; سنڌي شخصيتون: عبدالحميد ابڙو- عيسيٰ ميمڻ

05 August, 2017

عبدالحميد ابڙو- عيسيٰ ميمڻ

عبدالحميد ابڙو
پرهه جي ٿڌي هير جهڙو شخص
عيسيٰ ميمڻ
سماج ۾ اهڙ اماڻهو توهان کي وَرلي ملندا جيڪي پنھنجي مٿين طبقي کي ڇڏي، هيٺئين طبقي سان پنھنجو رشتو ناتو جوڙين ۽ ان ۾ ئي پنھنجي ذات جي تڪميل سمجهن. سنڌ ۾ اهڙا مثال تاريخ ۾ جيڪي ملن ٿا انهن ۾ لاڙڪاڻي ويجهو انتھائي پوئتي پيل علائقي سلطان خان جماراڻي ڳوٺ ۾ سنڌ جي جاگيردار گهر ۾ ۵-فيبروري ۱۹۴۳ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالحميد ابڙي کي وساري نه ٿو سگهجي. سول جج کان پنھنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪندڙ جي زندگي ”آهه“ فلم ڏسڻ کانپوءِ سندس دنيا ئي تبديل ٿي وڃي ٿي. ان تبديليءَ جو اثر اهو نڪتو جو هو سڄي زندگي غريب ۽ مارو ماڻهن سان محبت ڪندي گذاري ٿو. عبدالحميد ابڙو صاحب جو جيڪو تعارف سنڌ ۾ ڪرائي سگهجي ٿو، انهيءَ جا گهڻا ئي پهلو آهن، پر هتي مختصر هيٺ ڏجي ٿو.


قانوندان: ۱۹۷۱ع کان سول جج کان پنھنج ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اهم هستي هوندي به عام ماڻهن جي ڪيسن ۾ زبردست حمايت ۽ طرفداري ڪندڙ رهيو هو. جڏهن اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري کي سرڪار بغاوت جا ڪيس هڻي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان اول ته عبدالحميد ابڙي صاحب استاد بخاري کي چيو ته ”جيڪو تو عمل ڪيو آهي اهو عمل ساراهه جوڳو آهي،
ان ڪري ان عمل تي پڇتاءُ ڪرڻ بجاءِ قبول ڪر ته تون باغي آهين. تاريخ توکي سونھري موقعو فراهم ڪيو آهي“ پر استاد بخاريءَ جي انڪار ڪرڻ تي ڪيس مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي، استاد بخاريءَ کي آجو ڪرايائين. ان کانپوءِ به هو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويھندي پنھنجي وس آهر ڪرسي جي پرواهه نه ڪندي به عام ماڻهن سان پنھنجو رشتو نڀائيندو رهيو. جنھن جو ٻيو وڏو مثال ۲۰۰۱ع ۾ نظر اچي ٿو، جڏهن جسقم سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پنجاب جي رسد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن رڳو ڏوڪري تعلقي جا ۶۳ ڪارڪن راقم الحروف سميت مورو- دادو پُل تي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سکر سينٽرل جيل ۾ واڙيا ويا. تڏهن به عبدالحيد صاحب چورائي موڪليو ته ”توهان پنھنجو ڏوهه قبول ڪيو ته توهان سنڌ جي پاڻي خاطر هر سزا قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيو.“ حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي عبدالحميد رياست مخالف پارٽي جي ڪارڪنن سان ٻاجهاري واٽ وٺندي ٻن مھينن جي اندر سڀني ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪرايائين. جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ ٻين شھرن کان گرفتار ٿيندڙ ڪارڪن ڪيترائي مهينن جا مهينا جيل ۾ سڙندا رهيا. اڄ تائين اسين سڀ ساٿي عبدالحميد صاحب جو اهو احسان وساري نه سگهيا آهيون.
لطيف سان محبت: لطيف ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪشش آهي. جيڪو ماڻهو هڪ دفعو به ان سَحَر ۾ اچي وڃي ٿو، ان جو نڪرڻ محال ٿيو پوي. ۱۹۱۹ع ۾ جڏهن جليان والا باغ لاهور ۾ جنرل ڊائر پرامن ماڻهن تي گوليون هلائي رتوڇاڻ ڪرائي هئي. ان پسمنظر ۾ ڄيٺ مل پرسرام ”اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا“ جي عنوان تي اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکيو. جنھن تي سرڪار ڏمرجي ان وقت جي منصف ايڇ.ٽي.سورلي جي عدالت ۾ جيٺ مل پرسرام کي پيش ڪيو ويو تڏهن ايڇ.ٽي.سورلي ان کان ان سِٽَ جي معنى پڇي تڏهن دنگ رهجي ويو ۽ لطيف جي سَحَر ۾ ايترو جڪڙجي ويو جو ان تي پي.ايڇ.ڊي ڪيائين، ”ڀٽ جو شاهه“ جي عنوان تي اڄ تائين ان جيترو تحقيق ڪم ورلي ٿيو آهي. تاريخ ۾ اهو وڏو اتفاق آهي ته ايڇ ٽي سورلي قانوندان جي حيثيت ۾  هو ۽ لطيف جي عشق ۾ جڪڙجي ويو ۽ سائين عبدالحميد صاحب به قانوندان جي حيثيت ۾ لطيف جي جڪڙ ۾ آيو ته سڄي ڄمار ان کان نڪري نه سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو جج هوندي به لطيف جي درگاهه تي ڪنٺا ڪولابا پائي فقيري ويس ڪري لطيف جي درگاهه تي راتين جون راتيون راڳ ٻڌندو هو ۽ هزارن جي تعداد ۾ لطيف جي فقيرن جي راڳ جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين. جڏهن ته خاص ”تنبورو، به ٺھرايائين جنھن تي لطيف جي راڳ تي ويهي رياض به ڪندو هو. ان تي ايتري مھارت ٿي ويس جو شيخ اياز جھڙو بلند پايي جو شاعر به لطيف جي بيتن جي سمجهاڻيءَ لاءِ عبدالحميد صاحب کان رهنمائي وٺندو هو. پنھنجي گفتگو ۾ هر واقعي، مھل ۽ موقعي تي لطيف جو ڪونه ڪو بيت رهنمائي طور تي پيش ڪندو هو. جنھن مان محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪو لطيف سائين اهو بيت ان واقعي، مهل ۽ موقعي لاءِ چيو هجي. ان مان سندس لطيف ڏانھن محبت جو جهڪاءُ ۽ جهلڪ واري نظر پسي سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ جن شخصيتن وٽ وڏي ۾ وڏيون پنھنجون ذاتي لائبريريون هيون انھن ۾ سائين جي ايم سيد، ايم.ايڇ. پنهور، محمد ابراهيم جويي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ شيخ اياز کانپوءِ سائين عبدالحميد صاحب جن جي لائبريري ڳڻي سگهجي ٿي.

سندس ذاتي دوستن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، سوڀو گيانچنداڻي، محمد علي پٺاڻ، اياز گل، عبدالقادر جوڻيجو، جسٽس عبدالحميد ڊوگر، ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس جھڙا ماڻهو شامل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته جيڪي سندس دوست ۽ساٿي موجود آهن، انھن کان به لکرايو وڃي ته انھن عبدالحميد صاحب کي ڪيئن ڏٺو ته گهٽ ۾ گهٽ عبدالحميد صاحب جو تعارف ۽ ڪردار محفوظ ڪري سگهجي ٿو. مون سندس ڪجهه ذاتي خط پڙهيا آهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ۽ مان دعوى سان چوان ٿو ته اهي خط شيخ اياز جي خطن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جھڙا شاهڪار خط آهن، انھن کي منظر عام تي آڻڻ پڻ سٺو سنوڻ ثابت ٿيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا