; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر نور محمد ناهيون - مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

ڊاڪٽر نور محمد ناهيون - مٺل جسڪاڻي

ڊاڪٽر نور محمد ناهيون
مٺل جسڪاڻي
پنهنجون به عجيب ۽ غريب ريتون، رسمون، رواج آهن! ”جيئرن سان جهيڙو، مُئن تي ميڙو“! يا وري جيئري ڪنهن جي لاءِ سچ چئبو، لکبو ته چمچاگيري چئي، لکڻ واري ۽ جنهن تي لکبو، انهن ٻنهي کي لوئبو! ڪنهن شخصيت تي لکڻ لاءِ به جنم ڏينهن يا ورسي جو موقعو مناسب سمجهيو ويندو! جيڪڏهن واهه واهه جي بدلي ۾ واهه واهه جو آسرو نه هوندو، ته به، نه زباني يا نه قلمي واهه واهه ڪبي!


مون کي اڄ اهڙي مثالي شخصيت ياد آئي آهي، جنهن کان اڪثريت ناواقف آهي، پر ان جو اصل روپ ته شايد سندس ويجها پاڙيسري ۽ ڪي عزيز عقارب به نه ڄاڻندا هوندا! اڄ هو پاڻ ته نه آهي، پر سندس ساروڻيون اسان سان گڏ آهن. اڄ نه سندس جنم ڏينهن آهي ۽ نه ئي ورسي، پوءِ به اوچتو ياد اچي ويو آهي! سندس ياد ۾ اکڙيون آليون ٿي پيون آهن!
اکڙيون ڀرجي آيون،
ساجن!
اکڙيون ڀرجي آيون.
تو کي ساريندي او ساٿي! اکڙيون ڀرجي آيون.
***
جڏهين کان پرديس ويو آن، ڏاڍو وياڪل گهاريان،
گهڙي نه هڪڙي مور ٿو وسرين، پل پل توکي ساريان:
تنهائي ٿي جهوري سائين! جاني! ڪر نه جدايون-
اکڙيون ڀرجي آيون. (”نياز“ عاقلاڻي)
ڊاڪٽر نور محمد ناهيون، ڳوٺ حاجي دريا خان ناهيون، ديهه پساهڪي، تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾، غريب مسڪين ڳوٺاڻي محمد بچل ناهيون جي گهر ۾، ۱955ع ۾ جنم ورتو. اهو ننڍڙو نُور، وڌي وڏو ٿيو ته نُور ڪلينڪ، ورڪشاپ ٽنڊوڄام جو نور چوان، سڄي ٽنڊو ڄام ۽ ان جي آسپاس جو نور چوان، يا سندس ڳوٺ يا صرف سندس اباڻي گهر جو نور مڃان! هو روزانو صبح سوير سندس ۽ آسپاس وارن ڳوٺن ۾ موجود مريضن جي پرگهور لهي، شروع ۾ راهوڪي ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾، ان کانپوءِ خبر نه آهي ته ڪيئن ۽ ڇو، پر ٽنڊوڄام ۾ ڪلينڪ هلايائين، جتي پڻ آسپاس جي ڳوٺن ۾ وڃي، پنهنجي پيشي سان نڀائيندو هو. شام جو وري به پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ هلائيندو هوجتي موٽرسائيڪل جي مدد سان آسپاس جي سمورن ڳوٺن ۾ وڃي، ٿوري معاوضي تي به، سندس کان پهچي سگهندڙ علاج معالج جي هر ممڪن سهوليت ميسر ڪندو هو.
ڊاڪٽر نُور محمد ناهيون به، جيتوڻيڪ اڄڪلهه جي حساب سان ”پاڻيءَ جون سُيون“ هڻي، سوين رپيه ڏهاڙي ڪمائي، ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ ڪري پئي سگهيو پر نه، ڊاڪٽر هوندي به، هن پنهنجي ڦوهه جواني ۾ به، پنهنجو ماضيءَ نه وساريو ۽ غريبن جو همدرد، هڏ ڏوکي، مددگار رهيو. سندس ڪهڙي عوامي خدمت کي قلمبند ڪريان؟ سندس ڪلينڪ تي غريبن کي بنا وياج اوڌر جي سهوليت ته هوندي هئي، سستي خدمت ته مهيا ڪندو هو، پر هو ته مفت ۾ به علاج جون سهوليتون ڏيندو هو، هو ته وت ۽ وس آهر روڪ رقم به ڏئي ڇڏيندو هو، پر هو سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن حيدرآباد جي ڊاڪٽرن سان رابطو ڪري، بي پهچ غريبن کي سولي ۽ سستي علاج معالج سميت مفت آپريشن جو به اهتمام ڪندو هو. اهڙو نيڪ ڪردار ته هر ڊاڪٽر کي سونهي، پر نه، عام رواجي ڊاڪٽرن جي حوالي سان ته هو چوڻي ٿي ياد اچي ”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بک مرندو“. خانگي اسپتال هلائيندڙ اڪثر ڊاڪٽر پيسا ڪمائيندڙ مشين طور ڪم ڪندا آهن، انهن کي خير جو ڪم ڀانءِ ڪو نه پوي. جيڪڏهن ائين هجي ته رکو مريض سان مخاطب ٿيڻ ۽ وڏو ڇيهه ته ڇُهي ڏسڻ جي سوين رپيه في ڪو نه وٺن. ڀلا اها به ڪا انسانيت جي خدمت آهي، ته سرڪاري نوڪري ڪندڙ ڊاڪٽر ڊيوٽي به نه ڪن، پگهارون به کڻن، دوائون ۽ ٻيو سرڪاري سامان به سورين! خانگي اسپتال ۾ رات جو ٽين - چئين وڳي تائين ويهي، هر مريض کي ڦري فقير ڪن ۽ ڪسيدا گوئن سان کلي ڳالهائي، پنهنجي ڀلي هجڻ جون هاڪون به هلرائين! ان جي بر عڪس، ڊاڪٽر نور محمد پنهنجي ذات ۾ رواجي ڊاڪٽر نه هو. هو ناچاڪن کي چاڪ ڪندڙ، مسڪينن جو مددگار هو. هو ڏوڪڙ ڪمائي، مال ملڪيت ٺاهڻ وارو نه، پنهنجي پيشي سان وفا ڪرڻ وارو ڊاڪٽر هو.
ڊاڪٽر نور محمد ناهيون ۲۰۰۷ ڌاري پاڻ ناچاڪ ٿي پيو! جنهن کانپوءِ ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن، جمع ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۱۰ تي دم ڌڻي حوالي ڪري، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. رب العزت کيس جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي (آمين). سندس آخري آرام گاهه اباڻو قبرستان، درگاهه سيد ابُوڙو شاهه ۾ آهي. جيتوڻيڪ هو جسماني طور هن دنيا ۾ نه آهي، پر سندس جهڙا ماڻهو وسرڻا نه آهن..... نُور ته نُور هو.
تنوير عباسي خبر نه آهي ڇو چيو ته:
هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
هر ڪا دل هيرن کاڻ
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ
هُن (تنوير) ڀلي ته ڪنهن لاءِ به لکيو هجي، پر آئون سندس هيءَ سٽون ڊاڪٽر نور محمد ناهيون کي ارپيان ٿو:
ماڻهو ماڻهن جهڙا پر ڪي ڪنهن لئه ڪهڙا ڪنهن لئه ڪهڙا
مکڙين جهڙا ماکيءَ جهڙا سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو


(حوالو: هفتيوار سندر، روزاني عبرت حيدرآباد اڱارو ۰۳ جولاءِ ۲۰۱۲)

No comments:

راءِ ڏيندا