; سنڌي شخصيتون: جاڙو خان- رکيل مورائي

01 August, 2017

جاڙو خان- رکيل مورائي

جاڙو خان
منھنجو پيءُ
رکيل مورائي
هو بنهه ڳوٺاڻو شخص هئو، سندس پيءُ جي خانداني پڳ هن جي مٿي تي رکي وئي. رکي ڇا وئي سندس والد حاجي مالڪ ڏنو سولنگي پنهنجي جيئري پنهنجي خانداني پڳ سندس مٿي تي رکڻ جي وصعيت ڪئي هئي. جيتوڻيڪ حاجي مالڪ ڏني سولنگيءَ کي پنج پٽ هئا ۽ هيءَ پٽ سندس چوٿون نمبر پٽ هئو پوءِ به هن پنهنجي خندان ۽ راڄ پاران مليل پڳ هن جي مٿي تي رکي کيس پنهنجي مٿي جو موڙ بڻايو. ضرور هن پنهنجي هن چوٿين نمبر پٽ ۾ ڪامڻيا ڏٺي هوندي! هن جو نالو جاڙو خان سولنگي هئو. مان رکيل مورائي سندس چوٿون پٽ آهيان ۽ اسان ڀائرن کان اڳ امڙ چار نياڻيون ڄڻيون ان حساب سان مان اٺو ٻار به هئس ته آخري ٻار به!


منهنجي پالڪپڻ جي يادگيرين ۾ منهنجي بابا جي تصوير ڪجهه هيئن چٽيل آهي.هڪ ڪڻڪ رنگو شخص قد جو پورو پنو، جسم ۾ نه سنهو ۽ گهڻو ٿلهو، اڇا وار جن تي مينديءَ جو رنگ چڙهيل ساڳيءَ طرح شهپر ڪارا نڀورُ خاڪي رنگ جا کاڌيءَ جا ڪپڙا ۽ ڪارو سليپر پيرن ۾، مان نه سبران ته بابا ڪڏهن هڪ ڏينهن جي ڏاڙهي نه لاٿي هجي. صاف استري ٿيل ڪپڙا ۽ هٿ ۾ لڪڻ، جيڪو هن ڪڏهن به هٿ مان نه ڇڏيو. شايد ان وقت سٺو لڪڻ هٿ ۾ کڻڻ معتبريءَ جي نشاني هئي، ان ڪري بابا هڪ معتبر ڳوٺاڻو شخص لڳندو هئو. هو نهايت اعتماد سان ڳالهائيندڙ شخص هئو، جڏهن هلندو هئو ته سندس پيرن هيٺان اعتماد نڇاور ٿيندو هئو. منهنجي اکين هن کي ڪڏهن حد کان وڌيڪ تڪڙو هلندي يا ڊوڙندي نه ڏٺو.
سنڌ جا صدين جا اخلاقي قدر سفر ڪري جڏهن جاڙي خان سولنگيءَ وٽ پهتا ته اهي اڃا به وڌيڪ رچي ريٽا ٿيا هئا. هو جيئن ته راڄ ۽ خاندان جي پڳ جو رکوال هئو ان ڪري، هن جا اخلاقي قدر ايترا پختا هئا. جو هو ڳوٺاڻو هوندي به زبان مان گار وغيره ته، پري جي ڳالهه ڪو گٿو لفظ به نه ڪڍي سگهندو هئو. هن ڪنهن کي گار ڏني هجي، شايد اهڙي شاهدي سندس اوڙو پاڙو نه ڏيئي سگهي.
بابا جي مستقل عادتن مان ڪجهه عادتون اهڙيون هيون جن تي ڪو به اولاد فخر ڪري سگهي ٿو. منهنجي عمر ۾ بابا وٽ جڏهن به ڪو فيصلو آيو ته اهو خاندان جو هوندو هئو ته گهر جي آڳر ۾ ٿيندو هئو ۽ ان ۾ جيترا مرد توڻي مايون شامل هونديون هيون انهن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو ذمو اسان جي گهر تي هوندو هيو ۽ جيڪڏهن فيصلو راڄ جو هوندو هيو ته اوطاق ۾ جيترا به ماڻهو هوندا هيا. انهن جي ماني ٽڪيءَ جي ذميواري به اسان جي هوندي هئي. جنهن ڪري اسان جي نهايت صابرين امڙ اڪثر ناراض ٿيندي هئي جو هوءَ سانجڻ ڪري ڪري، پوڙهي ٿي وئي. اڳتي سانجڻ جو ڪم سندس ڌيئرن ۽ نهرن سنڀاليو.
امڙ ٻڌائيندي هئي ڪن خانداني فيصلن ۾ وڌيڪ شدت هوندي هئي، ته ٻنهي ڌرين پاران اسانجي اڱڻ ۾ گاريون بابا کي ٻڌڻيون پونديون هيون، پر ڪڏهن به کيس غصو نه آيو ۽ نه ئي رد عمل ڏياريندي ڪو غلط لفظ ڪڍيائين ويتر ڳالهه ڪري کلي ڏيندو هئو.
هو اڪثر گهٽ کلندو هئو، نهايت سنجيده هوندو هئو. پر جڏهن کيس ڪنهن ڳالهه تي کلڻ ايندو هيو ته پوءِ ٻڌا ٽهڪ ڏيندو هئو ۽ ڳالهائي نه سگهندو هئو، ايترو کلندو هئو جو کلي کلي کيرو ٿي پوندو هئو، اکين مان ڳوڙهاوهڻ شروع ٿي ويندا هئس.
سندس عادتن ۾ خاص طور ٻن عيدن جي نماز جو بندوبست ڪرڻ هوندو هئو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ڀروارن ڳوٺن جي عيد نماز اسان جي ڳوٺ ۾ اوطاق آڏو بيٺل سرنهن جي وڏن وڻن جي ڇانو ۾ ٿيندي هئي، هو هڪ ڏينهن ڪنهن ٻئي شخص کي ساڻ ڪرائي سڄو اوطاق جو اڳ ٻهاريءَ سان صاف ڪرائي. پاڻيءَ جو هلڪو ڇڻڪار ڪرائي تڏا وڇرائي گهر موٽندو ۽ پوءِ صبح سوير تڙ ڪري لطف ڪپڙا پائي هو پهريون شخص هوندو هئو جيڪو عيد گاھ ۾ پهچندو ۽ پوءِ وڏي آواز سان اوڙي پاڙي وارن ڳوٺن جي وڏن کي سڏيندو ته جلدي اچو نماز ٿين واري آهي. نماز بعد ٻاهران آيلن لاءِ اسان جي گهر مان پلاءُ ٿالن ۾ ڳچي ٻاهر ايندو هئو، ڇاڪاڻ ته ٻاهران آيل بنا مانيءَ جي وڃن اهو سندس اوطاق جو شانُ نه هئو.
عيد نماز کانسواءِ ساڳئي وقت جنازي نماز کانسواءِ مون بابا کي ڪڏهن به نماز پڙهندي ڪو نه ڏٺو. اسان جڏهن جمعي نماز تي ڳوٺ جي مسجد ۾ وڃون ۽ کيس چئو ته بابا نماز تي هلو ته مرڪي چوندو؛ بابا توهان پڙهي اچو! سنڌيءَ ۾ چوڻ گهرجي ته بابا نماز کان ونءُ ويندو هئو. ٻي طرح هن نه ڪڏهن گٿو لفظ زبان مان نه ڪڍيو ۽ نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو. جوانيءَ جي ته خبر نه آهي پر منهنجي يادگيريءَ ۾ اهڙو ڪو به پل نه آهي جو هن ڪوڙ ڳالهايو هجي. شايد هن کي ان جي ضرورت نه پئي هوندي.
هن ڪڏهن به مٿو اگهاڙو نه ڪيو، شايد مٿي اگهاڙي کي هو بداخلاقي سمجهندو هئُو. منهنجي سانڀر ۾ امڙ جي ساڳوان جي وڏي پيتيءَ ۾ رکيل هن جون ڪجهه ٽوپيون نظر مان گذريون هيون. هن جي هڪ محبوبه به هئي، جيڪا پيرسنيءَ ۾ مون ڏٺي هئي. اھا مونکي ڏاڍو ڀائيندي به هئي ۽ پوءِ مون هڪ نظم لکيو هئو. ”بابا جي محبوبه جي نالي هڪ نظم“ جن مان هڪ ڳاڙهي ڪاري ڦندڻ واري رومي ٽوپي هئي، جنهن کي اسان ان وقت، قُراقليءَ ٽوپي چوندا هياسين. هڪ جناح ڪيپ هوندي هئي، جيڪا امڙ جي چواڻي رڍ جي چمڙيءَ مان ٺهيل هئي ۽ ڪيتريون اُن جون ٽوپيون خاص طور سياري جي مند ۾ پائڻ واريون،
پوئين عمر ۾ هن قميصن بدران بنا ڪالر جي پهراڻ پائڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ لڳو، بنهه آخري عمر ۾ ڪپڙي جي اڇي ٽوپي جيڪا مٿي تي بار نه ڪري. جنهن ڏينهن منهنجي امڙ اسان کان ۱۹۹۲ع ۾ موڪلائي وئي، ان ڏينهن قبرستان کان جڏهن هو گهر واپس آيو ته ٻه ڏينهن تڏي تي ئي ويٺو رهيو ٽئين ڏينهن جڏهن تڏو کنيو ويو ته بابا گهر آيو ۽ هڪ سال ڪيڏانهن به نه ويو. بلڪل ساڳئي ڏينهن هڪ سال کانپوءِ بابا به هيءُ جهان ڇڏيو ۽ پويان ڇڏي ويو هزارين روئندڙ اکيون ۽ وڏو خاندان جنهن ۾ مان به شامل آهيان.

هو جنهن ڏينهن اسان سڀني کان ڏور هليو ويو. انهن ڏينهن ۾ مان ٻارن سميت ڪراچيءَ ۾ هوس، منجهند جو خبر ملي، فون نه هئي تڪڙا ڪوچ نه هئا، سو مهڻيءَ جو ڳوٺ پهتاسين، ان کان اڳ منهنجي آخري حال حيات چاچي موسم گرم هجڻ جو سبب ڄاڻائي، کيس ڏاڏي جي ڀر ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو. مان ۽ منهنجا سڀ ٻارڙا کيس آخري ڀيرو ڏسي نه سگهياسين. جيڪو ڏک ته آخري عمر تائين رهڻو آهي پر منهنجي اکين ۾ سندس اهو چهرو محفوط آهي، جنهن تي ڪڏهن غصي/ڪاوڙ جا آثار ظاهر نه ٿيا. گوتم ٻڌ جيان نهايت معصوم، سانت ۽ پراعتماد چهرو اهو چهرو منهنجي بابا جو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا