; سنڌي شخصيتون: عبدالحميد ابڙو، عيسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label عبدالحميد ابڙو، عيسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label عبدالحميد ابڙو، عيسيٰ ميمڻ،. Show all posts

05 August, 2017

عبدالحميد ابڙو- عيسيٰ ميمڻ

عبدالحميد ابڙو
پرهه جي ٿڌي هير جهڙو شخص
عيسيٰ ميمڻ
سماج ۾ اهڙ اماڻهو توهان کي وَرلي ملندا جيڪي پنھنجي مٿين طبقي کي ڇڏي، هيٺئين طبقي سان پنھنجو رشتو ناتو جوڙين ۽ ان ۾ ئي پنھنجي ذات جي تڪميل سمجهن. سنڌ ۾ اهڙا مثال تاريخ ۾ جيڪي ملن ٿا انهن ۾ لاڙڪاڻي ويجهو انتھائي پوئتي پيل علائقي سلطان خان جماراڻي ڳوٺ ۾ سنڌ جي جاگيردار گهر ۾ ۵-فيبروري ۱۹۴۳ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالحميد ابڙي کي وساري نه ٿو سگهجي. سول جج کان پنھنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪندڙ جي زندگي ”آهه“ فلم ڏسڻ کانپوءِ سندس دنيا ئي تبديل ٿي وڃي ٿي. ان تبديليءَ جو اثر اهو نڪتو جو هو سڄي زندگي غريب ۽ مارو ماڻهن سان محبت ڪندي گذاري ٿو. عبدالحميد ابڙو صاحب جو جيڪو تعارف سنڌ ۾ ڪرائي سگهجي ٿو، انهيءَ جا گهڻا ئي پهلو آهن، پر هتي مختصر هيٺ ڏجي ٿو.