علي محمد ڪاتيار
سماج سڌارڪ شخصيت - سندس
وڇوڙو
محمد سعيد شاهه
علم
انسان جي بنيادي ضرورت آهي. علم روشني آهي ۽ جهالت اونداهي آهي. جن به قومن ترقيءَ
جون منزلون طئي ڪيون آهن، انهن اهي علم جي زور تي ڪيون آهن. رب سائين جي طرفان
اسان جي پياري نبي ﷺ ڏانهن پهريون پيغام پڻ علم جي متعلق هو. پهرين وحيءَ جا لفظ
هئا؛ اقرا باسم ربڪ الذي. يعني پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان. اهو ئي سبب آهي جو
اسان جي مذهب ۾ علم حاصل ڪرڻ، مرد توڙي عورت تي، فرض ڪيو ويو آهي. برصغير ۾ جن
شخصيتن تعليم جي ميدان ۾ خدمتون ڏنيون، انهن ۾ سر سيد احمد خان، حسن علي آفندي ۽
نور محمد وڪيل جا نالا قابلِ ذڪر آهن. پر هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته شهرن ۾ تعليمي
ادارا کولڻ ۽ انهن کي هلائڻ وري به ڪجهه سولو هوندو آهي، پر هت اسان هڪ اهڙي شخصيت
جو ذڪر ڪريون ٿا، جنهن هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ علم جي خدمت جي شروعات ڪئي. ان زماني ۾
جڏهن انگريزي تعليم پرائڻ غريب غربي لاءِ هڪ خواب هوندو هو. شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي
وري به موقعا هوندا هئا، پر ڳوٺن جا شاگرد اڪثر پنج درجا پڙهي سهولتن جي ڪمي ۽
معاشي مجبورين سبب پنهنجي پڙهائي جاري رکي ڪو نه سگهندا هئا.
اهڙي ئي دور ۾ هڪ مرد
مجاهد کي الله سائين دل ۾ جذبو ڏنو، جنهن لاڙ علائقي جي بلڪل پسمانده ڳوٺن جي
غريبن لاءِ ۱۹۶۵ع ۾ هڪ انگريزي اسڪول جو بنياد
وڌو. هي اسڪول ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار يونين ڪائونسل جنهان سومرو تعلقه ٽنڊو محمدخان
(ٽنڊو محمدخان هاڻ ضلعو آهي) ۾ وڏيري علي محمد ڪاتيار جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو. هن
اسڪول جي جيڪا بنيادي خصوصيت هيءَ هئي ته ڀرپاسي يا پري جي ڳوٺن مان جيڪي
شاگرد پڙهڻ لاءِ ايندا هئا، انهن لاءِ هڪ هاسٽل جو پڻ بندوبست ڪيل هو. شروع ۾
اسڪول جي جڳهه لاءِ وڏيري علي محمد ڪاتيار پنهنجي اوطاق حوالي ڪئي، جنهن ۾ ڏينهن
جو اسڪول هلندو هو ۽ ان کانپوءِ اها هاسٽل طور ڪم ۾ ايندي هئي. هاسٽل ۾ رهندڙ سڀني
شاگردن لاءِ ٽي وقت مانيءَ جو بندوبست وڏيري علي محمد ڪاتيار طرفان ڪيل هو. وڏيري
جي سخاوت ۽ فياضيءَ جو اهو حال هو جو هو پاڻ شاگردن ۽ استادن جي ماني جي نگراني
ڪندو هو.
مون
پاڻ تقريبن ٽي سال هن اسڪول ۾ تعليم پرائي ۽ ٽي ئي سال وڏيري علي محمد ڪاتيار جي
ان هاسٽل ۾ سندس مهمان ٿي رهيس. اٺون ڪلاس پاس ڪري آئون ٽنڊومحمدخان هاءِ اسڪول
هليو ويس، پر منهنجا ٻيا گهڻا ساٿي ان اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪري نڪتا.
مون کي
ياد آهي ته اسين اسڪول ٽائيم کانپوءِ منجهند جي ماني کائي نماز پڙهي ڪجهه وقت آرام
ڪري شام جو وڏيري جي ڪيلن ۽ زيتونن جي باغن ۾ هليا ويندا هئاسين ۽ اتي ڪجهه ميوا
کائيندا هئاسين ۽ ڪجهه زيان به ڪندا هئاسين، پر شاگردن جي ڪيل نقصان تي وڏيري ڪڏهن
به دل گرم ڪانه ڪئي. هڪڙي وقت ۾ اسين غالبن ۳۰ يا ۴۰ شاگرد هاسٽل ۾ رهندا هئاسين،
جن کي ۳ وقت ماني، کير، لسي ۽ ناشتي ۾
مکڻ به ملندو هو. وڏيري جي گهرواري (اسان جي امڙ) جي سخاوت جو اهو حال هوندو هو جو
صبح جو لسيءَ جو وڏو چوئنرو هو ته ان ۾ اڪثر تازو مکڻ پيل هوندو هو، جيڪو کائي
اسان جو دماغ تازو ٿي ويندو هو. آئون تڏهن سوچيندو هئس ته شايد امڙ انهيءَ خيال
سان اهو ڪندي هئي ته پرديسي شاگرد آهن، پڙهي پڙهي هنن جو دماغ ٿڪجي پوندو هوندو،
سو ڀلي ناشتي ۾ مکڻ کائن ته دماغ کي طاقت اچين، سو ٿيو به ائين هن اداري مان جيڪي
سوين شاگرد پڙهي نڪتا، اهي سڀ وڏيون ڊگريون ماڻي پنهنجي سٺي روزگار سان لڳي ويا.
شروع ۾ وڏيري اسڪول جي خرچ لاءِ ۸ ايڪڙ
زمين جو فصل مخصوص ڪيو، پر ساليانو خرچ ان کان ڪئين دفعا وڌي ويو، پر پوءِ به هن
سخي مرد هن نيڪ ڪم مان هٿ ڪونه ڪڍيو. هن تعليمي اداري هن پسمانده علائقي جي ماڻهن
جي ٻچن کي علم پرائڻ جا جيڪي موقعا نصيب ڪيا، انهن جو شايد برصغير ۾ مثال ملڻ مشڪل
آهي. مون کي اهو چوندي ڪا هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي ته جيڪڏهن ان دور ۾ هي اسڪول وڏيري
علي محمد ڪاتيار جي خاص مدد ۽ مهمان نوازيءَ سان وجود ۾ نه اچي ها ته هن علائقي جا
سوين ماڻهو باقاعده علم پرائي اڳيان اچي ڪونه سگهن ها. هن اداري جا ڪيئي اهڙا به
شاگرد هئا جيڪي پوءِ وڏن ۽ اهم عهدن تي وڃي فائز ٿيا، پر وڏيري علي محمد جي
بردباري ۽ خودداري جو اهو حال هو جو ڪڏهن به ڪنهن وٽ ڪم لاءِ ڪونه ويو ۽ نه ئي
ڪڏهن ڪنهن کي اهو احساس ڏيارئون ته انهن کي انهن منزلن تي پهچائڻ ۾ سندس ڪو هٿ
آهي. ٻين شاگردن جي ته خبر نه آهي پر منهنجو پنهنجو اهو حال رهيو جو سستي سبب سال
ٿي ويندا هئا جو وڏيري وٽ ڪونه وڃي سگهندو هئس، پر سندس شفقت ۽ محبت جو اهو حال
هوندو هو جو ڪڏهن به ڪو ڏوراپو نه ڏنائون ته اها اوطاق جيڪا هڪڙي وقت ۾ اسان جي
گهر وانگي هوندي هئي، اتي اچڻ ۾ سال لڳايو ڇڏيون. (۸
سيپٽمبر ۲۰۱۶ع) تي مون کي ڊاڪٽر محمد
ابراهيم سنڌي جو ايس ايم ايس مليو، جنهن ۾ اها ڏک واري خبر هئي ته وڏيرو علي محمد
ڪاتيار وفات ڪري ويو آهي. آئون حيدرآباد مان تڪڙو تڪڙو وڏيري علي محمد جي آخري
ديدار لاءِ روانو ٿيس. جنازي نماز کانپوءِ ماڻهن جو وڏو هجوم هو، جيڪو آهستي آهستي
سندس آخري ديدار ڪندو اڳيان وڌندو پئي ويو، آئون به ان هجوم ۾ سلهاڙجي ويس ۽ جڏهن
سندس چهري مبارڪ وٽ پهتس ته گهڻو جهڪي ويس ۽ ويجهو ٿي دل ئي دل ۾ چيم ته چاچا اسان
کي معاف ڪجو جو اوهان جي زندگيءَ ۾ اسان اوهان جي ديدار لاءِ وقت ڪڍي ڪونه سگهندا
هئاسين، پوءِ به اڄ اسان جو هي آخري سلام قبول ڪريو، ڇو ته وري حياتيءَ ملڻ جا سڀ
حوالا ٽٽي ويا آهن. سندس تدفين جي موقعي تي پروفيسر پير بخش جماري، ڊاڪٽر محمد
ابراهيم سنڌي، حاجي فيض محمد مهيري، علي غلام جلالاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي پراڻن دوستن
سان ملاقات ٿي، جن مان اڪثر اسين سڀ رٽائرڊ ٿي ويا آهيون. اهي ئي ڳالهيون پئي
ڪيوسين ته جيڪڏهن سنڌ سهڻيءَ ۾ ههڙا سهڻا ۽ علم دوست ڪجهه وڏيرا پيدا ٿي پون ته اڄ
جيڪو سنڌ جي تعليم جو حال تباهه آهي، ان ۾ بهتري اچي وڃي ۽ اسين به سڌريل قومن سان
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جهڙا ٿي پئون.
No comments:
راءِ ڏيندا