; سنڌي شخصيتون: خالد حسين مخدوم - ستار پيرزادو

05 August, 2017

خالد حسين مخدوم - ستار پيرزادو

خالد حسين مخدوم
تون ياد وري آئين
ستار پيرزادو
الائي وري رات ايندي نه ايندي،
اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي. (شيخ اياز)
انسان سماجي جانور آهي، سماج جو جوڙ ۽ جنسار به انسان جي لاءِ آهي، انسان، انسان سان ئي ريجهي ٿو، ڪڏهن ڪنهن سان الجهي به ٿو ۽ جلد ئي پاڻ ۾ سلجهاءُ ڪري ٿو، پوءِ ڀل کڻي ڪهڙين به حالتن ۾ ٿي وڃي.


خالد حسين مخدوم، جيڪو 29 ڊسمبر 2014ع تي اسان کان بنا الجهي رسي ويو آهي، تنهن کي ريجهائي وارڻ جي ڪوشش به ڪري نه ٿي سگهجي، پر هن کي پنهنجي ذهن جي يادگيرين واري خاني ۾ ته مقفل ڪري سگهجي ٿو.
هو سنڌ جي ساڃاهه-وند، مخدوم خاندان جو روشن ڏيئو هو، جنهن ۾ علم، ادب ۽ راڳ جي پيڙا مان نڪتل تيل تي روشن رهندو ٿي آيو. هن جا ڪيترا ئي دوست، يار ۽ ساٿي رهيا آهن، انهن مان شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جنهن سان هن جوڪو الجهاءُ ٿيو هجي.
خالد مخدوم سان منهنجي شناسائي تڏهن کان آهي جڏهن مان اڃان ننڍو هوس. هو اڪثر اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ انور پيرزادي جن جي گھر ايندو هو، جتي هن کي معتقداڻو مان ملندو هو. اسان ننڍا هوندي هڪ خوبرو نوجوان کي اکيون ڦاڙي ڏسندا رهندا هئاسون، ڪڇڻ جي يا پڇڻ جي همٿ انهن ڏينهن ۾ مون ۾ ڪانه هوندي هئي. بس، رڳو ڏسڻ ۽ هن جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيڻ جي حد تائين ئي هوندو هو.
مان جڏهن ميٽرڪ پاس ڪري ٽنڊو ڄام ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ آيس اتي هو انور پيرزادي سان گڏجي آيو هو ۽ اسان جي هڪ ڪمري واري هاسٽل ۾ رات به گذاري هئا ئين.
وري جڏهن مان انور جن سان ملڻ خاطر ڪراچيءَ ايندو هوس ته هو به موڪل جا ڏينهن ڪراچيءَ ۾ پنهن جي والد جي گھر، سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ اچي رهندو هو، تڏهن به انور سان گڏجي ساڻس ملڻ واسطي ويندا هئا سين.
مان جڏهن 1977ع ۾ نوڪريءَ خاطر ڪراچيءَ اچي ويس، تڏهن مخدوم خالد پڻ پي.اي.سي.ايڇ.ايس بلاڪ -2 ۾ رهندو هو تڏهن به مان هن سان ملڻ لاءِ ويندو رهندو هوس، ڇاڪاڻ جو هن وٽ مختلف ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جو اکٽ خزانو هوندو هو، اهو وڃي ٻڌبو هو. هو مون کي سدائين مانائتي ڀلي ڪار ڪندو هو ۽ ايندو رهڻ جو چوندو رهندو هو. هن جي ڳالهين ۾ ڏاهپ، ادب ۽ راڳ رسيل بسيل هوندو هو، انڪري هو جڏهن به ٻلهڙيجيءَ ۾ ايندو هو ته، ميهر فقير ۽ علڻ ڪاسائيءَ جو راڳ ساري ساري رات شاهه جمال تي، ته ڪڏهن ملوڪ شاهه تي، مجنو فقير ۽ ڪاڪي مريد ماڇيءَ جو ٻڌندي ڄڻ ته ڍاپندو ئي نه هو ان حد تائين جو ڳائڻ وارا ٿڪجي پوندا هئا پر خالد مخدوم ۽ اسان جي ڄڻ اڃ ئي نه اجھامندي، اڃان تهان ئي تکي ٿو ويندي هئي.
اوچتو ڪراچيءَ ۾ سنڌي-مهاجر وڳوڙن ڪر کنيو ته اول انور ۽ پوءِ خالد مخدوم به اسٽيل مل پاران اڏايل نئين آبادي گلشن حديد جا وڃي وڻ وسايا. تڏهن به مان انور جن وٽ ويند رهندو هوس ته خالد مخدوم جي گھر ضرور، نه صرف  ڀيرو ڪندو هيس پر ڪڏهن ته ڪچهري ايتري طويل ٿي وندي هئي جو مان هنن وٽ رات به رهي پوندو هوس.
هڪ رات جي ڳالهه ياد ٿي پويم ته مخدوم احمد حسين، جيڪو سينگاپور ۾ رهندو هو، اهو به ڪڏهن سنڌ جي سڪ پوري ڪرڻ ۽ مٽن مائٽن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ ايندو هو ته مون کي فون ڪندو هو ته اچي ملي وڃو، ان رات دير تائين ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ دوست حنيف لاشاري فون ڪئي ته ڪجھه دوست آيا آهن، راڳ جو پروگرام ٺهي چڪو آهي، توهان به اچو ته ڪچهريءَ کي چار چنڊ لڳن ۽ راڳ ۾ رس جو واڌارو ٿئي. ڇاڪاڻ جو هر راڳي اهڙي ٻڌندڙ کي ضرور پسند ڪندو آهي جيڪو راڳ جي رڳ رڳ مان واقف هجي ۽ هن تي ننهن کان چوٽيءَ تائين راڳ اثر انداز ٿئي، اهڙي ماڻهوءَ جي هجڻ سان راڳي؛ راڳ، ۽ ساز ملي هڪ ٿي ويندا آهن ۽ جسم غائب ٿي ويندا آهن، رهجي ويندو آه راڳ ۽ بس راڳ. عجب رنگ رتو ۽ خالد مخدوم اٿي جھمر هڻڻ لڳو، پوءِ ته حنيف لاشاريءَ جي آواز جو جادو هو ۽ خالد جي رقص. ان کي اڃان به سنڌي مرداڻي جھمر چوان ته وڌيڪ مانائتو لڳندو. گھر واپس ايندي صبح جي ٻانگ اچي وئي ۽ مون چيو ته اوهان کي شايد اها پروڙ نه هئي ته اڄ علي الفجر منهنجو جنم ٿيو هو، 29 جنوريءَ جو فجر هو. تنهن تي خالد مخدوم چيو ته، اڳ ۾ ڇو نه ٿي ٻڌايئه ته اسان اها رات تنهن جي نانءِ ڪري ڇڏيون ها. مون وراڻيو، منهن جي نانءِ ئي ته ٿي وئي.
7 جنوري 2007 تي انور هي جهان ڇڏي ويو ته مون اهو ئي خالد مخدوم وٽ اچڻ جو ڀيرو نه ڀڳو، منهن جو اهو ڀيرو هلندو رهيو سندس آخر تائين. انهيءَ دوران هڪ ڀيري شيخ اياز کي شهري گهما گهميءَ مان ڪڍڻ ۽ روح ريجھائڻ جي لاءِ گلشن حديد، مان ۽ ڊاڪٽر آنند ڪمار پنجواڻي وٺي آياسون. اسان پهرين ته شاهه محمد پيرزادي سان طئه ڪيو هو ته هن جي گھر ايندا سون. جڏهن اتي پهتاسون ته خالد مخدوم کي به اطلاع ڪري اچڻ جو چيو ته هن اصل پاڻ وٽ ئي گھرائي ورتو. اتي ڪيترن ئي ٻين دوستن کي به گھرايو ويو ۽ خالد مخدوم حنيف لاشاريءَ کي به شيخ اياز جي اچڻ جو چيو ۽ شيخ اياز جا ڪمپوز ڪيل غزل به ٻڌائڻ جو چيو. واهه جي محفل متي، شيخ اياز ڏاڍو خوش ٿيو.
خالد مخدوم سان ملي ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيو ته مان ڪو ٻيو آهيان ۽ هو ڪو ٻيو آهي، پر ائين لڳندو هوم ته منهنجو وڏو ڀاءُ هجي، جنهن جي گھر ڪڏهن به اچي، ملي جلي، پراڻيون نيون ڳالهيون ڳرهي جڏي جيءَ کي تازو توانو ڪري وريو آهيان. هن جي هاڻ هن جهان مان هليو وڃڻ جو به اوترو ئي دک ٿيو اٿم جيترو ڪنهن به ننڍي ڀاءُ تان گھاٽي بڙ جي ڇانءَ هلي وئي هجي، هانءُ خالي ٿي ويو هجي. جيتوڻي هن جو اولاد به مون سان ڏاڍو مانوس آهي، هنن به ڪڏهن مون کي مان ڏيڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي. ان لاءَ هو به جس لهڻن.
ڄاڻ جي لحاظ کان هو حقيقت ۾ انگريزي ادب جو شائق هو، پر شيخ اياز کي پڙهڻ خاطر هن سنڌي پڙهڻ سکي ۽ ان سان گڏ و گڏ اردو پڻ. پوءِ ته جڏهن به شيخ اياز جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ ايندو هو اهو خالد مخدوم ضرور پڙهندو هو ۽ هر شعر تي اهو ’ابوءِ‘ چوڻ جو انداز ئي نرالو هوندو هوس. قرات العين حيدر جي ناولن جو ته اصل ڪوڏيو هوندو هو. ’آخري شب ڪي همسفر‘جهڙو ناول  پڙهي اسان کي به پڙهڻ تي آمادهه ڪيائين، جنهن کان پوءِ اسان اهو پڙهيو ۽ پرجھيو.
راڳ ٻڌڻ جي وري اها حالت هئس جو شايد ڪوئي ڪلاسيڪل يا نيم ڪلاسيڪل راڳ هن وٽ نه هجي ۽ اها راڳ ٻڌڻ ۽ پرجھڻ واريءَ حس، هن کي هندوستان ياترا ڪرائي چڏي. ڪنهن به راڳ جو نالو کڻبو ته اهو خالد مخدوم وٽ ضرور هوندو. جيتوڻيڪ هو تعليم جي لحاظ کان، انجنيئرنگ جو شاگرد هو. اول سنڌ حڪومت جي پاڻيءَ واري اداري ۾ انجنيئر رهيو ۽ پوءِ پورٽ قاسم ۾ هڪ عرصي تائين، مختلف عهدن تي ڪم ڪندي سٺ ورهين جي ڄمار کان اڳ رٽائر ٿي اچي گھر ويٺو، پوءِ هن راڳ سان رهاڻيون ڪيون. دوستن سان رمزون سليائين. خالد مخدوم ولد مخدوم عبدالواليءَ جي گهر ۾ 1946ع ۾ ڄائو، جنهن جو تعلق تعلقو درٻيلو جي مخدوم خاندان سان هو. جن جي پيري مريدي پڻ هئي پر جيئن ته هو پڙهيل ۽ ڪڙهيل هو ۽ بهتر عهدن تي رهي، پنهنجو وارو وڄائي ويو. بهتر عهدن تي ته اسان جا ڪيترا ئي سنڌي رهيا آهن پر خالد مخدوم جي ڳالهه ئي نرالي ليکبي.
منهن جي خواهش هوندي هئي ته هو پنهن جون ساروڻيون لکي پوءِ ڀل کڻي انگريزيءَ ۾ لکي، پر لکي ضرور، پر هن منهنجو اهو چيو موٽائي ڇڏيو، ائين چئي ته مان لکي نه سگھندس. مان جڏهن ‘روزانو عوامي آواز’ جو ادبي صفحو ‘تخليق’ سهيڙيندو هوس، ته مون هڪ ڀيري کيس چيو ته، توهان جو ڪجھه پڙهيو آهي ۽ جيتري راڳ جي اوهان کي ڄاڻ آهي، ته مان انهن بابت اوهان سان انٽرويو ڪرڻ گھرندس. ان جي لاءِ به هو راضي نه پئي ٿيو ۽ گھڻو چوڻ کان پوءِ جڏهن هو راضي ٿيو ته روزاني ”عوامي آواز“ اهو ادبي صفحو ئي بند ڪري ڇڏيو. ڪاش! اهو انٽرويو هو ڏئي وجھي ها، ته نه صرف منهن جي هڪ ننڍڙي خواهش پوري ٿي پوي ها، پر سنڌي عوام کي هڪ بهترين ادب پڙهندڙ ۽ راڳ جي ڄاڻوءَ جي پروڙ پوي ها.

زندگي هڪ اڻ کٽندڙ ناٽڪ آهي، جنهن جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ هڪ اپيسوڊ مثال آهي، هر انسان ان جو ڪريڪٽر آهي ۽ پنهن جو رول ادا ڪري انت ڏانهن وڌندو ٿو وڃي. هن به زندگيءَ جي ان طويل ناٽڪ ۾ جيڪو ڪردار کنيو، تنهن سان پورو نباهه ڪيائين ۽ آخر پنهن جي انت کي رسيو. جيتوڻيڪ اڄ هو اسان ۾ جسماني طور موجود ناهي، تنهن هوندي به اسان سان گڏ آهي، جڏهن به ڪا راڳ جي محفل مچندي هو اسان ۾ موجود هوندو، ڀل اسان جي اکين کان اوجهل ڇو نه هجي، هو سدائين ساربو رهندو، کيس ڪو به وساري نه سگهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا