; سنڌي شخصيتون: الطاف حسين خواجه - محمد مٺل جسڪاڻي

19 August, 2017

الطاف حسين خواجه - محمد مٺل جسڪاڻي

الطاف حسين خواجه
لاڙ جي آبادگار ۽ شاعر جون ڳالهيون...
ڳالهه ٻولهه: محمد مٺل جسڪاڻي
لاڙ جي آبادگار ۽ شاعر الطاف حسين خواجه سان ڪا ميل ملاقات نه آهي، البت عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي ساڻس رابطو ٿيو، جيڪو اڃا هلي پيو. مون کي خبر پئي ته هي ميرپوربٺوري کان ۱۶ ڪلوميٽر تي ڳوٺ شاهنواز لغاري ديهه ڇاڱاڻي جو اهڙو آبادگار آهي، جيڪو پنهنجي زمين پاڻ سنڀالي ٿو ۽ ڪجهه زمين مقاطعي ۾ کڻي آباد ڪري پيو. منهنجي دل گهريو ته ساڻس زرعي ڪچهري ڪجي. ان ڪري کيس ٻڌائڻ کانسواءِ سوال جواب هلندا رهيا. اڳتي هلي ارادو ڪيم ته اهي ڳالهيون کيتي سر سيتي لاءِ سهيڙجن. اسان ٻنهي وچ ۾ ٿيل سوال جواب دلچسپي رکندڙن لاءِ حاضر آهن:


سوال: اوهان جو روز عام معمول ڇا آهي؟ اهو سڀ ٻڌايو، جيڪو هر عام ۽ خاص کي ٻڌائڻ جي همٿ هجي...
جواب: ادا سائين، صبح جي نماز (نماز فقط فجر واري پڙھندو آھيان) ان کانپوءِ ٻارن کي اسڪول موڪلي فيس بڪ کي ڦيرو ڏئي ٻنين تي ھليو وڃڻ ...... ۽ جيڪڏھن شھر نڪري وڃڻ ٿيو (شھر مان منھنجي مراد ته مرڻو پرڻو اٽينڊ ڪندو آھيان) ته پوءِ شام جو ٻني تي وڃڻ ٿيندو آھي .... ان ۾ لاچار ڪڏھن حالتن مطابق تبديلي به ايندي آھي.
سوال: ٻني تي روز ويندا آهيو، يا ڪڏهن ڪڏهن؟ ۽ فصل ڪهڙا پوکيندا آهيو؟
جواب: سائين ٻني ھڪ ته منھنجو واحد گذر ذريعو آھي ٻيو ته ٻني ھڪ شوق، ذاتي چاھ ھڪ نامعلوم ڇڪ، اُنسيت رھي آھي. ائين سمجھو ٻني منھنجي عبادت آھي. ڇو ته ٻنيون فصل مون سان ڳالھائيندا ڪچھريون ڪندا آھن.... تقريبن لاڙ ۾ ٿيندڙ سڀ فصل وقتن به وقتن ڪندو آھيان، پر مستقل فصل، ڪمند، ساريون، داڻا ، جوَ ۽ ڊالڊا آھن.
سوال: ڪهڙو فصل وڌيڪ فائديمند سمجهو ٿا؟
جواب: ادا سائين اسان جي علائقي جي حساب سان ڪمند ئي فائدي مند آھي ڪا ڪا سيزن ايندي آھي جيئن ھيل به ڪمند جي اگھ ۾ مزو ناھي ... پر وري به اسان لاءِ ڪمند بھتر آھي ڇو ته اسان جون پڪي جون زمينون ۽ حالات ڪنھن ٻي سٺي فصل لاءِ وارو نه ٿيون کائن جيئن ڪيلو آھي ، ڪپھ آھي يا ڳاڙھو مرچ وغيره ....
سوال: ڪمند تي في ايڪڙ خرچ گهڻو ٿي ويندو آهي؟ واري ۾ پئي ٿو؟ منهنجو مطلب ته بچت ٿئي ٿي؟
جواب: توھان کي عرض ڪري آيو آھيان اڄڪلھ ڪمند جو فصل ڄڻ وي سي رکي آھي .... خرچ به ڳرو اٿس ۱۴۰۰ روپيه في ڪلاڪ تريڪٽر جو آھي ۽ ڪمند کي ڪمائي به زياده کپي ھڪ ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري لڳ ڀڳ ۴۰۰۰ روپين جي آھي .... حساب ڪنداسين سائين ھنجون ھارينداسين ....
جواب: ڪمند جي ڳالھ ڪجي ته ان ۾ پھريان ئي شھر جي اعتماد ڀرئي واپاري کان پاڊان جھڙي داڻي دار دوا ڊي اي پي ڀاڻ سان گڏ ڏيندا آھيون .... ۽ ٻيو شگر ملز وارن کان (دوست جيوڙا ڪارڊ) لڳائيندا آھيون تقريبن پوءِ ڪا بيماري ڪانه پوندي آھي.
سوال: ادا سائين آلودگي جي حوالي کان زراعت جي ميدان کان وٺي اوزون تھ جي تھ تائين سب جا سب دسيا پيا آھيون ... اھا ڳالھ به درست ته زرعي زھر ۽ زرعي دوا ۾ فرق آھي ۽ پاڻ وٽ تقريبن زرعي زھر ئي ملن ٿا.
جواب: نه سائين اھڙيون ڪي به ڪوششون نه ورتيون آھن منھنجي زندگي جي وقت مطابق ۽ تمام ٿوري زمين ھجڻ سبب روائتي طريقي تي پيو ھلان.
سوال: اوهان جي رهنمائي لاءِ سنڌ جو زرعي توسيع کاتو آهي، اوهان جي علائقي لاءِ به عملو مقرر ڪيل آهي، ڪڏهن اوهان وٽ انهن مان ڪو پهتو، يا ڪڏهن اوهان ويا؟ يا آئنده انهن سان رابطي ۾ رهندا؟
جواب: سنڌ جو زرعي توسيع کاتو تعلقه آفيس فقط فارملٽي پوري ڪرڻ ۾ پورو آھي ڪڏھن ڪا ميٽينگ ٿي ته ٿي ( سو به سفيد ڪالر کي خوش ڪرڻ جي حد تائين ) نه ته اسان جي ڳوٺ جي زرعي آفيس تي ڳوٺاڻا قابض ۽ عملو سالن کان غائب آھي جڏھن ته عملو پگارون به کڻي پيو رجسٽر حاضري به ڀرجي پئي .... پاڻ پرائويٽ زرعي دوائن جي ڪمپني جا سيلزمئن مسلسل رابطي ۾ رھندا اچن پيا ....
سوال: ٽي وي ۽ ريڊيو تي زرعي پرگرام ايندا آهن، زرعي اخبارون ۽ رسالا به ڇپبا آهن، عام اخبارون هفتيوار زرعي صفحا شايع ڪندا آهن. اوهان ان بابت ڪهري سُڌ رکو ٿا؟ ڪو فائدو ورتو يا وٺندا؟
جواب: ريڊيو تمام گھٽ ٻڌندو آھيان البت اخبارون ضرور پڙھندو آھيان جن مان وقتن به وقتن اپڊيٽ ٿيندو رھندو آھيان رسالن ۾ فقط سنڌ آبادگار بورڊ جو رسالو پوسٽ جي ذريعي پھچندو آھي جيڪو به منھنجو پسنديده رسالو آھي سو به اڄڪلھ نه پيو اچي ....
سوال: زرعي ڪتاب به گهڻا ڇپيل آهن، پر ڪا سڌ ٻڌ؟
