; سنڌي شخصيتون: قاضي غفار- منان چانڊيو

05 August, 2017

قاضي غفار- منان چانڊيو

قاضي غفار
ماڻهو مڻيادار، هارين جو يار
منان چانڊيو
سونھاري، سون ورني سنڌ جي ڀلاري ڀونءِ تي ڪيترا ئي اھڙا مڻيادار مڙس مٿير پيدا ٿيا آھن جن پنھنجي سڄي زندگي خلق خدا جي مسڪين ماڻھن جي خدمت، ڀلائي ۽ بھبود لاءِ وقف ڪري ڇڏي. انھن نه صرف پنھنجي ماتر ڀومي جي نمڪ حلالي ڪندي قوم جي قومي ۽ طبقاتي نجات لاءِ پاڻ پتوڙيو پر انھن جي روز مرھ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ پڻ وسان ڪو نه گھٽايو اھڙن خوددار ۽ فرض شناس موتين جھڙن ماڻھن ۾ تعلقي وارھ جو ھڪ باشعور، باھمت، باغيرت ۽ باضمير انسان حڪيم عبدالغفار عرف ھارين جو يار قاضي غفار به ٿي گذريو آھي ھن ٻالڪ تيرنھن جنوري اڻويهھ سو ٽيٽھه تي وارھ تعلقي جي چانڊڪا جاگير پرڳڻي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ گاھي خان چانڊيي لڳ حمل ۾ جڏھن اک کولي ته ھڪ طرف انگريز سامراج سنڌ تي قابض ھيا ته وري ٻئي طرف ھنن جي ٽائوٽ سردارن، ڀوتارن، پيرن، ميرن جو پڻ پنھنجي قوم جي ماڻھن مٿان ھڪ مدي خارج قبيلائي ۽ پيري ميري وارو ظلم ۽ ستم ٿي رھيو ھو.قاضي غفار جو والد حڪيم عبدالڪريم اڻويھه سو ٻائيتاليهھ ڌاري ڳوٺ گاھي خان کي ڇڏي لالو رائنڪ شھر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.ان لڏ پلاڻ دوران قاضي غفار جي عمر نوَ سال ھئي ھن تعليم لالو شھر مان ان وقت جي سنڌي ست درجا حاصل ڪئي جنھن کي سنڌي فائنل سڏيو ويندو ھيو. ان کانسواءِ ھن عربي. فارسي شھر جي مدرسن ۽ مسجدن مان حاصل ڪئي. ھو ڌنڌي جي حساب کان پنھنجي والد صاحب واري حڪمت اختيار ڪئي ۽ ھڪ تمام سٺو حڪيم سڏجڻ لڳو.قاضي غفار لالو رائنڪ مان شفٽ ٿي وارھ شھر ۾ (قاضي ڪريمي دوا خاني) جي نالي سان اسپتال قائم ڪئي. قاضي غفار جو ذھني طور تي لاڙو قومي ۽ طبقاتي طرح خاص ڪري ھارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ڏانھن مائل ھيو. ھن اڻويھه سؤ پنجاھ ڌاري ٿيندڙ اليڪشن جنھن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چانڊڪا جاگير جي مالڪ نواب غيبي خان چانڊيي جي پوٽي سردار سلطان احمد خان چانڊيي خلاف چونڊ وڙهيو ته ڪامريڊ جي ورڪ ڀرپور نموني ڪئي.۽ ھو حيدربخش جتوئي جي ھاري حقدار نالي تحريڪ جيڪا اڳتي ھلي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي نالي سان مشھور ٿي ان جي پروگرام ۽ جدوجھد کان متاثر ٿي اوڻويھ سئو چوونجاھ ۾ باقاعدي ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿي تمام گھڻو سياسي طرح سرگرم ٿيو. ڪامريڊ حيدربخش جي سرواڻي ھيٺ ھلندڙ سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ جتي غير سنڌي ڪامريڊن ۾ جمال الدين بخاري، راءِ صغير احمد کانسواءِ ٻيا ڪيترا مھاجر ۽ پنجابي شامل ھئا. اتي وري سنڌي ڪامريڊن ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مولوي عزيز الله جروار، مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ نبي بخش تنيو، ڪامريڊ مور مگسي، مولوي تاج محمد مگسي، سرائي خدا بخش کھاوڙ، غلام حسين سومرو، مولوي عبدالحي چانڊيو (جامي چانڊيو جو والد) مولوي نظام الدين سوماراڻي چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي بر جستا سماجي قد ڪاٺ ۽ حيثيت وارا فرد پڻ ھاري  ڪاميٽي ۾ شامل ھئا. واضح رھي ته ڪامريڊ جتوئي ۽ ھن جي ساٿين سنڌ ٽيننسي ايڪٽ وقت جي حڪومت کان منظور ڪرايو جنھن ۾ ھارين کي ڪافي فائدو پھتو ۽ ڪنھن حد تائين زميندار ۽ ھارين ۾ لاڳاپا بھتر رھيا پر اڳتي ھلي جيڪي اھم نقطا ان ايڪٽ ۾ طئه ٿيا ھئا انھن تي مڪمل عمل ڪو نه ٿي سگھيو.


خير پاڻ ڳالھه ڪري رھيا آھيون قاضي غفار جھڙي پورھيت دوست مھان انسان جي ته جڏھن صدر ايوب پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ سان ھم صلاح ٿي ملڪ مٿان ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي قومي وجود ۽ وسيلن کي تين وال ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف جيڪا قومپرست ڌرين ۽ سنڌ جي گهڻ گُھر فردن تحريڪ ۽ جدوجھد هلائي، تنھن جو حصو بڻجندي قاضي غفار وارھ شھر ۾ ٻاھتر ڪلاڪن تائين پنھنجي ساٿين جھڙوڪ مور مگسي.الھرکيو چانڊيو.روضي چانڊيو ۽ شاگرد  اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ سام گڏجي بک ھڙتال ڪئي ٻي ڳالھه ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ملڪ ۽ سنڌ جي ٻين ھاري پورھيت دوست اڳواڻن پاران جاگيردارن خلاف ھلايل تحريڪ جي نتيجي ۾ صدر ايوب خان مارشل لا ريگوليشن ھڪ سئو پندرنھن تحت جيڪي جاگيرون ختم ڪيون انھن ۾ تنھن وقت لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۾ وڏي جاگير سر نواب غيبي خان جي پوٽي سردار سلطان احمد جي پڻ ھئي.
ان جاگير مان حاصل ڪيل زمين سرڪار علائقي جي بي زمين ھارين ۾ ويھه رپيا في ايڪڙ جي حساب سان ھر ھڪ ھاري کي چوھٺ ايڪڙ ڏنا ويا. پر شرط اھو به ھيو ته اھا زمين آباد ٿئي يا نه پر ڇهھ ماھي اھا رقم حد جي تپيدارن کي ڏيڻي ھئي.ياد رھي ته 1958ع ۾ مٿي رقم ھارين يعني نون کاتيدارن جي ڏيڻ کان ڳري ھئي. ان ڪري اڪثر کاتيدارن کان زبردستي رقم وصول ڪئي ويندي ھئي.۽ پئسن نه ڏيڻ جي صورت ۾ کاتيدارن جو چوپايو مال ۽ گھريلو سامان ضبط ڪيو ويندو ھئو ۽ ان کان علاوه کاتيدارن کي جيل ۾ پڻ واڙيو ويندو ھيو.اھڙي زيادتي خلاف قاضي غفار سنڌ ھاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجھد ھلائي جاگير جي کاتيدارن سان رابطا ڪري انھن ۾ سجاڳي ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ لاء سوين ھزارين پمفليٽ ورھايا. نتيجتن ويھ روپيا في ايڪڙ وصولي مان ڏھ رپيا معاف ڪيا ويا. پر پوءِ به کاتيدارن وٽ سندن زمين مان اپت نه ھئڻ ڪري اھا رقم ڏيڻ جي طاقت ڪا نه ھئي. بھرحال ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ اھا رقم کاتيدارن تان معاف ڪئي وئي ۽ جاگير واري علائقي جي رھيل ھزارين ايڪڙ زمين سورنھن ايڪڙ في ھاري کي مفت ۾ ڏني وئي.چوڻ جو مطلب ته قاضي غفار جاگير واري علائقي ۾ تمام گھڻو مشھور ٿي ويو،

