; سنڌي شخصيتون: گل حسن شيخ - ارباب ڇڄڙو

05 August, 2017

گل حسن شيخ - ارباب ڇڄڙو

گل حسن شيخ
عوامي ليگ جو اڳواڻ
ارباب ڇڄڙو
مورو هر حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي، علم، ادب ۽ سياست ۾ به، هن شهر جي ماڻهن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، اهڙو ماڻهن مان هڪ جاکوڙي گل حسن شيخ به هئو، جيڪو مزدورن لاءِ جلوس ڪڍندو هو ته، مزدورن کي پگهار ملي ويندي هئي.
اهو نيڪ شخص چپ چپات ۾ هي جهان ڇڏي ويو ته، ڪنهن اخبار جي ڪنڊ ۾ سندس نالو به شايع نه ٿيو!


گل حسن جو جنم مورو شهر ۾ ۱۹۵۰-۰۵-۲۳ تي ٿيو. پاڻ مورو ۾ ئي چار درجا پڙهيو هو. شهر جا ڪيترائي سُٺا ماڻهو سندس ڪلاس فيلو هئا جيئن ته، سندس خاندان جو تعلق صفائي واري عملي سان هيو ۽ انهن جو ئي پريو مڙس پڻ هيو. پاڻ ميونسپل ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ڪم سان لڳي ويو، ان زماني ۾ مورو جو ايس ڊي ايم هڪ بنگالي هيو، جنهن سان هن جي واقفيت ٿي ۽ پوءِ اهو سندس دوست ٿي ويو ۽ کيس پنهنجي خرچ تي بنگال وٺي ويو. بنگال ان زماني ۾ اوڀر پاڪستان سڏبو هيو. هن بنگاليءَ جي محبت ۾ هو پاڻ سياست ۾ آيو ۽ پاڻ سماجي ڪمن ۾ لڳي ويو.
هن ايمپلائز يونين جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ يونين کي رجسٽر ڪرايو. پاڻ ٽي ڀيرا ان جو صدر رهيو ۽ ٻين مزدور يونين سان رابطن ۾ به رهندو هو.
مورو جي ميونسپل جو چيئرمين جان محمد سرهيو هيو، جيڪو شخص پڻ قداور ۽ سهڻو لڳندو هو ته وري شهر جو اونو به هوندو هوس، ته وري گل حسن به ڀورو سهڻو جوان هوندو هو، جنهن شهر کي اهڙو ته صاف رکيو جو هڪ مثالي شهر هيو. اڄ جي دور وانگر ڪو نه هوندو هو، جو مورو پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهي.
گل حسن شيخ، شيخ مجيب الرحمان جي ڇهن نقطن کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو، ڇو ته، انهن اصولن تحت جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت ٿي ٺهي ته، پوءِ پاڪستان ۾ ڪنهن به شامل رياست جو حال ٻي ڪا به رياست ڪا نه پئي کائي سگهي.
پاڻ قاضي فيض محمد جي صلاح تي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پهريان مورو جو آرگنائيزر ٿيو ۽ جڏهن پارٽيءَ لاءِ ماڻهو جوڙيائين ته پاڻ پارٽيءَ جو چونڊيل مورو جو صدر مقرر ٿيو، صدارت دوران پارٽي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هو پارٽيءَ جي خرچ تي ڍاڪا ويو هو. سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي پنهنجو اڳواڻ سڏيندو هو. سائين امداد محمد شاهه لاءِ چوندو هو ته، هو منهنجو دوست ۽ استاد هيو.
جڏهن شيخ مجيب الرحمان جي پارٽيءَ وڏيءَ اڪثريت سان کٽيو هو ته، موري ۾ خوشي ملهائڻ لاءِ جلوس به ڪڍيو هئائين.
هن کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک هيو ته، شيخ صاحب کي حڪومت ڇو نه ملي، رهندو بنگال تي فوج ڪشي ڪري ۳۰ لک بنگالين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. ان کان به وڌيڪ کيس شيخ مجيب جي شهادت جو صدمو هيو.
هن ان ڏک کي مزدورن جي خدمت ڪرڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. گل حسن ۲۰۰۷ع ۾ سينيئر مقدم جي عهدي تان ريٽائر ٿيو، ان کان پوءِ ڊيلي ويجز تي مرڻ گهڙي يعني ۲۰۱۶-۱۱-۲ تائين ميونسپل جو ملازم رهيو، ڪافي وقت کان پاڻ شگرجو مريض ٿي چڪو هو پر هو عوامي ڪمن کان پري نه رهيو.

پاڻ وڏي همت ڀريو مڙس هيو، سندس اولاد ۾ ۰۲ پٽ ۽ ۰۵ نياڻيون آهن. وڏو پٽ انجنيئري پاس آهي. ٻيو پٽ به گريجوئيٽ آهي، پر ٻئي بي رزوگار آهن. سڀني نياڻين کي به ميٽرڪ تائين پڙهايائين، اولاد جي بيروزگاريءَ جو ڏاڍو افسوس هوندوهوس.

No comments:

راءِ ڏيندا