جواب: زرعي ڪتابن جي گھڻي سڌ ٻڌ نه اٿم سواءِ ڪنھن ھڪ اڌ جي، زرعي رسالن ۾ به فقط سنڌ آبادگار بورڊ وارن جو آبادگار ميگزين ۽ زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي پروائٽ ڪمپنين طرفان ننڊڙيون ننڊڙيون چوپڙيون پڙھڻ لاءِ ملنديون رھيون آھن ....
سوال: اوهان فيس بوڪ استعمال ڪندڙ آهيو. فيس بوڪ يا انٽرنيٽ جي ٻين ذريعن کي اوهين زرعي رهنمائي ۾ ڪيترو ڪارائتو سمجهو ٿا؟
جواب: انٽرنيٽ ھڪ زبردست معلومات جو ذريعو آھي جتان جيتري چاھجي زرعي معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي ويندي دنيا ۾ نئي زرعي ٽيڪنالاجي کان به واقفيت وٺي سگھجي ٿي بس پنھنجي عام اڻپڙھيل ھاري طبقي جي پھچ کان ٻاھر آھي ۽ پنھنجي زراعت جي اصل جان به اِھو ئي ھاري طبقو آھي ... فيس بڪ وري اسان جي جان آھي جتي توھان جھڙا مانوار محترم دوست مليا جن جي قيمت لڳائجي ته پنھنجي جان جي قيمت کان ڪا گھٽ قيمت لڳائي ئي نه ٿي سگھجي. فيس بڪ تمام ڪارائتو آھي بس اسان ڪارائتا ٿي پئون .....
سوال: اوهان زرعي پيداوار وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڏيندا؟
جواب: زرعي پيداوار وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ آئون فقط ايتري صلاح ڏيندس ته اسان جھڙن سڀني کي ھڪ زبردست پارت آھي ته پنھنجن ھارين کي عزت ڏيون مانَ ڏيون، محبت ڏيون ۽ تعليم نه ٿا ڏئي سگھون ته گھت ۾ گھٽ تعليمي ماحول ڏئي سگھون پوءِ ته اسان جي زرعي پيداوار ڏھوڻي ٿي پوندي ......
سوال: زرعي توسيع، زرعي تحقيق ۽ زرعي تعليم لاءِ مقرر ماهرن ۽ سائنسدانن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ هو اوهان آبادگارن لاءِ ڇا ڪن؟
جواب: سنڌ جي زرعي ماھرن لاءِ منھنجي ڪا سٺي راءِ ناھي جو ڏجي باقي زرعي ماھرن لاءِ صلاح اھا آھي ته زرعي ماھرن کي کپي ته پنھنجي پيشي سان سچائي ڏيکاريندي ھاري طبقي ڏانھن ڌيان ڏين ڇو ته زميندار کي ايتري ضرورت ناھي جيڪا ھارين کي ضرورت آھي.
سوال: آبادگارن ۽ هارين لاءِ ڪهڙو خاص پيغام ڏيندا؟
جواب: آبادگارن لاءِ پيغام ۾ اِھي ساڳيا لفظ ورجائيندس ته ھارين کي زبردست برابر جي عزت ڏين ، محبت ڏين ۽ ھارين کي پنھنجو وقت ڏئي به ھڪ تعليمي ماحول جوڙين .... ۽ ھارين لاءِ منھنجو پيغام بلڪه التماس آھي ته ھوٽلون ۽ پتي وارا پان گھٽڪا وغيره مان پنھنجي جان ڇڏائين ۽ پنھنجي ٻارن جي تعليم ڌانھن ڌيان ڏين.
سوال: اوهان شاعر آهيو، پنهنجي پسند جو ڪو شعر، غزل، جيڪو پڙهندڙ پڙهن، مهرباني ڪري ٻڌايو. لکو.
جواب: اوھان جي سوال جي جواب ۾ مان هيءُ غزل ٿو پيش ڪيان:
غزل
ھي پيار آھي ڀلي سُڃاڻي وٺو
ھي چيز ناھي، ڀلي ته ناڻي وٺو
سئو سڏن جو جواب ھڪ من ملي!
ڀلي جڏھن دل چوي وراڻي وٺو
نه مُور ماڻھو ، انھي ۾ سو گُڻ رڳو
ڪنھن جا اوگُڻ ڀلي ته تاڻي وٺو
سسئُي ڪڍي پارَ يا کڻي ڏي پِٽُون!
پنھون کڻي پاڻ اُٺ پلاڻي وٺو !
سدا جيان ڪُوڪ تاڙي جي اي فقير
اڃان اِھو ڄاڻ نينھن ھاڻي وٺو
الطاف خواجه
سوال: اڃا به ڪا اهڙي ڳالهه، ڪو سوال، جيڪو اوهان سمجهو ٿا ته مون کي پڇڻ کپندو هو، پر مون نه پڇيو. هاڻي اوهان سمجهو ته مون اهو سوال به ڪيو، اوهان جواب ڏيو.
جواب: مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جو مٿيون طبقو رُڳي پاڻ کي ٺاھڻ ۾ پورو آھي، وچون طبقو جيڪو ختم ٿيندو پيو وڃي سو مٿئين طبقي جي خوشامت ۾ پورو آھي پاڻ کان ھيٺ وارن سان انا پرستي نه ٿو ڇڏي ... منھنجي گھڻي ميار وچين طبقي تي آھي جنھن جو آئون پڻ حصو آھيان.
آخر ۾ مون کيس لکيو: اوهان جا لک ٿورا، ڀلايون، مهرباني.


(روزاني هاري ڪراچي، خميس ۲۱ فيبروري ۲۰۱۳)

No comments:

راءِ ڏيندا