; سنڌي شخصيتون: مراد فقير- مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

مراد فقير- مٺل جسڪاڻي

مراد فقير
صوفي راڳي سان رهاڻ
مٺل جسڪاڻي
صوفي به گهڻا، صوفي راڳي به ججها، صوفي راڳي مراد فقير به ڪو هڪ نه آهي! منهنجي جنهن صوفي راڳي مراد فقير سان ڪچهري ٿي، ان سان منهنجي ملاقات جهمپير ۾ سائين رسول بخش درس وٽ ٿي. جنهن وٽ روزاني روز ڪو نه ڪو اديب، شاعر، راڳي، علم ادب سان چاهه رکندڙ مهمان هوندو ئي هوندو آهي. سندس سڄو نالو علي مراد ولد فقير بچل مڱڻهار آهي. هن ٻڌايو ته هو ٿاڻو بولا خان لڳ مهندا پالاري ڳوٺ جو رهواسي آهي.


صوفي راڳي مراد فقير سان جنهن ڏينهن ڪچهري ٿي، ان ڏينهن آئون ۽ ڪجهه ٻيا سائين رسول بخش درس وٽ اڳ ۾ ئي ويٺا هئاسين. هلندي ڪچهري ۾ اوچتو مراد فقير پهتو ته سائين رسول بخش ٻڌايو ته فقير راڳ جو سٺو ڄاڻو آهي ۽ پوءِ هڪدم ڪچهري جو رخ ئي بدلجي ويو. ڇو ته فقير جي پهچڻ کان اڳ اسان جي ڪچهري جو هڪ موضوع صوفي راڳ به هو. مراد فقير جي اچڻ سان، اتي هلندي ڪچهري ۾، سائين جي چوڻ تي، دير ئي نه ٿي، سائين رسول بخش درس وٽ ئي، سندس اوطاق ۾ رکيل هارمونيم کڻي، مراد فقير صوفي راڳ ڳائي ٻڌندڙن کي موهي وڌو.
صوفي مراد فقير سندس ترتيب ڏنل ڌنن ۾ حسن درس، اعجاز شاهه، راشد مورائي، علي احمد مسڻ، استاد بخاري، حافظ محمد نظاماڻي ۽ ابراهيم منشي جي شاعري ڳائي ٻڌائي. ابراهيم منشي جو ”ٻڌڻ وارا ويا ٻوڙا ٿي...“ ۽ حسن درس جو ”کل جهڙا پيار پنهنجا، ٻار ڄڻ ٻئي اسين...“، ته تمام گهڻو سٺو ڳايائين.
ڪچهري ڪچهري ۾ مون کانئس ڪجهه سوال پڇيا، جن جواب اوهان پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض آهن.
سندس چوڻ موجب هو تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري کيس ڳائڻ لاءِ شاعري ياد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن کان مدد وٺڻي پوي ٿي. ان هوندي به کيس تمام گهڻي شاعري ياد آهي ۽ هو ڪچهري جو رنگ ڏسي، ان نسبت سان سڄي سڄي رات ڳائي سگهي ٿو.
راڳ ۾ مراد فقير جي تربيت، سندس ئي گهراڻي کان شروع ٿي. هن ٻڌايو ته سندس عزيز فنڪار هئا، هو ساز به وڄائيندا هئا. بنيادي سکيا انهن مٽن مائٽن وٽان ورتي، اڳتي هلي استاد امانت علي خان جي گهراڻي جو شاگرد، استاد احمد منهنجو استاد رهيو، شاهه محمد ڪلوئي ۽ سنڌ ٽي وي جو بادل راهي به ڪي گرُ ڏسيا، ڪي گس ۽ ڏس ڏنا.
مراد فقير چيو آئون صوفياڻي رنگ ۾ لهي پيو آهيان، جهڙو به حال آهي. گذريل ۴۰ سالن کان (۱۰ يا ۱۲ سال جي عمر کان) ڳايان پيو. زماني جا موڙ اهڙا آهن، جن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هن مڃيو ته سکيا وارو پاسو گهٽ آهي، ڇو ته سندس مائٽ ويچارا ويا هليا، ته زماني جو سڄو وزن مٿس پئجي ويو! هن چيو ته وڏڙن جي وڃڻ سبب، گهر، خاندان، ٻچن جون ذميواريون پنهنجي ڪلهن تي اچي ويون آهن.
مراد فقير چيو ته جهوڪ شريف ۾، صوفين وٽ، راڳ جو ايترو مزو آهي، جو دنيا ۾ ڪٿي به ڪونهي! قدر به اتي آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد جا پوئلڳ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
مراد فقير کان جڏهن مون پڇيو ته اوهان ڪنهن ڪنهن کي ڳايو آهي؟ هو وراڻيو ته سچل سائين، بولا شاهه، لطيف سرڪار، مصري شاهه، رکيل شاهه، اعجاز شاهه، صادق شاهه کي ڳايو آهي. نون شاعرن جي حوالي سان هن ٻڌايو ته ابراهيم منشي کي ڳايو آهي، حسن درس ۽ استاد بخاري کي ڳايو آهي. هن چيو ته منشي کي اڃا به گهڻو ڳائڻ جو شوق اٿم. شيخ اياز کي اڃا نه ڳائي سگهيو آهيان، ان ڪري خواهش آهي ته ڪو شيخ اياز جي شاعري ياد ڪرائي، ته اها به ڳايان.
پسنديده فمڪار ڳڻائيندي مراد فقير چيو ته استاد جمن، محمد يوسف، سينگار علي سليم، مائي الهه وسائي مون کي گهڻو متاثر ڪيو. استاد مٺو به سٺو ڳايو آهي. انهن سڀني سان سٺا واسطا رهيا، لاڳيتا رابطا هئا، مون کي اولاد وانگر ڏسندا هئا. شادي فقير ته جهڙو منهنجو ڀاءُ هو، دل وارو هو، سائين هاشم شاهه ۱۲ ميل وارو به بهترين فنڪار آهي.
پڇڻ تي ٻڌايائين ته ريڊيو ۽ ٽي وي تي جهڙو موقعو مليو، تهڙو نه مليو آهي! هن چيو سندس ڪجهه ڪيسٽون وغيره آهن. وقت به وقت مختلف ڪمپنين آفر به پئي ڪئي آهي. ڪن ڪمپنين ماڻهو به موڪليا، پر انهن جي سليڪشن وارو رنگ مون کي نه وڻيو! جڏهن آئون پنهنجي سليڪشن ۾ راشد مورائي جو ”چانڊوڪي رات ۾ ويهي سنڌو مٿي...“، ابراهيم منشيءَ جو ”ٻڌڻ وارا ويا ٻوڙا ٿي...“، ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جي شاعري سليڪشن ڪري ويس، ته اُها ڪمپني وارن کي قبول نه پئي!
صوفي راڳي مراد فقير چيو ته ماڻهو کيس مختلف محفلن ۾ وٺي ويندا آهن، دل سان دعوت ڏيندا آهن، ته هليو ويندو آهيان. پڇڻ تي چيائين ته شهرن ۾ ٿيندڙ وڏين محفلن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ادبي ۽ صوفي حوالي سان ٿيندڙ محفلن ۾، نه ڪنهن ياد ڪيو آهي نه ئي ويو آهيان.
سوال جواب هلندي هن حافظ محمد نظاماڻي جي شاعري ”ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي“صوفي راڳي مراد فقير نه صرف آلاپيو، پر تمام وڻندڙ انداز ۾، واهه جو ڳائي ٻڌايو. هارمونيم به صوفي اهڙي ريت پئي هلايو، جو ان مان به صوفي جو ئي آواز پئي ڪنن تائين پهتو.
صوفي راڳي مراد فقير چيو ته پوڙهن جون پنهنجون ۽ نوجوانن جون پنهنجون فرمائشون هونديون آهن، نوجوان صوفين جون فرمائشون به ٿين ٿيون ۽ اهي پوريون ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو آهيان. هن چيو ته عام محفلن ۾ آئون وڃان ئي ڪونه. آئون صوفي ڳائڻو آهيان. اوليائن، درگاهن، صوفين جي محفلن ۾ ويندو آهيان. هن ٻڌايو ته درگاهه جهوڪ شريف، اعجاز شاهه، مصري شاهه، نواب ولي محمد، محمد ۽ محمود فقير کٽياڻ جي درگاهه، ڇٽو پير، باقر شاهه جيلاني جي درگاهه تي به فن جو مظاهرو ڪندو رهيو آهيان.
مراد فقير ٻڌايو ته هن پڙهيلن کان حسن درس جي شاعري لکرائي ورتي، پوءِ جتي موقعو ملندو هو، اتي ڪنهن کان پڙهائي ياد ڪئي ۽ پوءِ حسن درس جي شاعري پنهنجي انداز ۾ ڪمپوز ڪئي. نموني طور هن حسن درس جو ”پکي پرديس جا... لڳي وئي لاڙ سان لئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون...“، جيڪو ٻين به ڪافي فنڪارن ڳايو آهي، پر مون کي فقير جي ڪمپوزيشن ۾ وڌيڪ وڻيو. هن ٻڌايو ته ابراهيم منشيءَ کي به مون پاڻ ڌُن ڏئي ڳايو آهي، ۽ ٻڌندڙن پسند به ڪيو آهي.
مراد فقير چيو ته ڪجهه نوجوان مون کان سکيا وٺن پيا، فقير غلام حسين سولنگي ۽ ڪجهه ٻيا منهنجا شاگرد آهن. صوفي راڳي وزير علي شاهه منهنجي شاگرد جو شاگرد آهي.
مراد فقير چيو ته منهنجي خواهش هئي ته دنيا جهان جو مشهور فنڪار ٿيان، اها حسرت هئي، ۽ اڃا به آهي، اميدن تي دنيا قائم آهي. هن چيو ته في الحال منهنجا پنهنجا ٻڌندڙ آهن، اهي مون کي ٻڌڻ لاءِ مون وٽ هلي به ايندا آهن، ته پاڻ وٽ گهرائيندا به آهن، پر ميڊيا....
صوفي راڳي مراد فقير ٻڌايو ته گذر سفر لاءِ دڪان وغيره به هلايا، ڌنڌا به ڪيم، ڀاڄي جو دڪان به هلايو، پر موسيقي سان چاهه آهي، گهر جا ٻيا نوجوان ڀاتي آهن، جيڪي محنت مزدوري ڪن ٿا...


(عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر ۱۷ جنوري ۲۰۱۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا