; سنڌي شخصيتون: نسيم بلوچ

18 August, 2017

نسيم بلوچ

نسيم بلوچ

ڪي ويجها پر ڏور- ڪي ڏور به اوڏا سپرين

مٺل جسڪاڻي



سنجيدگي به سٺي آهي پر ماڻهو هجي خوش طبيعت، کلڻو ملڻو. سنجيدگيءَ جي برعڪس، منهن چڙهه ماڻهو مان ڪنهن کي ڇا ٿو ملي! پاڻ به، ته ملندڙ به، ٻئي ڪيفيتن جي ڪُن ۾!...نسيم بلوچ سان منهن مقابل ملڻ جي آس ضرور آهي، پر اڃا روبرو ملاقات نه ٿي آهي، پوءِ به ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، هو ويجهو آهي. گهڻو ويجهو پوندو پيو وڃي.


جڏهن به ڳالهايو آهي، هن ئي ڳالهايو آهي، پر واهه جو ڳالهايو آهي. شروعاتي مُوڊ، منهنجو توڙي هن جو، ڀلي ته ڪهڙو به هجي، پر پوءِ ٽهڪن جو هڪ سلسلو شروع ٿي پوندو آهي. جن ۾ سڏڪا ۽ ڳوڙها به هوندا آهن، جيڪي پوءِ رابطو منقطع ٿيڻ کان پوءِ، پڪ سان هو به پنهنجي منهن اُگهندو هوندو، مون وانگر....

هو عام ماڻهو هجڻ سان گڏوگڏ هڪ خاص ماڻهو به آهي. عام زندگي بسر ڪري پيو، زندگيءَ سان نڀائڻ جا جتن جاري اٿس. خاص حياتي ۾ به هلي پيو. پنهنجي پاڻ سان، واسطي وارن سان، غير واسطيدارن سان، هِن سان، هُنَ سان، سڀني سان رسندو، پرچندو، جهيڙي پيو، طنز ۽ مزاح جي آڙ ۾ وڙهي پيو، زماني گيريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ، بنا ڪنهن ”گَردِيءَ“ جي....

هو ڄائي ڄم کان سانگهڙ جو آهي، اهو پيٽ گذر لاءِ هفتي جا ڪم وارا ڏينهن ميرپورخاص ۾ هجي ٿو، موڪل پنهنجي گهر گذاري ٿو، پر آهي سڄي سنڌ جو، عالمي انسان آهي، انسانيت جو پرچارڪ آهي، زماني جي گهڻن ماڻهن کان مختلف، انوکو ماڻهو آهي.

بظاهر هن ۾ ڀلي ڪنهن کي ڪا انفراديت نظر نه اچي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه، ڪيترائي ٻيا به ڪن پيا، جيڪو هو ڪري ٿو. مثال طور سندس هڪ سڃاڻپ شاعري به آهي ۽ شاعرن جي پاڻ وٽ کوٽ نه آهي. جيڪو ٿو ڪاوڙجي، شوق ڪري، شاعر ٿيو بيهو رهي، پر هو اهڙن مان نه آهي. هن جي شاعري ٻين سمورن شاعرن کان مختلف آهي. ان حد تائين جو هن جون تشبيهون، استعارا، اشارا، گهڻو ڪجهه مختلف آهي. سندس شاعري ۾ سندس عام ڪچهرين وسيلي وصول ڪيل لوڪ ڄاڻ، ٻهراڙيءَ ۽ شهري زندگي سان گڏيل زندگي واري مشاهدي ۽ پنهنجي پسند ناپسند جي قطعي نظر، حاصل ڪري سگهيل مطالعي جو هڪ الڳ رنگ جهلڪي ٿو، جيڪو ٻين گهڻن شاعرن ۾ گهٽ آهي.

ٿي سگهي ٿو ته هن کي سڃاڻندڙ سوين ماڻهن مان، مون وانگر ڪنهن ڪنهن يا ڪيترن کي خبر به هجي، پر پوءِ به گهڻن کي خبر نه آهي ته هو ”حڪيم“ به آهي. سندس حڪمت جو به هڪ مخصوص شعبو آهي، جنهن ڪري پڻ عام حڪيمن کان مختلف آهي. هو جديد دور جو جديد شاعر ته آهي، پر هو شاعرن جي اڪثريت وانگر دعا جي اڪثيريت جو انڪاري نه آهي. دعا گهرندو به آهي، دعا وٺندو به ۽ ڏيندو به آهي. پنهنجي ذات ۾ سچ به ته هو نرالو آهي.

سندس ٻه شاعري جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. پهريون مجموعو ”مُرڪ مهانگي نه ٿئي“ آهي، جنهن جي هاڻي وٽس به ڪاپي نه آهي، جو ثبوت طور پيش ڪري سگهي! سندس ٻيو مجموعو ”خوابن جو لانگ مارچ“ به شايع ٿيو آهي، جڏهن ته، جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط نه آهي، ته ٽئين مجموعي جو جهجهو مواد پاڻ ئي ڪمپوز ڪري چڪو آهي. جيئن ئي پيٽ کي چتيون ڏئي، ڪجهه پيسا بچائي وٺندو، ته سندس ٽيون مجموعو به پڙهندڙن جي هٿن تائين پڄي ويندو.

منهنجي نظر ۾ نسيم بلوچ اندر جي عرفان تي سوچيندڙ شاعر آهي، سندس شاعري پڙهو:

رات...

پنهنجي اونداهي ڏسي،

سڏڪي ويٺي...!

۽ هن کي اڄ اهو احساس جاڳيو ته،

هُن جي مقدر ۾،

ڪاراڻ ڇو آهي...!

ڪجهه پل ترسي،

هُن وري سوچيو،

ته اونداهه عارضي آهي،

جڏهن

هن کي اها پڪ ٿي ته

اونداهه عارضي آهي

ته هن مسڪرايو،

۽ رات جي سوچن جو احساس

گلابي شفق ٿي اڀريو،

ڇا اسان اندر جي عرفان تي،

ڪڏهن سوچيو آهي.

 

 

(روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۰۴ ڊسمبر ۲۰۱۲)

 


 

نسيم بلوچ

مٺل جسڪاڻي

ادي نسيم طور مشاعرن ۾ سڏيو ويندڙ سنڌ جو منفرد شاعر نسيم بلوچ، سنڌ جي سانگهڙ ضلع ۾ موجود، هيرڻ ڍنڍ جي ڪناري تي قائم ڳوٺ باکوڙو ۾، احمد الدين عرف الهڏتو لغاري جي گھر ۾ ۳ ڊسمبر ۱۹۶۹ع تي جيئرن جي موجودهه جهان ۾ پهتو، ته سندس نالو، سندس ڏاڏا محمد يعقوب، پنهنجي دوست ڊاڪٽر غلام علي ميمڻ جي دوستي جي ڪري، غلام علي رکيو. نسيم بلوچ ٻڌايو ته ”آئون ستڙيو ٻار هوس، اسان جي هڪ محترم حاجي رانجھو چيو ته هي وڏو ٿيندو ۽ هن کان پنهنجي ٻني ۾ هر ڪاهرائيندس. امان ٻڌائي ٿي ته مون کي علاج جي ٻين سهوليتن جي ميسر نه هجڻ سبب تس ۾ رکيو ويو، ۽ ائين مختلف بيمارين سان جھيڙيندي وڏو ٿي ويس. آخرڪار جڏهن اٺين درجي ۾ هوس ته حاجي رانجھو خان مون کي ٻانهه مان جھلي پنهنجي ٻني تي وٺي ويو ۽ اتي هر ڪاهيندڙ هاري کان هر ڦري، منهنجي هٿ ۾ ڏئي چيو ته پٽ هر ڪاهه ته منهنجي منت پوري ٿئي. سو ائين هڪ ٻه اوڙون هر ڪاهيم ته حاجي رانجھو ڏاڍو خوش به ٿيو، ته سندس دل جي ڳالهه به پوري ٿي“. نسيم بلوچ جي پنهنجي دل جي ڳالهه ۲۱ آگسٽ ۱۹۸۷ع تي پوري ٿي. پاڻ پنجن ٻارن جو پيءُ هوندي به اڃان جهڙو ٻار!!!...

نسيم بلوچ پڇڻ تي ٻڌايو ته ”پرائمري تعليم ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمنٽ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول مولوي خير محمد مان حاصل ڪيم. جڏهن ته انٽر گورنمٽ ڊگري ڪاليج کپرو مان حاصل ڪيم. مئٽرڪ کان پوءِ مون انگريزي شارٽ هينڊ ۽ ٽائپنگ سکيم، ان جي فيس نه هجڻ سبب رات جو آئل مل تي ڪم ڪندو هوس ته صبح جو اچي سکندو هوس. انگلش شارٽ هينڊ جو ڪورس امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيم.... هونئن ته گھڻن ئي جاين تي اسٽينوگرافر جا انٽرويو ڏنم، پاس به ڪيم، مگر نوڪري شايد منهنجي نصيب ۾ نه هئي! آخرڪار اپريل ۱۹۸۹ع ۾ جونيئر ڪلارڪ جو انٽرويو ڏنم ۽ ضلعي مان ٽاپ ڪري نوڪري جي شروعات ۱۷ اپريل ۱۹۸۹ع کان گورنمنٽ ڪمرشل ٽريننگ سينٽر، کپرو مان ڪيم، ۽ اتان پوءِ ۱۹۹۲ع ۾ گورنمنٽ ڪمرشل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سانگھڙ ۾ آيس، جتي پڻ ۱۹۹۲ع کان انگلش شارٽ هينڊ جا ڪلاس وٺندو رهيس. سن ۱۹۹۵ع ۾ مونکي بدلي ڪري گورنمنٽ پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ سانگھڙ ۾ رکيو ويو، ۽ سينيئر ڪلارڪ طور پروموشن ڪيو ويو ۽ ۱۹۹۸ع ۾ واپس ڪمرشل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سانگھڙ ۾ پوسٽنگ ٿي ان دوران اسان جو انتهائي محترم استاد سائين محمد جڙيل آزاد صاحب رٽائر ٿيو ته انچارج پرنسپال طور پنهنجو ذميواريون به نڀايم. ٻيهر پروموشن ٿيو ته ريجنل ڊائريڪٽوريٽ سنڌ ٽيوٽا STEVTA ميرپورخاص ۾ بطور اسسٽنٽ ذميواريون نڀائي رهيو آهيان“.

مون کانئس پڇيو ”اوهان جي شاعري جو ڀوت ڪڏهن کان ۽ ڇو سوار ٿيو“. هُن وراڻيو ”مونکي نصابي ڪتابن کان سواءِ غير نصابي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ته هيو ئي هيو، امر جليل جي ڪتابن کان پڙهڻ جي شروعات ڪيم، اٺين درجي ۾ سومري سودائي جو ڪتاب چهنڊڙيون هٿ لڳو پڙهندو ويس ته کلندو به ويس. سن ۱۹۸۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون باکوڙو تي اوائلي انب هيٺيان ٿينديون هيون، اتي شرڪت ڪبي هئي، ۽ شريڪ دوستن کي ٻڌبو به هئو، ته ڪچي ڦڪي شاعري ڪبي به هئي. چانڊوڪي رات ۾ چوڏهين جو چنڊ خاص طور تي خوبصورت لڳندو آهي، ۽ جڏهن به ڪا چوڏهين ٿيندي آهي ته من هميشه بيقرار ٿيندو آهي. ڪوشش باوجود اڱڻ تي سمهي ننڊ نه ڪري سگھندو آهيان ۽ مجبورا گھر اندر وڃي آرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. سمنڊ مونکي تمام گھڻو بيقرار ڪندو آهي. چانڊوڪي رات ۾ سمنڊ جو چنڊ ڏانهن الرون ڪرڻ مان لڳندو آهي ته اجھو ٿو اڏامي چنڊ کي ڇهي ڇا ته منظر هوندو آهي ڇا آنڌ مانڌ هوندي اٿس اهڙي آنڌ مانڌ مونکي لکڻ تي وڌيڪ اتساهيندي آهي. نه صرف ايترو پر سفر پڻ اتساهه جو وڏو سبب رهيو آهي. سيلاني رهيو آهيان، بس ۾ وين ۾ گس هلندي جانچڻ پرکڻ وارو انداز الڳ ٿلڳ آهي. اهي سڀئي محرڪ مونکي لکڻ تي مجبور ڪن ٿا. قبول صورت ماڻهو سٺا آهن“ هن چيو ته ”لکڻ جي شروعات ئي غزل کان ڪيم، مونکي غزل وڌيڪ سٺو لڳندو آهي، مگر نظم، وايون بيت، ڏيڍ سٽا، چوسٽا به لکيم. باقي گھڻا مون نظم لکيا آهن، جنهن جو ثبوت منهنجا ٻه ڪتاب خوابن جو لانگ مارچ ۽ مان موکي ۽ مڪلي! آهن. ان کان علاوه آئون سرائڪي ۽ اردو ۾ به طبع آزمائي ڪيان پيو ان ۾ به ججھو مواد آهي. ٻاراڻي شاعري به ڪيم، جنهن جو مسودو وقت جي دز ۾ گم ٿي ويو آهي. مگر اميد اٿم ته اهو به ڪٿان نه ڪٿان ملي پوندو“.

نثر جي حوالي سان نسيم بلوچ چيو ته ”ڏسو نه سائين، جيڪو ماڻهو ڪنهن به هڪڙي صنف سان واڳيل هجي، لکندڙ پڙهندڙ هجي، اهو ٻين صنفن تي پڻ لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مون شاهه جو رسالو هڪ منظوم سفر نامو جي سري هيٺ ڀٽائي جي بيتن کي کڻي مضمون لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا جاري آهي. ان جي هڪڙي ڪڙي عوامي آواز ۾ به ڇپي هئي. هي محنت ۽ وقت طلب ڪم آهي، جيڪو آهستگي سان جاري آهي“. آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن ڪجهه شاعرن ۽ انهن جي شاعري تي به لکيو آهي. ڪجهه نثر نويسن ۽ انهن جي نثر تي به لکيو آهي. هن راقم جي جنم ڏينهن تي سرائڪي ۾ نثر لکيو آهي. شاعري گهڻي سنڌي ۾، ڪجهه سرائڪي ۽ ڪجهه اردو ۾ به ڪئي اٿس.

ادبي تنظيمن سان وابستگي واري سوال جي جواب ۾ ٻڌايائين ته ”آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگھڙ جو سرگرم ڪارڪن رهيس، مختلف عهدن تي به چونڊ وڙهيم. آخر ۾ آڊيٽر به رهيس، مگر پوءِ ادبي سنگت جي ساٿين جي روين جي ڪري دل کڄي وئي ۽ هاڻ ڪنهن به تنظيم جو ميمبر نه آهيان. مگر ادب جي خدمت جيڪا مونکان پڄي پئي ڪندو اچان“.

نسيم کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو وسيع هلڪو آهي. مون پڇيو ”اوهان کي پڙهندڙن يا ٻڌندڙن، ڪنهن جي موٽ تي وڌيڪ اتساهه ملي ٿو؟ هن چيو ”مون تقريبا پوري سنڌ ۾ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي، مشاعرن ۾ ويو آهيان، جڏهن به ويندو هوس ته بابا سائين هميشه دعا ڪندو هو ته بابا تون جتي به ويندين کٽي ايندين. ۽ ان جي دعا سان ٿيندو ائين ئي هيو ته هميشه سٺي موٽ ملندي هئي ۽ اتساهه به ملندو هو. سڀ کان وڏو اتساهيندڙ منهنجا دوست ۽ ساٿي هئا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ خوشي مونکي تڏهن ٿيندي هئي جڏهن بابا چوندو هو ته نسيم وارو ڪر ڪو شعر ته ٻڌاءِ، ۽ بابا سائين کي منهنجي مزاحيه شاعري ياد به هوندي هئي“.

نسيم بلوچ جا ٽي ڪتاب ”مرڪ مهانگي نه ٿئي“ (ٻه ڇاپا)، ”خوابن جو لانگ مارچ“، ۽ ”مان موکي ۽ مڪلي“ ڇپيل آهن. جنهن مان مرڪ مهانگي نه ٿئي جا ٻئي ڇاپا مارڪيٽ ۾ اچي ختم به ٿي ويا. کيس بيسٽ رائٽرس ايوارڊ، ڊي سي سانگھڙ هٿان مليو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ اڏيرو لال طرفان جھولي لال ايوارڊ مزاحيه شاعر طور مليو آهي. نسيم بلوچ جو چوڻ آهي ته ”شاعر پيشنگوئيون ڪندا آهن، اتساهيندا آهن، معاشري جي خوبين خامين ۽ ٿيندڙ وارتائن تي انتهائي گھري نظر رکنداآهن، هو پنهنجي شاعري کي دشمن خلاف هٿيار طور استعمال ڪندا آهن ته ساڳي شاعري نرم ۽ نفيس جذبن جي هجڻ ڪري ڪنهن محبوبه جي ڳل تي ٿڦڪي پڻ ڏيندي رهندي آهي. مگر اسان کي اڃان اڳتي سوچڻو پوندو، اسان جي نوجوانن کي شاعري کان سواءِ پريڪٽيڪل فيلڊ جنهن ۾ اسان جو تعداد ايترو گھڻو ڪونهي ڏانهن وڌڻو پوندو دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪندي الائي ڪٿي وڃي پهتي آهي. دنيا هڪ ڳوٺ ٿي پئي آهي اسان ته پنهنجو هڪ عدد مستري، پينٽر، واڍو، به پيدا ڪري نه سگھيا آهيون. اسان کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ انتهائي گھڻي جدوجهد جي ضرورت آهي. شاعري سان جذبا گرمائي سگھجن ٿا، مگر پيٽ نٿو ڀري سگھجي. اسان کي فني ۽ سائنسي سبجيڪٽن تي مهارت حاصل ڪرڻي پوندي. جي ايئن نه ڪري سگھيا سين ته اسان جو جياپو ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو“.

نسيم بلوچ چيو ته ”آئون پنهنجي پاڻ کي ڪيٽيگرائز ڪرڻ نٿو چاهيان، منهنجا پڙهندڙ منهنجي شاعري مزاحيه هجي يا سنجيده مان حظ حاصل ڪندا آهن، اتساهيندا آهن، ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ آئون اچي سگھان ٿو، اهي منهنجا پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن“. هن اهو به چيو ته ”سڀ شاعر هڪجهڙا هوندا آهن، لڳ ڀڳ هڪجهڙين حالتن مان گذرندا آهن. مون ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ته آهي ڪونه جيڪا ٻين کان منفرد يا مختلف هجي، بس ايترو ضرور آهي ته ماڻهن جي ميڙ ۾ ويهي لکي سگھندو آهيان“.

مون ”ڪا خاص خوشي“ پڇي، ته وراڻيو ”منهنجا ٽيئي ڪتاب سڀ کان پهرين، بابا سائين ڏٺا ۽ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا، ته مان به ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان، جڏهن منهنجو ڪتاب مان، موکي ۽ مڪلي ڇپجي آيو ته بابا سائين بيماري جي بستري تي هو ۽ کيس ڪتاب ڏنم ته چيائين ”نسيم صاحب، توهان جو ٽيون ڪتاب به ڇپجي آيو، واهه واهه، ايترو خوش ٿيو جو ڪمزوري باوجود اٿڻ جي ڪوشش ڪندي مونکي ڳراٽي پاتي ۽ دعا ڪئي سچ ته اهو لمحو مونکان وسرڻ جو ناهي“. ”ڪا خاص ڳڻتي“ پڇيم ته چيائين؛ ”مان پنهنجي پاڻ کي وقت نه ڏيئي سگھيو آهيان“. ”ڪا خاص خواهش“ پڇڻ تي وراڻيو؛ ”ڪاش! هو منهنجي ڪتابن ۽ منهنجي زندگي تي لکي“. ”هڪ واقعو“ ٻڏايائين ته؛ ”مون سان هميشه ائيند ٿيندو رهيو آهي ته پروگرامن ۾ هيمشه ادي نسيم طور سڏيو ويندو آهي ۽ جڏهن اسٽيج تي پهچندو آهيان ته سامعين حيران ۽ ششدر ٿيندا آهن ته هي وري ڪهڙي بلا اچي پهتي مگر جڏهن شاعري ٻڌندا آهن، ته ڏاڍو پيار ڏيندا آهن. هڪ دفعي مهوسين سون پئي ٺاهيو الائي ڪا دوا پئي پچائي ته ڪوٺاري وڏي ڌماڪي سان اڏامي وئي ان تي شاعري ڪيم، ۽ ٻڌايم ته ته ان جا سڀئي محرڪ منهنجي پٺيان لٺيون کڻي ڀڳا مون به رکيو پيرن تي زور ۽ پورو هفتو گھر ڪونه آيس“.

نسيم بلوچ سان جيڪو نه مليو آهي، اهو هڪ دفعو ساڻس ضرور ملي، جنهن کيس نه پڙهيو آهي، اهو ضرور پڙهي، جنهن روبرو نه ٻڌو آهي، اهو هڪ دفعو ضرور ٻڌي، ٻئي دفعي لاءِ چوڻ جي ضرورت نه پوندي.

 

(ھفتيوار سنڌ اشوز حيدرآباد، سومر ۲۱ آگسٽ کان آچر ۲۷ آگسٽ ۲۰۱۷ع)


 

نسيم بلوچ

گل بھار باغائي

يار نسيم بلوچ جيڪو زائفاڻي نالي ۾ مڙسالو آھي. جنھن جي ھميشه اھا ئي دعا رھي آھي؛ ”مرڪ مھانگي نه ٿئي!” ھو ان ڪري ئي درد جي مڪمل سنجيدگيءَ ۾ ھوندي به ماڻھن جي چھرن تي مزاحيه شاعريءَ سان مرڪڻ جو بندوبست ڪري ٿو.

پياري نسيم بلوچ جي ڪڏھن به، اسان لئه مرڪ مھانگي نه ٿئي. ڀلي ھو ڪيترا ئي خوابن جا لانگ مارچ ڪندو رھي. مونکي يقين آھي؛ مڪليءَ تي يا ڪٿي به مرڪن جي موکي ھن جي آڌرڀاءَ لئه مڌ کنيون بيٺي ھوندي.

 

نسيم بلوچ جا ڇپيل ڪتاب

۱. مرڪ مھانگي نه ٿئي (مزاحيه شاعري)

۲. خوابن جو لانگ مارچ (نظمَ)

۳. مان موکي ۽ مڪلي (نظمَ)

 

(گل بھار باغائيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


ادا نسيم بلوچ

گلشن لغاري

سنڌي ٻولي جي سھڻي شاعر ۽ ليکڪ ادا نسيم بلوچ سان پھرين ملاقات، خانه بدوش تي ٿيل ھڪ مشاعري ۾، ڳچ سال پھرين ٿي ھئي. ان بعد ھڪ پنھنجائپ جو رشتو ڳنڍجي ويو. سندس پرخلوص شخصيت مان مون کي ھميشه پنھنجي گھر ڀاتي جھڙو واس آيو آھي. ادا نسيم پنھنجي ھن ڀيڻ کي ڪڏھن به ناھي وساريو. ھميشه ھفتي ٻئي ڪال ڪري حال احوال پڇندو آھي ته لڳندو آھي ته ھن دنيا داري واري مطلبي دنيا ۾ ڪوئي پنھنجو به آھي. جيتوڻيڪ ادا نسيم مزاحيه شاعري ڪندو آھي، پر ھو سنجيده نظم ۽ نثر جو بھترين ليکڪ آهي ۽ آئون ڄاڻان ٿي ته ھو بيحد حساس انسان آھي. سندس ٽھڪن ۽ مزاحيه نظمن ۾ لڙڪ لڪل آھن. مون کي ادا نسيم جي نج سنڌي ٻروچڪي ٻولي بيحد پسند آھي. ھن خانه خراب جھان ۾ ھن خالص انسان کي جنم ڏينھن جون واڌايون هجن.

 

(گلشن لغاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

 


نسيم بلوچ

مختصر تعارف ۽ ويچار - فيس بوڪ انٽرويو (ستيتاليهين ڪڙي)

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

نسيم... ڪهڙو سچ لکان؟ هڪڙو ئي ڪافي آهي، ته جيستائين نسيم جي خبر پوي، تيستائين... اسان نه صرف هڪ ٻئي سان مليا آهيون، هڪ ٻئي وٽ آيا ويا به آهيون. اسان گڏ سفر به ڪيو آهي. اسان ڏينهن به گڏ گذاريا آهن. اسان راتيون به گڏ گذاريون آهن. اسان پاڻ ۾ ڪچهريون به ڪندا آهيون. اسان پاڻ ۾ سک سور به سليندا آهيون. نسيم اوهان لاءِ پاڻ کي ڪيئن متعارف ڪرايو آهي؟ اوهان سان ڪهڙا ويچار ونڊيا آهن؟ اوهان پڙهو، پنهنجو رايو ڏيو.

۱. اوھان جو نالو؟

غلام علي ”نسيم بلوچ “.

۲. ولديت ذات سميت؟

احمد الدين عرف الهڏتو لغاري

۳. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟

۳ ڊسمبر ۱۹۶۹، ڳوٺ باکوڙو، تعلقو ۽ ضلعو سانگھڙ.

۴. تعليم؟

انٽر، ۽ انگريزي شارٽ هينڊ پهرين پوزيشن

۵. ڪرت (پيشو)؟

سرڪاري ملازم

۶. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟

ڪتاب پڙهڻ، سير سفر، حڪمت.

۷. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟

شاعري سان ناتو پراڻو آهي، سندم ٽي ڪتاب، مرڪ مهانگي نه ٿئي ۲ ڇاپا، خوابن جو لانگ مارچ ۽ مان موکي ۽ مڪلي! ڇپيل آهن، لطيفيات تي ڪم جاري.

۸. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟

سفر ناما، تاريخ، شاعري.

۹. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟

مختصر زندگي ۾ اگر ڪو حظ حاصل ڪرڻو آهي، ته سفر پهترين ذريعو آهي. پرکڻ ۽ پرجھڻ جو.

۱۰. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟

ڪچهري جو لفظ ٻڌندي ئي تازگي جو احساس ٿئي ٿو، هاڻ ڳوٺن ۾ اوطاقن تي جدت سبب ڪچهريون، حال احوال وٺڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي.

۱۱. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

گڏجي ويهڻ جو هڪ سبب، نوان نظريا، زاويا، ڳالهيون، مرڪون ٽهڪ سڀ هڪ هنڌ گڏ يو پون پوءِ جيڪو جيترو پرائي.

۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

سائين منهنجا، اسان پيدا ئي ته سماجي ڪمن لاءِ ٿيا آهيون، مگر ڏيکاءَ جي ور چڙهي اصل مقصد کان هٽي ويا آهيون.

۱۳. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

هو ڇنن تون م ڇن، .......

۱۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

سڀني کي پنهنجو سمجھندو آهيان، ڪوشش ڪندو آهيان ته رابطا بحال رهن.

۱۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟

سفيد.... موتيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته سفيد رنگ بيگم پائڻ نه ڏيندي آهي.

۱۶. اوھان جي پسند جي سواري؟

ريل جنهن تي جيترو به سفر ڪجي ٿڪ نٿو ٿئي.

۱۷. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

ٻي شادي ڪرڻي اٿم.

۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟

هو آهن ته آئون به آهيان، سدائين سکيا هجن.

۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟

مخلص، بيباڪ ۽ حال تي هلڻ وارا هجن، جن سان ناتو ڪڏهن به پراڻو نه لڳي.

۲۰. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟

باشعور هجن، سادگي ته اصل سونهن آهي.

۲۱. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟

جيترو ٿي سگھي، مسڪرائڻ جا سبب پيدا ڪريو.

”فيس بوڪ انٽرويو“ جي سڏ ۾، پنهنجي مرضيءَ جا سوال ۽ انهن جا جواب شامل ڪرڻ جو چيل هو. نسيم بلوچ هيٺيان سوال ۽ جواب لکي موڪليا:

۲۲. محبت جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟

تخليق ڪائنات جو سبب.!

۲۳. مزاحيه شاعري ڏکي آهي يا سنجيده؟

شاعري گھڙجي ته ڏکي آهي، پاڻهي ٿي پوي ته ٿيو وڃي، ان کي خانن ۾ ورهائڻ جي ضرورت ناهي.

۲۴. توهان ايترا ٽهڪ ڇو ڏيندا آهيو؟

هاهاهاهاها...... اهو ڪنهن محسوس ڪيو آهي ته انهن ۾ درد ڪيترو آهي.

۲۵. توهان گھڻن ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي.

آئون ٻه زبانو ڪونه آهيان. ٽن ۾ ته ڪئي اٿم.

No comments:

راءِ ڏيندا