ھتي پاڻ واضح ڪندا ھلون ته ٻه ڏھاڪا قاضي صاحب ھاري ڪميٽي ۾ سرگرم رھيو ۽ پوءِ جڏھن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي وفات ڪري ويو ته ڄڻ سنڌي ھاري ڪميٽي فوت ٿي وئي. ۽ اھڙي صورتحال کانپوءِ ھن جا سنڌ ھاري ڪميٽي جي غير سنڌي اڳواڻن سان تنظيمي مامرن ۽ خاص ڪري ھنن سان قومي سوال تي قاضي غفار جا اختلاف شروع ٿيا تان جو ھو 1974ع ڌاري سنڌ ھاري ڪميٽي کان ڌار ٿي ويو.۽ ڪجھه وقت کانپوءِ ھن جي حيدرآباد ۾ محترم رسول بخش پليجي سان ملاقات ٿي.اھڙي ملاقات ۾ سنڌ اندر قومي ۽ طبقاتي سياست اصل جمھوريت ۽ آمريڪي سامراج جي ڪردار تي ڪيترائي ڪلاڪ ڳالھه ٻولھه ٿي.۽ اھو طئي ٿيو ته آئينده سياسي صورتحال تي ڳالھيون قاضي غفار جي رھائش گاھ وارھ ۾ ٿينديون ۽ پوءِ نيٺ اھو وقت اچي ويو جڏھن پليجو صاحب سائين عالم شاھ کي ساڻ ڪري وارھ پھتا.جيئن ته پليجي صاحب ۽ سائين عالم شاھ جن جي وارھ شھر ۾ پھريون ڀيرو اھا آمد ھئي.ان ڪري شھر جي ماڻھن کان قاضي صاحب جي اسپتال ۽ گھر جو ڏس پتو معلوم ڪري اچي قاضي صاحب وٽ پھتا.۽ ڌرين ۾ وڌيڪ ڳالھه ٻولھه ٿي.آخرڪار قاضي غفار پليجو جي سياسي بسيرت ۽ ان جي پارٽي عوامي تحريڪ جي آئين، منشور ۽ سماجي پروگرام کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو.۽ اڳتي ھلي عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌي ھاري ڪميٽي جي باني اڳواڻن جھڙوڪ شير خان لنڊ.جمعو نوحاڻي.امين خاناڻي.ڦوٽو رستماڻي.رئيس بروھي ۽ ٻين سان گڏجي اڳئين کان وڌيڪ سڄي سنڌ ۾ ھارين کي سياسي طرح سجاڳ ۽ منظم ڪرڻ جي ڄڻ ته ھڪ مھم شروع ڪئي.۽ خاص ڪري ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ھارين آبادگارن کي سنڌي ھاري ڪميٽي ۾ شامل ڪرائڻ ۽ ان جي تنظيم ڪاري ڪرڻ تي سنجيدگي سان رٿابندي ڪندي ضلعي جي تقريبن سمورن تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ پيرين پنڌ ھلي راتين جون راتيون اوجاڳا ڪندي ھارين ننڍن زميندارن ۽ آبادگارن سان ڪچھريون ڪري انھن ڳوٺن ۾ سنڌي ھاري ڪميٽي جيڪا بعد ۾ سنڌي ھاري تحريڪ بنجي وئي ان جون شاخون يا يونٽ قائم ڪندو رھيو. قاضي غفار پنھنجي عمر جي اڌ صدي سنڌ.سنڌي قوم، عوام ۽ مسڪين بي پھچ  ماڻھن جي خدمت ڪندي انھن جي حقن جي حاصلات لاءِ وقف ڪئي. اھڙن گھڻين خوبين وارو عظيم انسان 21 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪري ويو.قاضي صاحب جي ڪيل حق پرست جدوجھد ۽ جاکوڙ کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ سندس 16 هين ورسي جي مناسبت سان عوامي تحريڪ پاران اڄ وارھ ۾ يعني 21 ڊسمبر تي وڏو جلسو ٿي رھيو آھي ۽ ٻي  ڳالھه ته قاضي صاحب جي نالي کي زندھ رکڻ ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت وارھ پاران سندس نالي سان لائيبريري قائم ڪئي وئي آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا