڏهن سٺا شاگرد ئي سٺا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هوندا هئا.
منهنجي خير محمد جوڻي سان ملاقات، واقفيت ۽ دوستي به سياست جي ميدان کان ٿي. اها دلچسپ صورتحال هئي ته هڪ ئي وقت هڪ ٻئي جا سياسي حليف به هئاسين ته حريف به. هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان واڳيل هو جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل هئي جڏهن ته مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪارڪن هئس جيڪا سائين جي ايم سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪري رهي هئي. اهو جيئن ته نظرياتي سياست جو دور هئو ته اسان ۾ نظرياتي طور فرق هئو هنن جي جدوجهد جو مرڪزي نقطو طبقاتي انقلاب هو ۽ اسان قومي جدوجهد کي اوليت ڏيندڙ هئاسين. ان ڪري قلم ۽ زبان سان هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪندا رهندا هئاسين. ٻئي طرف رياستي  جبر ۽ فاشسٽ حربن جو ٻئي ڌريون نشانو بڻبا هئاسين، تنهن ڪري  ان خلاف جدوجهد ۾ وري اسان اڪثر گڏ هوندا هئاسين. ان جو هڪڙو مکيه مثال ۱۹۷۲ع ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ۴ مارچ جو جلسو هئو جيڪو جساف ۽ ايس اين ايس ايف گڏجي منعقد ڪيو هئو ۽ جنهن ۾ ٻين کان علاوه سائين جي ايم سيد، سردار عطاءُ الله مينگل ۽ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ به شريڪ ٿيا هئا. ان کان صرف چند سئو فٽن جي فاصلي تي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ پ پ حڪومت جي حامي شاگرد تنظيمن سپاف، ايس ايس ڪو ۽ آزاد ماروئڙا جو گڏيل جلسو ٿيو. اڄ جي نسل جي آڏو ڀٽو حڪومت کي وڏو روشن خيال، عوام دوست ۽ جمهوريت پسند ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي پر  ان جي اصل حقيقت انهن کان پڇجي جن ان حڪومت کي ڀوڳيو. سياسي مخالفن سان ڪهڙا ڪلور ٿيا اهي تاريخ جي صفحن ۾ في الحال لڪل آهن. ڪميونسٽ ۽ قومپرست ٻئي ان جو شڪار ٿيا تنهن ڪري اهي ان حد تائين حليف هئا.
انهن ڏينهن ۾ مختلف ڌريون پنهنجو سياسي پروگرام ڦهلائڻ لاءِ ڪتابي سلسلا جاري ڪنديون هيون، رسالن جو ڊڪليئريشن ملڻ ته ڀٽو حڪومت ۾ محال هئو اڃا به ڪيترن جا ڊڪليئريشن ضبط ۽ رسالا بند ڪيا ويا. اهڙو ئي هڪڙو ڪتابي سلسلو منهنجو هم ڪلاسي ۽ دوست بشير ميمڻ ڪڍندو هئو. (نالو مون کي ياد ناهي رهيو) ان ۾ سندس ساٿاري خير محمد جوڻو هوندو هئو. اهو جوڻي صاحب سان منهنجي تعلق جو هڪڙو وڌيڪ سبب بڻيو. اهو ۱۹۷۲ع جو سال هو.
تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هر ڪو پنهنجي روزگار جي حوالي سان زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ هليو ويو. ڊاڪٽر خير محمد ته ماڳهين مختلف ملڪن ۾ هليو ويو. ان ڪري ميل ملاقات صفا گهٽجي وئي. پوءِ وري نئين صديءَ ۾ جڏهن هو نوڪري ڇڏي ڏيهه موٽي آيو ته اسان جي ملاقاتن جو سلسلو بحال ٿيو. ۲۰۰۳ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف نئين سر ڪالا باغ ڊيم جي خلاف مهم شروع ڪئي ته اسان ڪراچيءَ جي پي ايم اي PMAهائوس ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، ٽيڪنو ڪريٽس، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جو هڪ وڏو اجلاس گهرايوسين ان ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو به شريڪ ٿيو. ان اجلاس ۾ متفقه طور ڪالا باغ ڊيم جي خلاف مذمتي قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ اهو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو ته سنڌ جو جيڪو به ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح ڊيم جي حمايت ڪندو اهو نائومل، کهڙي ۽ راشديءَ جي صف ۾ بيهندو جنهن جو سنڌي ماڻهن کي سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي اهم قومي مسئلن تي مستقل آواز اٿارڻ لاءِ سيو سنڌ ڪميٽيSave Sindh Committee  قائم ڪئي وئي. ان جي اجلاسن يا ڪانفرنسن ۾ ڊاڪٽر جوڻو واري وٽيءَ سان شرڪت ڪندو هئو. آخري دفعو هن 15 فيبروري ۲۰۱۷ع تي ssc طرفان آدمشماريءَ جي مسئلي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا رايا ڏنا.
جيئن سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته ڊاڪٽر جوڻو گذريل ۱۵- ۱۶ سالن کان عوامي آواز ۾ مئنيجنگ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو هئو. منهنجا مضمون به سڀ کان وڌيڪ عوامي آواز ۾ ڇپبا آهن، اهڙي طرح اهو اڃا هڪڙو وڌيڪ سبب ٿيو اسان جي سٻنڌ جو، ڪڏهن عوامي آواز ۾ روبرو ڪڏهن فون تي ڪچهري ٿيندي هئي. اسان ڪراچيءَ ۾ جيڪي به جلسا، سيمينار يا ڪانفرسون ڪرائيندا آهيون مان انهن جي دعوت کيس لازمي ڏيندو هئس، پوءِ ڪن ۾ هو شريڪ ٿيندو هئو ڪن ۾ نه اچي سگهندو هئو. ۱۷ جنوري ۲۰۱۷ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري جلسي ۾ به شريڪ ٿيو هئو. دعوت لاءِ مان کيس ميسيج به ڪندو هئس ۽ فون به، فون کڻڻ سان ڊاڪٽر جو پهريون جيڪو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هئو سو اهو ته ”جي ادا“ ڪڏهن ان ۾ واڌارو ڪندي چوندو هئو ته ”جي ادا عبدالخالق“ ماڻهپو ۽ محبت رکندڙ هر ماڻهو سمجهي ۽ محسوس ڪري ٿو سگهي ته جڏهن ڪو ماڻهو گفتگو جي شروعات ئي اهڙي پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ واري جملي سان ڪري ته ان سان ڪلام جاري رکڻ ۾ ڪيترو نه سرور ايندو.
عوامي آواز ۾ مضمون مان اڪثر ڪري يا ته ڪنهن دوست جي هٿان (جيڪو  گهڻو ڪري منهنجو پٽ فدا هوندو آهي) يا ڪڏهن ڪمپيوٽر ذريعي موڪليندو هئس. پر جڏهن ٻن ٽن مهينن گذري وڃڻ سان ڊاڪٽر جي ڪچهريءَ جي ”ٻاڙ“ لڳندي هئي ته پوءِ مضمون پڄائڻ جي بهاني مان پاڻ ويندو هئس. مضمونن جي صفحي جو انچارج جناب زرار پيرزادو ۽ ڊاڪٽر جوڻو ويهندا به هڪ ئي ڪمري ۾ هئا، سو منهنجي لاءِ “هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار“ پهچڻ سان مضمون ٿيو زرار جي حوالي ۽ مان ڊاڪٽر جي قربائتي ڪچهريءَ جي حوالي، ڪچهريءَ ۾ زرار صاحب به اڪثر حصيدار هوندو هئو. مزي جي ڳالهه ته اسان ٽنهي جي دلچسپيءَ جي هڪڙي مشترڪه ڳالهه ڪرڪيٽ جي راند هئي. ڊاڪٽر ته تمام سٺو ڪرڪيٽر رهي چڪو جنهن پاڪستان جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ به حصو ورتو. مون ڪرڪيٽ کيڏي پوري ساري باقي ڄاڻ ۽ دلچسپي گهڻي رکندو آهيان. لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال زرار جي آهي.
بهرحال ڪرڪيٽ بابت گفتگو ٿيندي ورلي هئي. جيئن توقع ڪري سگهجي ٿي ته اڪثر ۽ گهڻي گفتگو سياست تي ٿيندي هئي جڏهن ته سماجي صورتحال، ماڻهن جا رويا ۽ ڪردار، شهري ۽ ڳوٺاڻو ڪلچر، مختلف شخصيتون، ڪتاب، پراڻيون يادون ۽ ٻيا ڪيترا گڏيل دلچسپيءَ جا موضوع بحث هيٺ ايندا هئا. بحث دوران منهنجي ۽ زرار جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرما گرمي به ٿي ويندي هئي پر ڊاڪٽر خير محمد مجال آهي جو ڪو تکو جملو ڳالهائي يا منهن ۾ گُهنڊ وجهي. وڌ ۾ وڌ گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي ويندو. ڪلاڪن جي ڪچهريءَ دوران سندس چهري جي رونق هڪ جهڙي ۽ گفتگو جو لهجو ساڳيو قربائتو رهندو. مون سان گڏ جيڪڏهن فدا به هوندو ته آفيس جي ملازم کي سڏ ڪري چوندو ته من! اسان ٻنهي (فدا ۽ پاڻ) لاءِ عام ماڻهن واري چانهه ٺاهي آ، هن (يعني مان) لاءِ رڳو ڪوسو پاڻي کڻي آ باقي ”پڙي“ مان پاڻهئي ٿو ڏيانس“، مطلب ته سبز چانهه.
آفيس ۾ به اوطاق جهڙي مهمان نوازي پئي هلندي مختلف مهمانن لاءِ انهن جي مزاج مطابق بسڪوٽ وٺي رکندو. مان ويندس ته بسڪوٽن سان گڏ مختلف برنيون کوليندو ويندو، ڪنهن ۾ نمڪو، ڪنهن ۾ سڪل ٻير ته ڪنهن ۾ ڪتل جون ڳڙيون، مان ڪيترن سالن کان مٺين شين کي هٿ به نه لائيندو آهيان پر خير محمد جي قربائتي ڪچهري ايتري مٺي هوندي هئي جو ان جي وچ ۾ ڪتل جي ٻن ڳڙين جو مٺاڻ محسوس ئي نه ٿيندو هئو. مختصر ۾ ائين چئجي ته ڊاڪٽر خير محمد ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور هوندو هئو. ڪچهري ڪندي صالح بِلو جهڙي ڪنهن مشترڪه دوست جي فون اچي ويس ته ان کي ضرور چوندو ته ”عبدالخالق جوڻيجو ويٺو آ، ڳالهائينس، ڪچهري دوران ڪنهن پراڻي دوست جو ذڪر اچي ويو ته فون کڻي ڪوشش ڪندو ته ان سان رابطو تازو ٿي وڃي، هڪڙي معاملي ۾ خير محمد منهنجو دشمن هوندو هئو. وقت مان اڌ ڪلاڪ جو سوچي ويندو هئس ته ڏيڍ ڪلاڪ کائي ويندو هئو.
۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ع تي مان جيئي سنڌ محاذ جي دوستن سان گڏ روپلي ڪولهيءَ جي ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ مِٺي ويل هئس. پروگرام ڪري رات جو واپس اچي رهياسين. ڪار ۾ مون سان گڏ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ظهور لغاري ۽ ڊاڪٽر جوڻي جو يونيورسٽي ڏينهن جو ايس اين ايس ايف جو ساٿي تاج بلوچ (جيڪو هاڻي جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ آهي) موجود هئا. اڄ ڪلهه هر ڪنهن جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي، اوچتو پوئين سيٽ تان تاج بلوچ جو آواز آيو ته ”سائين“ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو گذاري ويو. مون کان اهڙي دانهن نڪتي جو ڊرائيور پريشان ٿي ويو.  ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ منهنجي اکين اڳيان ڊاڪٽر خير محمد جو مرڪندڙ چهرو ۽ ساڻس ڪيل ڪچهريون فلم جي ريل وانگر اينديون ويون. خاص ڪري آخري ڪچهري ڏاڍي ياد آئي جيڪا صرف هڪ هفتو اڳ ۾ يعني 15 آگسٽ تي گوڙاڻي ڊيم بابت پنهنجو مضمون ڏيڻ مان عوامي آواز ويو هئس. ان ڏينهن مان بلڪل تڪڙ ۾ هئس ۽ هر هر اٿڻ جو ارادو پئي ڪيم پر ڊاڪٽر جي قربائتي گفتگو هر دفعي اٿڻ کان روڪي ٿي ڇڏيو. هڪ دفعي ته فدا کي آهستي چيم به ته يار هلڻو آهي پر ڇا ڪجي، نٿا هلي سگهون، ۽ پوءِ اها شايد اسان جي سڀني کان ڊگهي ڪچهري ٿي وئي. شايد ڊاڪٽر کي احساس ٿي ويو هئو ته اها اسان جي آخري ڪچهري هئي.
اها به حقيقت آهي ته مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو ويجهو ۽ گهاٽو دوست نه هئس پر پوءِ به ان جي وڃڻ سان مان پاڻ کي ايترو محروم محسوس ٿو ڪريان ته جيڪي سندس صفا ويجها ۽ گهاٽا دوست هوندا انهن جو ڇا حال هوندو. گهرڀاتين جي ڏک ۽ محروميءَ جو ته ذڪر ڪرڻ ئي اجايو ٿيندو.


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
محبتي ماڻهو
محمد شعيب بڪڪ
۲۳ آگسٽ واري رات ۱۱ وڳي منهنجي ماسات ۽ جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ مون کي فون ڪئي، چيائين ته ادا تو کي خبر آهي؟ مون چيو ته ادا ڇا ٿيو خير ته آهي، چيائين ته سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب گذاري ويو آهي.
مان جلد اٿي ويهي رهيس، مون چيو ته؛ سائين کي ڇا ٿيو؟ چيائين ته؛ مون کي به ڪنهن دوست فون ڪري ٻڌايو آهي، وڌيڪ ته مون کي خبر نه آهي.
سائين ڊاڪٽر خير جوڻي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن مان پنهنجي ڪالم جي سلسلي ۾ عوام آواز آفيس ويس، جيئن ته اسان واري صفحي جو انچارج سائين زرار پيرزادو صاحب آهي انهيءَ ڪري مان زرار سان ملڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس. ته اتي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب سان ٿي. توهان يقين ڪريو ته هو ايڏو محبتي ماڻهو هيو سندس پهرين ملاقات ۾ ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ اسان پاڻ ۾ ڪي ويجها دوست يا مائٽ آهيون.
اهڙو پيارو مٺو ۽ محبتي ماڻهو جنهن سان ملي ڪري ايڏي خوشي ٿيندي هئي جو مان توهان کي بيان نٿو ڪري سگهان.
مان جڏهن به سائين جي ڪمري ۾ ويندو هيس، سائين سان لازمي ملاقات ٿيندي هئي، سڀ کان پهريان تمام پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هيو. پوءِ چوندو هيو ته بابا بڪڪ صاحب پري کان آيو آهي، پهرين سائين کي ٿڌو پاڻي پياريو پوءِ وري چانهه کڻي اچو ۽ وري چانهه سان گڏ بسڪٽ لازمي ڏيندو هيو. پوءِ خبرون چارون شروع ٿينديون هيون.
سائين مون کي چوندو هيو ته تون ڪراچي جو اصلوڪو ماڻهو آهين، توکي ڪراچي جي گهڻي ڄاڻ آهي، انهيءَ مان مون کي به ڪا ڄاڻ يا معلومات ڏيو، حقيقت ۾ سائين کي به گهڻي ڄاڻ ۽ معلومات هوندي هئي پر منهنجي همت وڌائڻ لاءِ چوندو هيو ته تنهن جي ڪراچي جي باري ۾ ڄاڻ مون کان وڌيڪ آهي.
ڇو ته هو وڏو ماڻهو هيو، هن جي سوچ وڏي هئي. هو چاهيندو هيو ته مان ڪراچي جي مسئلن ۽ خاص ڪري سنڌي ڳوٺن تي لکندو رهان، مون کي چوندو هيو ته ادا شعيب مان جلد تنهن جي ڳوٺ ايندس اُتي ويهي گهڻي ڪچهري ڪنداسين، هي دفتر آهي هتي ڪهڙيون ڪچهريون.
سائين ڪچهري جو مور هيو. هر وقت کِل ڀوڳ ۽ منهن تي مٺي مرڪ سائين جي شخصيت کي وڌيڪ نوراني ڪري ڇڏيندي هئي.
جڏهن ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه شروع ٿيندي هئي ته مون کي چوندو هيو ته بابا پنهنجي ڪالم جي باري ۾ مون کي نه ٻڌاءِ سڀاڻي جڏهن اخبار ۾ ايندو مان پاڻ ئي پڙهندس، ان جو مزو خراب نه ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي ڪالم جي باري ۾ مونکي هينئر ٻڌائيندين ته مون کي پڙهڻ ۾ مزو نه ايندو. انهي ڪري مهرباني ڪري ٻي ڳالهه ڪر.
مون کي ياد ناهي ته سائين ڪڏهن ايئن چيو هجي ته مان وڃي رهيو آهيان يا مون کي ڪو ضروري ڪم اهي هميشه مون چيو ته سائين منهنجو پنڌ پري آهي، هاڻي اجازت ڏيو، هميشه اُٿي بيهي ڪري وڏي محبت سان موڪلائيندو هيو. سائين ڪچهري ڪندي لازمي طور زرار صاحب سان ڀوڳ ڪندو هيو، زرار هڪ تمام پيارو ۽ ماٺيڻو ماڻهو آهي، سائين جي ڳالهه تي يا ڀوڳ تي سدائين مرڪندو رهندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن تمام سٺو ۽ وقتائتو جواب ڏيندو هيو پوءِ ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هو.
جنهن سان محفل ۾ نئون رنگ رچي ويندو هيو، اڄ زرار صاحب جي ڪمري ۾ خاموشي آهي ۽ زرار صاحب جي اها مرڪ به مرجهايل آهي، سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب هڪ مڪمل سنڌي مهمان نواز ماڻهو هيو هن کي ماڻهن سان محبت هئي هو ڀوڳ ڀوڳ ۾ تمام وزندار ۽ نصيحت واريون ڳالهيون ڪندو هيو، تنهن ڪري سندس ڳالهين تي ماڻهو ناراض نه ٿيندا هيا.
هو عوامي آواز اخبار جي سونهن هيو، سندس هن بي وقت وڇوڙي تي عوامي آواز جي سڄي سٿ سميت اسين سڀ دوست ۽ ساٿي ڏکائتا آهيون، الله سائين سندس گهروارن کي صبر ڏي ۽ سائين کي جنت فردوس ۾ جاءِ ڏي.
جکرو جَسَ کرو ٻيا مڙيئي مير،

مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري. (شاهه)







ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو
”من“، محبتن جو سفير هو
قاضي آفتاب احمد ڏوڪري
تاريخ ۾ سنڌ امڙ جي ڌرتي تي ڪيترن ئي انمول ڪردارن جنم ورتو آهي جن پنهنجي پنهنجي خوشبو سان جڳ کي معطر ڪيو آهي اهڙن انمول ۽ بيمثال ڪردارن مان ڊاڪٽر خير محمد جوڻو به هڪ هو جنهن پنهنجي بهترين ڪردار سان معاشري ۾ خير ۽ نيڪي جو ٻج ڇٽيو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مڪمل طور محبتن جو سفير هو هن صرف ۽ صرف محبتون ڪرڻ سکيون هيون ڪنهن سان نفرت ڪرڻ جي ته کيس ماءُ لولي ئي نه ڏني هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان منهنجي پهرين ملاقات تقريبن 12 سال اڳ خيرمحمد آريجا ۾ ٿي ڊاڪٽر صاحب اتي عوامي آواز جي رپورٽر سيد عطا محمد شاهه پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ آيل هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب مون کي ملاقات ۽ ڪچهري دوران چيو ته اوهان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيو لکڻ پڙهڻ به ڄاڻو ٿا اوهان جيڪڏهن صحافتي دنيا ۾ اچو ته بهتر ٿيندو ڇاڪاڻ ته اوهان جهڙن نوجوانن جي صحافتي ميدان ۾ سخت ضرورت آهي. جنهن تي مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين جيڪڏهن توهان همٿ ڏياريو ٿا ته مان رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان دور ۾ سيد اصغر علي شاهه ڏوڪري ۾ عوامي آواز جو رپورٽر مقرر ٿيل هو. بعد ۾ سيد اصغر شاهه هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو جنهن ڪري ڏوڪري اسٽيشن خالي ٿي.مون ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان رابطو ڪيو جنهن مون کي بنا ڪنهن شرط شروط جي عوامي آواز ۾ ڏوڪري لاءِ رپورٽر مقرر ڪري ڇڏيو اهڙي طرح عوامي آواز ۾ ڪم ڪرڻ سبب ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان منهنجو تعلق اڃا به گهرو ٿي ويو جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين برقرار رهيو.
ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو سان ڪراچي ۾ منهنجون تمام گهڻيون ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ هن مون کي تمام گهڻو همٿايو بي انتها پيار ڏنو ۽ سمجهايو ته صحافت ڪرڻ ايڏو سولو ڪم نه آهي هي گلن جي نه پر ڪنڊن جي سيج آهي ان ڪري هن ميدان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن توهان کي گهٻرائڻ نه گهرجي. ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جن جي اجري ۽ صاف شفاف ڪردار جا اولڙا ايندڙ نسلن تائين پوندا آهن. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ گهڻ پاسائي شخصيت هو هن مسيحائي پيشي سان نڀائڻ بعد صحافتي ميدان ۾ به هڪ مثالي ڪردار نڀايو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي وڇوڙي جي خبر منهنجي دل ۽ دماغ مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پئي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هو اسان کان ڌار ٿي ويو آهي.ان ڏينهن جڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ڏوڪري جي دوستن سان گڏ قاضِي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد جوڻو پهتاسين ته سڄو ماحول سوڳوار نظر آيو هر پاسي ويراني ڇانيل هئي. دل تي سندس وڇوڙي جي غم جو غبار ڇانيل هو جنازي کڄڻ وقت هر اک آلي هئي ۽ جڏهن مون ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو آخري ديدار ڪيو ته ائين محسوس ٿيو ته هو مسڪرائيندڙ چپن سان اسان جو دل کولي آڌر ڀاءُ ڪري رهيو آهي ۽  مون کي ڄڻ ائين چئي رهيو آهي ته اوهان اداس نه ٿيو پريشان نه ٿيو مان توهان سان روحاني طور گڏ آهيان.توهان پنهنجو صحافتي سفر جاري رکو.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هڪ وڏو مهمان نواز هو ۽ هن جي اٿڻي ويهڻي مان سنڌ جي ثقافتي روايتن جا رنگ نظر ايندا هئا هو جيترو وڏو ماڻهو هو اوترو هو ننڍن ماڻهن سان پيار ڪندو هو نوجوانن کي همٿائندو هو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي موڪليل ڪا خبر عوامي آواز ۾ نه ڇپبي هئي ته اسان کيس فون ڪري شڪايت ڪندا هئاسين ته هو اهڙي پيار ۽ پاٻوهه سان شڪايت ٻڌندو هو جو اسان کان شڪايت ڪرڻ ئي وسري ويندي هئي مطلب ته هو ماکين مصرين جهڙو مٺڙو ماڻهو هو هن سدائين هر هنڌ محبتن جا گلاب پوکيا هو پنهنجن ۽ ڌارين سان به تمام بهتر نموني پيش ايندو هو.ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيتوڻيڪ اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو آهي پر سندس ساروڻيون خوبصورت يادون اسان جي دل جي تختي تي اڪرجي ويون آهن جن کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي اسان ڌڻي در دعاگو آهيون ته ڌڻي ٻاجهارو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي جنت الفردوس ۽ پوئنرن کي صبر عطا ڪري آمين.






خالي رهجي ويل ڪُرسيءَ جو ڏُکُ
رکيل مورائي
اهو ٻيو  ڏينهن هئو ۽ اها ڪرسي کالي پيل هئي، جنهن کي آفيس ۾ اچڻ وارن ڏينهن ۾ خالي پيل گهٽ ڏسڻ ٿيندو هئو. آفيس ۾ گهڙڻ سان نيوز روم ڪراس ڪري پهرئين ان آفيس جو در ايندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ويهندو هئو. منهنجو پهريون سلام ان دروازي تي ٿيندو هئو. ڇاڪاڻ ته ان ئي ڪمري ۾ زرار پيرزادو به ويهندو آهي.
سڄي ڏينهن جي ڍڪ ڊوڙ کان پوءِ هن آفيس جي دروازي جي اندر اچي ئي، چپن تي مرڪ ايندي هئي، جنهن جو سبب ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هوندو هئو. سلام سان ئي هُو زرار سان ڪونه ڪو ڀوڳ ڪندو هئو يا مان ڪونه ڪو سبب  جوڙيندو هوس، ائين اسان ٽنهي جي چهرن تي تازگي ايندي هئي ۽ پوءِ، سڀني لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪم هوندو هئو.
جتوڻيڪ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اخبار جو مئنجنگ ايڊيٽر هئو. پر اسان کي ڪڏهن به ائين ڪونه ڀاسيو ته هو مالڪ به آهي، هُو آفيس جي سڀني ڪارڪنن سان ۽ دوستن سان ”من“ ڪري ڳالهائيندو هئو. پر حيرت جي حد تائين مون کي محسوس ٿيندو هئو ته جڏهن به مون کي سڏيندو هئو ته ”ادا رکيل“ چئي سڏي هئو ۽ آفيس ۾ چوندو؛ ”من ويهه“.
ائين به آهي ته آڌر ڀاءُ جو اهو نمونو، ساهتي پرڳڻي جو نه آهي، اتر سنڌ جو آهي، پر جوڻي صاحب جي روح ۾ اهو رچي ويو هئو. ٻيءَ طرح  سندس  سمورو اٿڻ  ويهڻ ساهتي پرڳڻي وارو هئو.
ساهتي جي ضلعي نواب شاهه ۾ جنم وٺندڙ ۽ زندگي گذاريندڙ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، پوءِ صحافت جي ميدان ۾ آيو اڳ هن سياست جي ميدان ۾ پاڻ کي آزمايو.
سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست پنهنجو سفر ڪٿي پورو ڪيو ۽ ڊاڪٽر صاحب ان کان  عملي طور ڪڏهن الڳ ٿيو. اهو اهم نه آهي، اهم اهو آهي ته جوڻو صاحب ان سموري ڀڃ ڊاهه مان ڪجهه سکي، سياست کان ڀل  عملي طور الڳ ٿي ويو هُئو. پر هو نظرياتي طور، دلي يا دماغي طور ان مان مايوس ٿيو هجي، مون کي ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب توڻي جو سياسي ڪتاب وغيره به پڙهندو هئو. پر سياست تي تفصيلي هن گهٽ ڳالهايو، ادبي ڪتاب پڙهي انهن تي ڪجهه به سرس ئي ڳالهائيندو هئو.
هن جن شخصن سان سياست ڪئي، اهي نظرياتي/ کاٻي ڌر جي سياست جا اهم نالا آهن، مثال طور شهيد نذير عباسي جو نالو ڳڻائي سگهجي ٿو، ڄام ساقي ۽ ٻين ڪيترن شخص جا نالا آهن، سندس ان تعلق ئي ممڪن آهي ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي کيس آماده ڪيو هجي.
ڊاڪٽر صاحب ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ چڱو ئي عرصو ليبيا ۾ رهيو ۽ پوءِ واپس  ايندي ئي، ڊاڪٽريءَ کي الوداع ڪيائين ۽ صحافت جي ميدان ۾آيو ۽ عوامي آواز اخبار ۾پنهنجي جهوني دوست ۽ سياسي همسفر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏجي ويو.
حيرت جي حد تائين ڊاڪٽر صاحب مونکي ڊاڪٽر کان وڌيڪ هڪ رڄ چڱو مڙس ۽ راڄوڻو ماڻهو لڳندو هئو، جنهن کي ڄڻ هن شهر جي منصنوعيت ڇهيوئي نه هئو، هن جي ڳالهائڻ جو انداز، اٿڻي ويهڻيءَ جو انداز بلڪل انهن ڳوٺاڻن جهڙو هئو، جيڪي ڳوٺن جي ڇپر ڇانءَ هوندا آهن. هو شهر ۾ رهندي به پنهنجو لهجو، پنهنجو لباس ۽  پنهنجو روح هن شهري آلودگيءَ بچائي سگهيو، اهو جس کيس ڏانهن وڃي  ٿو.
تفصيل ۾مان شايد ائين چوان ته هو سنڌي ڳوٺاڻي ثقافت جو مجسمو هئو. سڀني وصفين هو اهڙو سنڌي محسوس ٿيندو هئو، جنهن تي سنڌ جي ثقافت به شايد فخر ڪري.
مون کي خبر  ناهي ته ڪڏهن نوجوانيءَ ۾، شاگرديءَ واري دور ۾ يا ملڪ کان ٻاهر هجڻ واري وقت ۾ هن مغربي لباس پاتو هجي، پر مون جڏهن کان کيس ڏسڻ شروع ڪيو هو ته کيس هڪ مڪمل سنڌيءَ جيان ڏٺو. بيحد سهڻا ٺهيل قميص سلوار ۽ مٿي تي نهايت شاندار سنڌي ٽوپي ڏٺي، جيئن ته سيٺيون سنڌي ٽوپيون مون کي موروثي طور وڻنديون آهن ۽ مان شوق سان پائيندو به آهيان، ان ڪري اڪثر ساڻس ٽوپين جي نسلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب وٽ، سنڌ جي الڳ الڳ حصن ۾ پاتيون ويندڙ ڪيترين ئي ٽوپين جا نمونا موجود هوندا هئا ۽ هو انهن کي شوق سان استعمال ڪندو هئو.
ائين به ٿيندو آهي ته ڪي شخص، ٽوپيون يا قيمتي لباس اوڍيندا ته آهن، پر کين اهو پتو نه هوندو آهي ته اهي سندس بيهڪ کي ڪيترو نکاري رهيا آهن، ان حوالي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٽوپيون ۽ لباس استعمال ڪرڻ ته ايندو هئو، پر اهو سڀ سندس شخصيت ۾ نکار به آڻيندو هئو. جنهن سبب سندس شخصيت وڻندڙ لڳندي هئي ۽ ان وڻڻ کي وڌيڪ وڻندڙ ڪندڙ سندس سڀاءُ هوندو هئو، جيڪو سدائين خوش رهڻ وارو ۽ ٻين کي خوشي ڏيڻ وارو رهيو. يا چوڻ گهرجي ته هو اهڙو شخص هئو، جنهن سان ملي دلي خوشي محسوس ٿيندي هئي.
کيس دل جي تڪليف هئي، پر تڪليف جو اظهار هن  ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ڪيو، ايستائين جيستائين اها کيس مڪمل جواب ڏيئي وئي. هاڻ هو ان دل کي ميار ڏيڻ لاءِ موجود نه آهي پر اسان شدت سان محسوس ڪيون ٿا ته جنهن دل جي، هن بردبار شخص ٽيهٺ سال شڪايت نه ڪئي اها ساڻس اڌ ڪلاڪ کان ڪلاڪ جي وچ واري عرصي ۾ اهڙي بيوفائي  ڪري وئي جو اڄ تائين اعتبار نه اچي رهيو آهي، ممڪن آهي ته جن سين سان  گهڻو پيار ڪيو ويندو آهي، اهي ائين دوکو ڪنديون هجن.!
اهو ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ان دل سان ڪڏهن به دوکو نه ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو اهڙو شخص نه هئو، هو ته ان مٽيءَ مان جڙيل هئو. جنهن مٽيءَ عالم جي ڏکويل ماڻهن کي به پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ شخصي طور ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ان مٽيءَ مان جڙيل اهڙو شخص هئو جنهن ان فرض کي پنهنجو فرض ڪري سمجهيو ۽ ڪيترن ئي اڙين جو آڌار بڻيو. جنهن جو شاهد منهنجو دوست ۽ خوبصورت شاعر بخشل باغي آهي، جنهن ان ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ ننڍپڻ گذاريو آهي. جنهن ڳوٺ ۾ هاڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مستقل ان ماءُ جي جهوليءَ ۾آرامي آهي، جنهن ماءُ کيس پنهنجي ڀوميءَ جي سڃاڻپ ڏني جيڪا ئي سندس ”جنم ڀومي“ به سڏجي ٿي ته ”ڪرم ڀومي“ به.
ڊاڪٽر صاحب ان ڏينهن اسان جي سامهون آيو، آفيس جي ڪرسيءَ تي ويٺو. سلام جو جواب ڏنائين؛ ”من هيڏانهن ته اچجانءِ“ چيائين، ڪي پل ئي چئبا يا پهر ئي چئبا، جيڪي هن گرميءَ سبب بي چينيءَ ۾ گذاريا، سندس بيچين سندس چهري تي ظاهر ٿين لڳي، ٿورن ئي پلن جي وٿي هئي جن ۾ هو، تڪڙو اسپتال پهچايو ويو ۽ اهي پل ئي هئا، جو هو هتان جي سڀ ڪجهه کان موڪلائي، ان ئي انداز سان هليو ويو، جيڪو انداز هن جو پنهنجو نرالو ڏيک ڏيندو  هئو.
اڄ به زرار پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي، آفيس جا سڀ بلب روشن آهن، سمورو ڪاروهنوار جيئن جو تئين آهي، سڀاڻي اخبار به سج اڀرڻ کان پهرئين سنڌ ۾ پڄندي، بس! فقط هڪ ڪرسي آهي، جيڪا خالي پئي آهي ۽ هيءَ اها ڪرسي آهي، جنهن تي هو ٽيڪ ڏئي ويهندو هئو. دوستن سان فون تي ڳالهائيندو هئو. آئي وئي سان ڪچهريون ڪندو هئو، اڪثر اخباري ڪارڪن لاءِ مٿي جي سور، بخار ۽ ٻين تڪڙي علاج وارين گورين جو ڊٻو پاڻ وٽ رکندو هئو.

اهو اڄ شخص، جنهن تي ڪنهن به گوري، اثر نه ڪيو ۽ تڪڙو هليو ويو، ساڻس تعلق ۾ رهندڙ سڀ شخص ڪنهن نه ڪنهن  طرح پنهنجي ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا، پر ان ڪرسيءَ جو ڏک ڪير بيان ڪري سگهندو، جيڪا سندس وڃڻ کانپوءِ خالي پئي آهي ۽ اٻاڻڪي آهي، ان خالي رهجي ويل ڪرسيءَ جو ڏک ڪڏهن اظهار پائيندو؟. شايد ڪڏهن به نه....!




ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو
نه وسرندڙ شخصيت
ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو
اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ۶۳ سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. ۱۵ سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو.  ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا.
ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي آبادگار  تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو،  پر سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو.
اڄ جيئن ته  ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس  صحافتي ڪردار، سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار  آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن.
ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مان به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان..


ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو
نه وسرندڙ شخصيت
ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو قاضي احمد
اسان جي سنڌ ڌرتي سوني ڌرتي آهي، جتي معدني ذخيرا ته بي شمار آهن، اتي باڪمال شخصيتن جو جنم به تمام جھجهو آهي. ان حوالي سان سنڌ ڌرتي جو مان ۽ ڳاٽ اوچو آهي. اسان جي سنڌ سوين نه بلڪ هزارين ۽ لکين لعل ۽ هيرا پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جو نالو ڏيھ توڙي پر ڏيھ ۾ روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي باڪمال شخصيتن ۾ اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. 20 سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا.
ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ
هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو.
اڄ جيئن ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس ڪيل صحافتي ميدان ڪم ۽ سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو.
ڊاڪٽر صاحب نهايت ئي باخلاق انسان هو ان جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر هڪ ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو، ان مام معلوم ڪري سگھجي ٿو ڊاڪٽر صاحب هڪ اعليٰ قسم جو با اخلاق انسان هو.
ڊاڪٽر صاحب جون خوبيون ۽ همدرديون لکندي ادل سومرو پنهنجي ڪالم هن طرح اظهار ڪيو آهي:.
آءُ عوا مي آواز ۾ 2007 ع کان 2012 تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ 4 سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ” من “ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ 2016ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو”.
ڊاڪٽر صاحب بابت ادل سومرو پنهنجي ڪالم ۾ وڌيڪ ويچار ونڊيندي هن طرح لکي ٿو:
جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي” .
ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مون به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان. آخر ۾ ڀٽائي سائين جي هن سٽ “ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهؤَ منجهه بوءِ بهار جي”


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جو وڇوڙو
ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو
سنڌ جو سينئر صحافي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، هو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين عوامي آواز جي پليٽ فارم تان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو، جتي هو آخري وقت تائين مئنيجنگ ايڊيٽر جون ذميواريون نڀائي رهيو هو. ڊاڪٽر خير محمد جُوڻو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي شاگرد سياست سان لاڳاپيل رهيو، ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ هن ڊاڪٽري ڪرڻ کان وڌيڪ صحافت جي ميدان تان عوام جي خدمت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو ۽ عوامي آواز سان باقاعدي ڳنڍجي ويو. ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڳوٺ جو ننڍڙو زميندار پڻ هو، جنهن سبب ضلعي جي آس پاس وارن علائقن ۾ سندس چڱو اٿڻ ويهڻ هو، هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائي وارين تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي پاڻ ڀرو ڪيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شروع کان جيئن ئي، سوشلسٽ خيالن کان متاثر ٿيو ته آخري عمر تائين انهن خيالن جو ئي رهيو، سندس ويجهن سياسي دوستن ۾ شهيد نذير عباسي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، احمد خان جمالي ۽ صالح بلو اهم ڄاتا وڃن ٿا، هو شاگرد تنظيم ايس اين ايس ايف ۾ نهايت سرگرم ٿي رهيو، جنهن ۾ پڻ سندس دوستن جو چڱو ئي حلقو رهيو. هُو ويجهي عرصي ۾ عملي سياست کان وڌيڪ وقت پنهنجي صحافتي ڪمن کي ڏيئي رهيو هو.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجا نجي ويچار رکندي به سنڌ جي کاٻي، توڻي وطن دوست ۽ روشن خيال سياسي دوستن جو هڪ وڏو حلقو رکندڙ شخص هو. سندس تعلق ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان به رهيو ته سياسي ڪارڪنن سان پڻ! ساڳي وقت هو سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن جو به احترام ڪندڙ شخص هو. ڪتابن سان سندس ويجهڙائپ آخري وقت تائين رهي، هو هر ان سياسي پارٽيءَ جو دوست هو، جيڪا سنڌ دوست ۽ عوام دوست هئي. سندس وڇوڙي تي مختلف پارٽين ۽ ادبي، علمي تنظيمن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو وڇوڙو نه فقط عوامي آواز ميڊيا گروپ جو نقصان آهي پر سنڌ پنهنجي هڪ سچي دوست کان محروم ٿي وئي آهي. هيءُ ڏک سموري سنڌ ۾محسوس ڪيو ويو آهي، خاص ڪري سنڌي صحافت جي دنيا لاءِ هي ڏک نه سهڻ جهڙو آهي. اڄ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس وڇوڙو هڪ ڏک جي لهر پيدا ڪري ويو آهي، جيڪو ڏک سدائين رهڻو آهي.
ٽيهٺ سال اڳ ساھتي پرڳڻي ۾ ان وقت ڊاڪٽر صاحب جنم ورتو، جڏهن هن ملڪ جي سياست عوام جي خواهش جي ابتڙ ۽ عوام دشمن قوتن جي هٿ هيٺ هلي رهي هئي ۽ سنڌ جو عوام سخت بيحسيءَ ۾ گذري رهيو هو. اهڙين حالتن ۾ سموري سنڌ جيان ضلعو نوابشاهه به سرگرم هو،
ڊاڪٽر خير محمد شخصي طور هڪ مجلسي، قربائتو، ڪچهري جو مور ۽ راڄوڻي مڙس هو، هن وٽ جيڪو به مهمان لڙي ايندو هو، سو سندس مهمان نوازي يعني سندس اخلاق، نياز نوڙت ۽ قرب کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان مان دوستن وانگر هجائتو هوندو هيس. ساڻس ڀوڳ چرچا به ٿيندا هيا. پنهنجي ڪمري جو پنهنجو ئي هڪ الڳ ”ماحول“ ۽ ”رنگ“ هوندو هو. ڪرڪيٽ جي موضوع تي به وڏيون ڪچهريون ٿيندون هيون. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي جيڪا سڀ کان عظيم خوبي هئي، جنهن هن کي هر دلعزيز بڻايو، سا هئي، موقعي تي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ واري خوبي. هو پنهنجي اخلاق، مٺي ۽ حجائتي زبان سان ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو. ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُيا ته هو هڪ ميڊيا گروپ جي وڏي عهدي تي هوندي به ههڙي فقيري، قلندري ۽ درويش صفت طبيعت جو مالڪ آهي!
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب اسان جي بزرگ ۽ سڀني سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي پيرن مرشدن وانگر عزت ڪندو هو، سائين جي بيماريءَ  جي کيس ڏاڍي ڳڻتي هوندي هُئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ به ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، اداري جي هر معاملي ۾ ڊاڪٽر جوڻي کي اعتماد ۾ ضرور وٺندو هو ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندو هو ته ڊاڪٽر جوڻو پريشان نه ٿئي. ڊاڪٽر خير محمد جو جيئڻ به ڪمال وارو هو ته سندس زندگيءَ ۽ دنيا کان موڪلائڻ وارو انداز به ڏاڍو باوقار ۽ شانائتو هو.
جيتوڻيڪ هو پاڻ ڊاڪٽر هو، دل جو پراڻو مريض هو ۽ پنهنجي حالت کان هو چڱيءَ ريت واقف هو. مان ڊاڪٽر خير محمد صاحب کي زندگي ۽ دنيا کان انتهائي پرسُڪون ۽ باوقار نموني موڪلائيندي ڏٺو، هو ڪنهن ريت به پريشان نه هو، چهري تي ڪو گهنج به نه هيس، نه ئي جلد اسپتال پهچائڻ جي ڪا پريشاني يا دانهن هيس، زبان تي نه ئي موت سان ڪو جهيڙو يا شڪايت!! ڊاڪٽر خير محمد جوڻي ڀٽائي جي هن سٽ جيان پنهنجي زندگي موت جي حوالي ڪئي ته: ”مرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان“



ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

ھو سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو

ادل سولنگي

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ  تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ  خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي.کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان ڪندا هئا.

دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي  جدوجهد  ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن.. ڪميونزم  فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو.

واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ  ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو  شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنجيدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو.

ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون  پر اسان کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو.

ڪراچي جي ادارن ۾ جتي  هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر  خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهو شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي  تصوير نمايان نظر ايندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي  پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون  قائم ڪري پنهنجي ڏيهه  روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ”من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ ۾ خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ سندس ورسي تي جيڪو ڏک ۽ درد  ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

پهرين ورسي جي نسبت سان

صالح بلو

ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي وڇوڙِو ٿيندي هڪ سال گذري چڪو آهي، سندس ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي ورسيون ڪري يادون تازيون ڪيون ويون آهن، ڪامريڊ خير محمد جوڻجو کل مک يارن جو يار سدائين من جي پيارن لفظن سدان سڀني کي ياد ڪندو رهندو هو، جنهن جا قرب ڀريا وڏا وڏا ڀاڪر وسرڻ جهڙا نه آهن، گهمڻ جو شوقين ٿيندڙ  ٽوئرن ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو، سندس ڳوٺ مير محمد جوڻو جيڪو قاضي احمد ڀرسان آهي، جتي اوطاق متل هوندي ڊاڪٽر جي پهچڻ جو ٻڌي ننڍا وڏا پهچي ويندا هئا، متو ڄام انڙ جيڪو درويش انسان هو، ساڻس ڀوڳ چرچا پيو ڪندو هو، جنهن کي اڪثر پنهنجي ڪار جي اڳيئن سيٽ تي ويهاري قاضي احمد شهر وڃي مخصوص دڪان تان سامان خريد ڪري ڏيندو جيڪو ٽوپي، رومال، بوٽ هوندو، متو ڄام به ان ۾ خوش، ڪامريڊ خير محمد جوڻو ڪچهري جو ڪوڏيو پيو ڳالهيون هيڏانهن هونڏانهن جون ڪندو رهندو هو، شاگردي زماني کان وٺي ڪرڪيٽ جو شوقين هوندو هو، جيڪو قائم ملاح، عبدالرحمان عرف ادو انصاري، اصغر انصاري، اڪبر مغل، فولادي امجد ۽ ٻين سان گڏ مختلف شهرن ۾ مئچون ڪندا هئا، ناچايز به ساڻن گڏ هوندو هو، جيڪو ڀوڳائي قسم جو انسان هو، استاد رحيم لاکو حاجي ابراهيم پڻ سندس ساٿي هئا، اسان به عيد تي سندس ڳوٺ هوندا هئاسين ۽ راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندا رهندا هئاسون، جيڪو ايس اين ايس ايف جي شروعاتي اڳواڻن ۾ هو، بعد ڊي ايس ايف جي مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ نئپ ۾ به رهيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي تقريبن هر پروگرام ۾ موجود هوندو هو، ڪامريڊ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ شامل رهيو، جيڪو ايل ايم سي ڄامشورو مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ لبيا ۽ ٻين شهرن ۾ نوڪري پڻ ڪئي، جنهن ڪامريڊن ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي ۽ ٻين سان هر ڏک سک ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد ياداشت جو ڏاڍو هوندو هو، سندس ياري به ڪافي ڦليل هوندي هوندي هئي، ٿلهو ٿنڀرو قداور شخص جنهن هر تڪليف کي دل ۾ سانڍي رکيو، ڪنهن سان به ڪا شڪايت نه ڪئي، جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ٽٽي ۽ ڪامريڊ گهڻا صحافي بنجي ويا، ڪن اخبارون ڪڍيون ڪامريڊ خير محمد جوڻو به ليبا کان موٽڻ بعد ڪامريڊ احمد خان جمالي جي چوڻ تي عوامي آواز جو شيئر هولڊر بنيو ۽ بعد احمد خان جمالي عوامي آواز کي خير آباد چئي ڇڏيو، ليڪن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، عوامي آواز ۾ آخري وقت تائين مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو، جنهن جي ياداشت ڏاڍي تيز هوندي هئي ۽ هر ساٿي کي نالي سان سڃاڻيندو هو، ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد بحث مباحثي ۾ تيز هوندو هو، ڪامريڊ خير محمد جوڻو سيد رشيد احمد شام قاضي محمد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ نظير عباسي، ناچيز صالح بلو ۽ ٻين جو ساٿي هو، اڪثر شاگردي دوري واريون ميٽنگون سندس ڳوٺ ۾ ٿينديون هيون، سندس ڪيتريون ئي يادون وساري نه ٿيون سگهجن، جيڪو سگريٽن جو موالي ته نه هو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن سنگت سان گڏ پي وٺندو هو، مان پن جون ٻيڙيون گهڻيون پيئندو هوس، هڪ دفعي ڪنهن سنگت سان بيٺا هئاسين، انهن سگريٽ پيئڻ لاءِ چيو مون هٿ سگريٽ پي ورتو ته اهو ڦري ورتو چيو ته سگريٽ ڪو نه پيئندو آهي پن جون ٻيڙيون پيئندو آهي، ڊاڪٽر کي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ مليو اهو به تو برداشت نه ڪيو مان سنڌ لاڪاليج حيدرآباد ۾ امتحان ڏئي رهيو هوس مون سان گڏ لالا خدائي نظر امتحان ڏئي رهيو هو.

جڏهن سابق چيف جسٽس چوڌري افتخار به اتي لا ڪري رهيو هو، ڊاڪٽر خير محمد اسان کي ڪاپي ڪرائي رهيو هو ته چوڌري افتخار به شريڪ ٿيو وڃي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيڪو اسان سان گڏ پارٽي ڪنوينشن ۾ شامل هو واپسي ۾ اسان ڪوهه مري وياسين برف تان منهنجو پير ترڪي پيو ٿڌ مٿي کي لڳي وئي، مان چوان پيو ته ڊاڪٽر ڀنجو پئجي ويو، ڊاڪٽر کلي چيو جنهن لاءِ مذاق ٿي ويو، خير اسان پنڊي ۾ آياسين ۽ ڊاڪٽر جي هڪ دوست ڊاڪٽر وٽ رهياسين جيڪو ايل ايم سي ۾ پڙهندو هو ۽ منهنجو به وقف هو، مون کي گئس ٿي ڪجهه آواز نڪتا پنجابي ڊاڪٽر کي غيرت اچي وئي، جيڪو موريون کائي آيو پوءِ ته مقابلو شروع هو، جيڪو کٽي ويو اهڙا ڪيئن ڀوڳ ٿيندا رهندا هئا، سکر ۾ سردار علي بخش مهر جي دعوت ۾ هر طعام موجود هو، منهنجي عادت رهي ته گوشت کائندس ته مڇي پلو نه کائيندس مان  گوشت کائي ويس ڊاڪٽر کي چيو ته يار پلو ڪو نه هو ڊاڪٽر کلي چيو ته پنهنجي سامهون پلو هيڏو سارو پيو هو ته نه کاڌو خير اسان کي تحفي ۾ ٽوپيون، اجرڪون مليون، اسان سان گڏ سوڍو جوڻو جيڪو ڊاڪٽر جو مائٽ هو، ڪراچي ۾ رهندو آهي اهو به ساڻس بهرحال سردار علي  بخش مهر ڏاڍي خدمت ڪئي، جيڪو پڻ وفات ڪري ويو آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جنهن سان به ياري رکندو هو ان سان نڀائيندو هو، جڏهن به ڪنهن سان ڳالهين ۾ ويهندو هو ته وڏي برد باري سان ڳالهائيندو هو، هڪ دفعي مون کيس چيو ته ڊاڪٽر مون کي موٽرسائيڪل سيکار جو روپوشي ۾ وڏو مسئلو ٿئي ٿو، ڊاڪٽر ۽ مان قاضي احمد روڊ سان موٽرسائيڪل تي سوار هئا واري هجي روڊ سان بس اچي پئي هو چوي ڪلچ هلڪو ڪر مان اڃا به وڌايان پيو، مرگو ڪريا هئاسين بس وارا به ڏسندا پيا اجهو ڪريان ته کڻو خير بچي وياسين، جڏهن مارچ ۱۹۷۷ع ۾ صوبائي اسيمبلي نوابشاهه مان اليڪشن ۾ بيٺس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سندس مائٽ مرحوم معروف جوڻو سندس ڀاءُ دادو ورڪ ۾ گڏ هوندا هئاسين، رات ڏينهن ڳوٺن ۾ ورڪ ڪندا رهياسين، پنج هزار ووٽ پيا، سيد نذر شاهه سان مقابلو کٽيان ته ڪو نه ها ڪامريڊن بيهاريو هو سو بيٺاسين ڊاڪٽر خير محمد جيڪو نوابشاهه ايندو هو ته يا اڪبر مغل وٽ رهندو هو يا وري مون وٽ رهندو هو، اسان واري اوطاق جيڪا سياسي بنيل هئي، جتي اڪثر ڪامريڊ ايندا هئا ۽ رهندا هئا، ڪامريڊ خير محمد جوڻو جي شادي به ڊاڪٽر زرينه پنهور سان ٿي، جن جا حيدرآباد ڪراچي ڊفينس ۾ بنگلا هئا، مان ڪراچي ويندو هوس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو وٽ ڊفينس ۾ رهندو هوس، ڊاڪٽر خير محمد  جوڻو جيئن عوامي آواز آفيس پهچندو هو ته پهرين مون کي فون ڪندو هو استاد رحيم بخش کي حال احوال ڪندا رهندا هئاسين پر سندس آخري ٽيليفون ان وقت آيو، جڏهن هن ٻڌايو سيد پير شاهه جي نياڻي ڪرنٽ لڳڻ سبب اوڏانهن ويو هو جيڪو بعد ڪنڊيشن خراب ٿيڻ  ڪري جناح اسپتال کڻائي ويا، ليڪن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڄڻ آخري ملاقات ڪئي، جنهن کي اڄ سال پورو ٿي ويو.


 

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه

عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايديٽر، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مُنهنجو دوست هُئو، ڊاڪٽر جوڻو ڪيترين ئي صلاحيتن جو مالڪ هُئو، پر هن جي هڪ خوبي بيحد وڻندڙ هُئي ته هُو يارن جو يار هُئو.

هو پنهنجي خاندان جو چڱو مڙس هُئو ۽ هن جي طبيعت ۾ هڪ ڊاڪٽر هجڻ باوجود جيڪا چڱ مڙسي هُئي، اها هن ڪڏهن  به پنهنجي هٿان وڃڻ ڪا نه ڏني.

ڊاڪٽر خير محمد ۽ مان ڪراچيءَ ۾ اڪثر صُبح جو پنڌ گڏ ڪندا هئاسين ۽ اُن پنڌ دوران ڪيترن ئي ملڪي سنڌ توڻي ذاتي مسئلن تي ڳالهائيندا هُئاسين، اڪثر اسان پنهنجا فيصلا هڪ ٻئي سان صلاح مصلحت لاءِ ونڍيندا هُئاسين.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيشي جي ڪري ملڪ کان ٻاهر به رهيو ۽ آخري وقت ڪراچيءَ وقت ۾ رهيو پر هن پنهنجي اندر مان هڪ مهمان نواز سنڌيءَ کي ڪو نه ڪڍيو، سندس عوامي آواز واري آفيس توڻي ڳوٺ واري اوطاق تي سدائين سندس دسترخوان ڪشادو رهندو هُئو، جنهن جي ڪري سندس چهري تي جيڪا خوشي پئي ٻهڪندي هُئي اها ڏسڻ وٽان هوندي هُئي اڄ به سندس مُرڪندڙ چهرو اڪثر منهنجي اکين اڳيان اچي بيهندو آهي، جڏهن به مان ڊاڪٽر صاحب جي ڳڻن تي سوچيان ٿو ۽ سندس هلت چلت ۽ گفتگوءَ کي ياد ڪيان ٿو ته ڀٽائي سائينءَ جو هڪ بيت ذهن تي تري اچي ٿو.

ماڻهو سڀ نه سُهڻا، پکي سڀ نه هنجهه

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي

ڊاڪٽر صاحب سان پنهنجي تعلق ۽ ڪچهرين کي ياد ڪريان ٿو ته من ۾ بهارجي مند اچي وڃي ٿي ۽ سندس ڳڻن ويچاريان ٿو ته اکيون ڀرجي اچن ٿيون، ڊاڪٽر صاحب هڪ ڳڻائتو انسان پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن لاءِ فقط نه هُئو، پر پنهنجي يارن دوستن ۽ تعلق وارن سڀنيءَ لاءِ هڪ چڱي مڙس وارو شانائتو مرتبو رکندو هُئو، ساڳئي وقت هو احسان ياد رکڻ وارو شخقص به هُئو.

سندس آفيس ۾ سدائين بخار، مٿي جي سور يا اهڙي ڪنهن به هلڪي سلڪي بيماريءَ جي علاج طور ڪيترن ئي قسمن جون گوريون اتي ڪم ڪندڙن لاءِ رکيون هونديون هيون، ڏاڍ سٺا ڪتاب سندس آفيس ۾ رکيل هوندا هئا، جن کي پڙهندو رهندو هُئو، ملڻ يا ڳالهه ٻولهه ۾ ڪجهه وقفو پئجي ويندو هُئو ته پاڻ ئي دوستن کي فون ڪري سندن حال احوال وٺندو هُئو ۽ ڏيندو هُئو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڳوٺ قاضي احمد ڀرسان هڪ شاندار مُک دروازو ٺهرايوڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي پاڻ مهرباني ڪري ان جو افتتاح مون کان ڪرايائين، ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ دوستن يارن لاءِ عاليشان مانيءَ جو بندوبست ڪيائين، ڳوٺاڻن کي به ماني کارايائين سندس ڳوٺ ۾ سندس مان ۽ مرتبو ڏسي مونکي بيحد خوشي ٿي، پاڻ دروازي ٺهرائڻ جو سڄو خرچ ڪيائين اڪثر عيدن وغيره ۽ ٻين ڏهاڙن تي هو پنهنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ گذاريندو ۽ پنهنجي هارين نارين ۽ دوستن اوڙي پاڙي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هُئو، اڪثر دوستن جي خوشين توڙي غمين ۾ شريڪ ٿيندو هئو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي تعلق مونکي اهو فائدو ڏنو هُئو ته مان اڪثر عوامي آواز جي آفيس وڃڻ جي بهاني گهران نڪري ڪي دوستن جون علمي ادبي محفلون به اٽينڊ ڪري وٺندو هوس ۽ يارن دوستن سان ملي به وٺندو هوس هاڻ عمر ۽ بيمارين سبب ٻاهر گهٽ نڪران ٿو، دل چوي ته ٺيڪ هجان ته ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ سندس ٻارهي تي ضرور وڃان ها پر نه وڃڻ جو قرض هيءُ ٻه اکر لکي لاهي رهيو آهيان شال قبول پون ڇو ٿه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي کانپوءِ هڪ دل گهرئي دوست جي نه هجڻ جو ڏک سدائين ڏکوئيندو رهي ٿو.

پر چوندا آهن ته جيڪو گهڙو جُڙيو آهي اهو هڪ ڏينهن ضرور ڀڄڻو آهي، انسان به ڄائو آهي ته هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي مالڪ ڏانهن واپس موٽڻو آهي.

اهو ضرور آهي ته سندس سٺا يا خراب عمل دنيا ۾ سندس ياد ڪرڻ لاءِ رهجي وڃن ٿا، جيڪڏهن هن جا سٺا عمل آهن ته نيڪيءَ طور ياد ڪيو ويندو جيڪڏهن سندس عمل سٺا نه آهن نه بديءَ طور ياد ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيئن ته ڀلو انسان هئو ان ڪري هو سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو هِت به ته هُت به ڌڻي تعاليٰ سندس درجات بلند ڪري کيس لاءِ هيءُ بيت ڌيان ٿو.

گوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا

نوٽ: مرحوم ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي شخصيت تي سهيڙيل ڪتاب “من موڪلائي ويو” جي اڄ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ ٿيندڙ مهورتي تقريب جي موقعي تي جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي خاص لکڻي هتي پيش ڪجي ٿي.



ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ

ادل سولنگي

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نوجوانيءَ ۾ ايل ايم سي ڄامشوري ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هجڻ واري زماني ۾ ڪميونزم فلاسافيءَ واري سياست سان سلهاڙيل رهيو، جنهن کي عام اصطلاح ۾ ”کاٻي ڌر“ چيو ويندو آهي. کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ نوجوانن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايترو عشق هوندو هو، جيترو هو انقلاب سان عشق ڪندا هئا. دنيا جي انقلابن کان وٺي، ادب، سماجيات کان ويندي لوڪ ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي گهري نظر رکندڙ نوجوان جن دنيا کي بدلائڻ جا خواب اکين ۾ اُڻي انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري. اسان پنهنجي سانڀر ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن ۾ جيڪي نالا ٻڌا ۽ شخص ڏٺا، انهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڄام ساقي اهم نالا ۽ حوالا آهن. . ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جنهن کي مختصر لفظن ۾ ”ڊي ايس ايف“ چيو ويندو هئو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پير جيلانيِءَ سامهون سرگرم رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ”من“ اسان ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني ۾ سياست ڪئي، پر امن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ واري سياست جيڪا دليل تي ٻڌل هوندي هئي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻي اهو به ٻڌايو هو ته ڄامشوري ۾ جنهن جلسي ۾ نذير عباسي اسٽيج تي ڳالهائيندڙ مقرر حفيظ قريشي جي تفريح دوران اختلاف رکندي کيس ٽوڪيو هو ۽ جلسي ۾ شريڪ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي دوستن سان منهن ماري ٿي هئي، تڏهن آءُ به ان جلسي ۾ موجود هئس. تڏهن اسان به اسان هئاسين. مون کي به ور ۾ پستول لڪايل هئو پر فائر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان معاملن کي ڳالهين ذريعي ٿڌو ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئاسين.

واقعي به ڪميونزم فلاسافي جي اثر هيٺ ٿيندڙ سياست ۾ ڳالهين، دليلن ۽ منطق جي گهڻي اهميت هوندي هئي يا اهو زمانو ئي اهڙو هئو جو شاگرد سياست ۾ سنجيدگيءَ جا طرفدار گهڻا هئا جو گهڻي ڀاڱي سياسي ٽڪراءَ دشمنيءَ ۾ بدلجڻ کان اڳ ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويندا هئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کاٻي ڌر جي سياسي تربيت ”اسٽڊي سرڪلس“ مان رچي راس ٿيندڙ ماٺيڻو نرم مزاج سنيجدو ۽ روايتي ٻهراڙيءَ جو مڙس ماڻهو محسوس ٿيندو هئو. هو توڻي جو ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ملڪ کان ٻاهر هڪ ويڙهاڪ ۽ انقلابي پس منظر رکندڙ ملڪ، لبيا ۾ رهيو پر اتي به سنڌ ۽ ساهتي جو روايتي سنڌي ماڻهو ٿي رهيو، جنهن پنهنجي ڪلچر ۽ قومي روايتن جي پاسداري ڪندي پنهنجو سياسي سفر جاري رکيو. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻين. پهاڪن جي آڌار تي ڪيل ڪچهرين مان محسوس ٿيندو هئو ته کيس لوڪ ادب/ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو اڀياس، تجربو ۽ مشاهدو حاصل رهيو آهي. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، نهايت ئي برد بار، سنجيدو ۽ احترام ڏيندڙ اهڙو شخص هئو. جنهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري سگهبيون هيون ۽ موٽ ۾ ٻاجهه شفقت ۽ هڪ نئين اميد ماڻي سگهبي هئي. سندس زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، غم، درد ۽ تڪليفون آيون هونديون پر اسان پنهنجي زماني ۾ کيس سدائين مرڪون ورهائيندي ڏٺو.

منهنجو ڪالم ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي!“ کيس وڻندو هئو ۽ ساڳيو ئي ڪالم سائين ديدار حسين شاهه کي به وڻندو آهي. جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب، منهنجي ڪالم کي پسند ڪرڻ لاءِ وري سائين ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان فون تي اهڙو اظهار ڪندو هئو، ڊاڪٽر صاحب وري مون کي سڏائي وٺندو هئو. چوندو هئو ”من“ سائين ديدار شاهه توسان ڳالهائيندو. سچ پچ ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جو ٻاجهه ڀريو روايتي سنڌي پريمي مڙس وارو ڪردار هوندو هئو.

ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر ڪوئي ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو.

آءُ عوا مي آواز ۾ ۲۰۰۷ ع کان ۲۰۱۲ تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ ۴ سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ”من“ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ ۲۰۱۶ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو. جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنيج ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب آفيس پهتو ته گرميءَ جي سختيءَ جي ڳالهه پئي ڪيائين ۽ ڀچڻ لڳو ته ”من“ اوهان کي گرمي محسوس ٿئي ٿي. اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي ته ترت ئي کيس جناح اسپتال پهچايو ويو پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اسان کيس اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن ويندي جي بيوسيءَ مان نهاري رهيا هئاسين. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو شاندار روايتن ۽ سنڌ جي ڪلچر جو ئي ته نمائندو هئو. هڪ روايتي ۽ سنڌي پريي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ اسان کي زندگيءَ ۾ علم، ادب، عقل، ڏاهپ، سهپ، رواداري، بردباري، سنجيدگي، پيار، محبت، ۽ انسان کي احترام ڏيڻ واريون روايتون قائم ڪري پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. جڏهن جڏهن به سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جو ذڪر ايندو، جن پنهنجي سموري ڄمار نيڪي ڪمائيندي گذاري، تڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جو نالو به ضرور ورتو ويندو. جنهن پنهنجي سماج اندر نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو هو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي سياسي رفيق ۽ نظرياتي دوست ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ”عوامي آواز“ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. عوام جي آواز کي ايوانن تائين سگهاري نموني پهچائڻ واري جدوجهد ۾ شامل رهيو. عوامي آواز اخبار کي عوامي تحريڪ بڻائڻ ۽ ”عوامي آواز کي عوامي آواز ميڊيا گروپ“ جي شڪل ڏيڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون صلاحون، وسيلا ۽ صلاحيتون شامل رهيون.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هئو. جڏهن به هو ڏسندو هئو ته مرڪندي چوندو هئو ” من“ ڪهڙا حال آهن؟ ۽ موٽ به خوش ٿيندي، کيس وراڻبو هئو ته سرهائي لڳي پئي آهي. اڄ هن جي وڇوڙي تي جيڪا ارهائي ۽ ڏک محسوس ٿئي ٿو. اهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن کان ٻاجهه جو ڇانورو کسيو ويو هجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا