; سنڌي شخصيتون: حاجي مريد بڪڪ - غلام اڪبر بڪڪ

04 August, 2017

حاجي مريد بڪڪ - غلام اڪبر بڪڪ

حاجي مريد بڪڪ
ڪراچي جو هڪ اهم ڪردار
غلام اڪبر بڪڪ
اڄ مان اوهان کي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ۽ دل ڪراچي جي وچ ۾ ضلعي سينٽرل جي شروع ۾ هڪ اهڙي قديمي ڳوٺ ۽ ان جي بانيءَ بابت ڄاڻ ڏيندس جنهن جو نالو ته سڀني ٻڌو آهي پر ان جي باري ۾ معلومات ڪانه اٿن.


ان ڳوٺ جو نا:و حامي مريد ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ سن ۱۹۵۳ع ۾ قائم ٿيو. هن ڳوٺ جو حدون اوڀر ۾ ڳجهڙو(گجر نالو) اولهه ۾ نواب صديق علي خان روڊ گلبهار (گوليمار) ڏکڻ ۾ لياري ندي (جمشيد روڊ) اتر ۾ شارع الطاف علي بريلوي ناظم آباد. هن ڳوٺ سان لڳو لڳ فردوس ڪالوني، جان محمد ڳوٺ ۽ سلطان آباد ڪالوني آباد آهن. حاجي مريد ڳوٺ جي ڪل ايراضي ۳۸ ايڪڙ ۽ ۸ گهنٽن تي مشتمل آهي هن ڳوٺ جو باني مرحوم وڏيرو حاجي مريد بڪڪ هو. هو تمام گهڻو رحمدل ۷ درويش صفت انسان هو. هن علائقي جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻين خدمتون سرانجام ڏنيون. سندن انهن خدمتن جي ڪري تي سن ۱۹۸۱ع ۾ ان وقت جي ڪليڪٽر ايم اسحا قهن علائقي جو نقشو پاس ڪيو ۽ هن علائقي کي حاجي مريد ڳوٺ جو نالو ڏنو. حاجي مريد ڳوٺ اڄ تائين قائم آهي.
حاجي مريد بڪڪ نه صرف لڏي آيل مسلمانن لاءِ پاڻ پتوڙيو جيڪو هتان کان لڏي ويندڙ هندن کي به انهن جي ٽپڙن ۽ قيمتي ساز سامان جي رقم به ڏيارائي ۽ انهن جي سفري بندوبست ۾ به مدد ڪئي.حاجي مريد ڳوٺ ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ هندن ۾ مذهبي رواداري قائم ڪرڻ ۾ به مرحوم جو وڏو ڪردار رهيو آهي. جنهن جو وڏو مثال ڳوٺ ۾ قائم هڪ قديم مندر آهي. هتي وڏي تعداد روزگار لاءِ آيل هندن جو آهي جيڪي ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ مان اچي هتي آباد ٿيا آهن. هن ۾ ميگهواڙ ۽ برهمڻ شامل آهن جيڪي آزاديءَ سان پنهنجي مذهبي رسمن کي ادا ڪري سگهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ قومن ۾ سڀ کان وڏي تعداد بڪڪ قوم جي آهي.ان کانسواءِ هتي ٻين قومن ۾ ٻرڙا، ڇٽا، خاصخيلي، شيخ، بنديجا ۽ اندرين سنڌ مان آيل سومرا، ڀٽي، بروهي، سولنگي، شيرازي ۽ ذاڪري سيد شامل آهن.هتي بلوچ ڳالهائيندڙ به وڏي تعداد ۾ رهندڙ آهن جن ۾ گوريگيج، لدڪي، رند ۽ آسڪاني شامل آهن. تنهن کان سواءِ هتي پٺاڻ ۽ هزاره وال به آباد آهن. مرحوم حاجي مريد بڪڪ جي گهر جا دروازاه انهن سمورن ماڻهن لاءِ هر وقت کليل هوندا هئا.
حاجي مريد بڪڪ جي اوطاق تي هر وقت مهمان موجود رهندا هئا جن ۾ خاص ڪري اندرين سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن مان آيل حج ۽ عمري جا پانڌيئڙا رهندا هئا. مرحوم حاجي مريد بڪڪ کين هڙان ۽ وڙان مدد ڪري ڀلي پار موڪليندو هو.
حاجي مريد بڪڪ پيرن ۽ سيد ۾ درگاهن سان وڏي عقيدت رکندو هو. جن ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت شاھ بلاول نوراني ۽ حضرت شاھ يقيق جا نالا قابل ذڪر آهن. سڪرنڊ جي درگاھ پير ذاڪري جو سجاده نشين سيد احمد شاھ ذاڪري المعروف سائين سهڻو به پنهنجي جماعت سان گڏجي حاجي مريد بڪڪ کي اوطاق تي ذڪر جون محلفون سجائيندا هئا.
حاجي مريد بڪڪ ٺٽي جي مشهور باغائي سيد امام علي شاھ به چشتيءَ رح جي مريد ۾ آيل هو. اڪثر سندس درگاھ تي حاضري ڀريندو هو. تنهن کانسواءِ حاجي مريد بڪڪ وٽ ٺٽي جو سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي سيد حسن علي شاھ شيرازي، سيد فقير علي شاھ شيرازي، لسٻيلي جا پير عارب شاھ جيلاني، پير عبدالرزاق شاھ جيلاني ۽ سيد ميرل شاھ جيلاني به جوه افروز ٿيندا هئا.
مرحوم وڏيرو حاجي مريد بڪڪ وڏن سياستدانن ۽ سردارن سان به دوستيءَ ۾ گهڻو مشهور هو. قبيلائي جرگن ۾ به کيس گهرايو ويندو هو.ڇو جو منجهيل ۽ ڏکن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻي مهارت رکندو هو سندس خاص دوستي ۾ جيڪي اڪثر وٽس ڪچهرين ۽رهاڻين لاءِ ايندا هئا جن مان سردار هاجي عارب ڪيهر، سردار خان بهادر سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر غلام رسول ڪيهر، سردار ملڪ سڪندر خان، سردار اميد علي خان ڀوتائي شامل آهن.انهن کانسواءِ سندس اوطاق تي ايندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، ميرجعفر خان جمالي، سردار گل محمد جکراڻي، سردار آدم خان پنهور، مامون خان ملڪاڻي، خان بهادر الله بخش گبول، عبدالله هارو، هاشم گذدر (ڪراچي جو پهريون مسلمان ميئر) ۽ سردار يار محمد رند شامل آهن.حاجي مريد بڪڪ جي قائداعظم محمد علي جناح سان به ملاقات ٿيل هئي. جيڪا سندس ويجهي دوست ۽ ساٿي هاشم گذدر طرفان قائداعظم جي مان ۾ رکيل دعوت ۾ ٿي هئي جيڪا هن صدر جي علائقي ۾ ايراني هوٽل تي ڪئي هئي. مرحوم حاجي مريد بڪڪ پنهنجي منفرد انداز ۾ ڪيل فيصلن جي ڪري تمام مشهور هو.ايتري قدر جو ان وقت جي سيشن جج مرزا ارشاد بيگ جيڪو اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ جو وڏو ڀاءُ هو. ڪيترا ئي مونجهاري وارا فيصلا حاجي مريد بڪڪ ڏانهن موڪليندو هو. جيڪي هو تمام سهڻي نموني ۽ پنهنجي ڏاهپ سان نبيريندو هو. مرحوم حاجي مريد بڪڪ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مسجد جوڙائي جيڪا اڃا تائين مسجد محبوب سبحان جي نالي سان قائم آهي.

حاجي مريد بڪڪ پراڻي لالو کيت موجوده سي ايريا قبرستان ۾ هڪ  عيد گاھ جي به تعمير ڪرائي جنهن ۾ هزارين ماڻهو عيد جي نماز پڙهندا آهن. مرحوم حاجي مريد بڪڪ ۲ ربيع الاول ۱۴۰۵هه بمبطابق ۳۱ جنوري ۱۹۷۹ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھ ان ئي عيد گاھ جي سامهون آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا