; سنڌي شخصيتون: گلزار سيال - مٺل جسڪاڻي

07 August, 2017

گلزار سيال - مٺل جسڪاڻي

گلزار سيال
سندس شاعريءَ جي گلدان مان ڪجھہ گل!
مٺل جسڪاڻي
گُلزار لفظ جي لغوي معني آهي؛ گُلِستان، گُلشن، باغ، چمن، ڦُلواڙي...
گُلزار نالي اردو ٻولي جو به هڪ مشهور شاعر آهي.
هڪ ٻيو گُلزار، ناٿن شاهي شاعرن جي شهر، خيرپور ناٿن شاهه سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌي ٻولي ۾، سندس پاڙيسري شهر ميهڙ جي ميندي کان وڌيڪ نرالو، سهڻو، سيبتو، سُڌ ٻُڌ وارو، لکيل پڙهيل شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ مينديءَ جو رنگ، مينديءَ جي خوشبوءِ، مينديءَ جي پاڙ جهڙي پختگي آهي. گلزار اهڙو پُختو، پُرڪشش، سربستو، جوپ شاعر آهي، جنهن جي شاعري پڙهندي به شاعريءَ ۾ گُم ٿي وڃبو آهي. جڏھن ته سندس شاعري، سندس زباني ٻُڌڻ وقت، لفظن سان گڏ سفر ڪندي، ڪنهن مهل لفظن کان گهڻو اڳتي نڪري وڃبو آهي، ڪنهن وقت سندس پڙهندڙ يا کيس ٻُڌندڙ گڏ گڏ به پيو پنڌ ڪندو آهي، پر ڪنهن ڪنهن ويل وري گهڻو پوئتي رهجي ويندو آهي!


گُلزار کي مون روبرو رحماني نگر (سيتا روڊ ريلوي اسٽيشن) جي ويجھو، وسيم آڪاش سيتائي جي ٻن ڪتابن جي گڏيل مهورت واري تقريب ۾، 30 اپريل ۽ 01 مئي 2016ع جي وچ واري رات، گھڻن شاعرن جي موجودگيءَ ۾ ٻُڌو ھو. ڪنھن ڪنھن مھل سندس آواز، منھنجي ڪنن تائين اڃا به پھچندو آھي! اها تقريب سڄي رات جاري رهي هئي. اسان شرڪت ڪندڙ سڀ، سڄي رات ھڪ ئي جاءِ تي ويٺل هئاسين. آئون ۽ گُلزار، ٿوري وٿيءَ تي، ھڪ ٻئي کي آمھون سامھون ويٺل ھئاسين، پر ڪچھري نه ڪري سگھيا ھياسين!
گُلزار جي شاعري، ڳولي پڙھڻ جھڙي آھي. جيڪو مُنھنجي شاھدي تي اعتبار ڪري، اھو پاڻ ڳولي پڙھي. ھونئن به پڪل ماني، ڪمائي حاصل ڪيل ماني، ڪمائڻ کان پوءِ پنھنجي پچائي تيار ڪيل ماني، مھمان جي ماني، ميزبان جي ماني، ھر مانيءَ جو پنھنجو مزو آھي، اوھان به لوچي لھو ۽ لطف اندوز ٿيو، ته وڌيڪ بھتر رھندو.
گُلزار جتي به ھجي، خوش ھجي، آمين. جيستائين اوهان گُلزار جي شاعري ڳولي پڙهو، تيستائين سندس ڪجهه شاعري ۽ ان جي ئي حوالي سان، ٿوري منهنجي راءِ به پڙهي وٺو.
گُلزار سيال جو جيڪڏهن ڪو گيت پڙهڻ يا ٻُڌڻ چاهيو، ته پوءِ سندس هي گيت ضرور پڙهجو، ٻُڌجو:
مان جو پنھنجي گيتن ۾ لفظ نپايان ٻولي جا،
جڳ جي مڙني ٻولين سان جوڙ ملايان ٻولي جا،
ٻولي منھنجي ڌرتي جي،
ٻولي منھنجي ٻاٻاڻي.
ان گيت ۾ جيئن گلزار اظهار ڪيو آهي، تيئن ڪنهن ٻئي شاعر به شاعري ڪئي به آهي، ته ممڪن به ٿي سگهي ٿو، پر گهٽ ۾ گهٽ مون اڳ ۾ اهڙو گيت نه پڙهيو آهي. سندس شاعري ۾ عجيب ۽ غريب تمثيلون، تشبيهون، سندس اندر مان نڪرندڙ اڌمن کي وڌيڪ چٽو، وڌيڪ واضح، وڌيڪ سولو ئي نه، وڻندڙ به بنائي ڇڏين ٿيون. سندس هڪ ٻئي گيت جا پڇاڙڪا ٻول آهن:
تهذيب جو مظهر ڪٿي موئن دڙو هڪڙو ئي آ،
هر ڳوٺ ۾ سو گهر رهن هڪ در ڪڙو هڪڙو ئي آ،
جي پيار تي ڳالهائجي، هي گيت ويهي ڳائجي،
هڪڙي ڪلا، هڪڙو ڌڻي، هڪ ڀائپي، هڪڙي خوشي،
هڪ غم سندن........... منهنجو وطن.
گلزار خوبصورت غزل به سرجيا آهن. سندس هڪ غزل جي مطلع آهي:
وڇوڙو شاعري آهي ته ميڙو هڪ ڪهاڻي آ،
پرينءَ ڏي پنڌ ڪاهيندي سفر جي سڪ ڪهاڻي آ.
ان غزل ۾ ڇلي جي ڇڪ، مُنڊيءَ تي ٽڪ، مٽيءَ جي مقبري هيٺان دفن هڪ چڪ، بولڙي نڪ جي لڳن جي لڪ، ۽ پَرين ڀر جا ڪهاڻي آ سا اورين ڀڪ ڪهاڻي آ، اهي ڪهاڻيون ڪيئن آهن، ڇو آهن، اهو گُلزار ئي پنهنجي ان غزل ۾ سمجهائي سگهيو آهي.
گُلزار جهڙو لکيو پڙهيو، باشعور، ترقي پسند سوچ رکندڙ، جيڪڏهن ڪجهه چاهيندو، ته ڇا چاهيندو؟ ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪجهه سوچڻ يا ڪنهن کان پُڇڻ بدران، ڇو نه گُلزار جو هي غزل سڄي جو سڄو ڳولي پڙهجي:
ڏک ڀلارو قرار ڏئي ڇڏجي،
سک هچارو قرار ڏئي ڇڏجي.
گُلزار جو اهو غزل پڙهي، ڪنهن جي دل نه چوندي ته ”ڏينهن ڪارو قرار ڏئي ڇڏجي“، يا وري:
هڪڙي ترتيب ۾ پيل لاشا،
هڪ نظارو قرار ڏئي ڇڏجي.
گار مفهوم جي بنهه ابتڙ،
استعارو قرار ڏئي ڇڏجي.
شاعرن مان شايد گُلزار اهڙو اڪيلو شاعر آهي، جيڪو بي باڪي سان چئي سگهي ٿو ته ”شاعري کي طلاق ڏئي ڇڏجي“ ۽ شايد گُلزار ئي اهڙي صلاح ڏئي سگهي ٿو:
منهنجي پاران صلاح آ سچ کي،
بي سهارو قرار ڏئي ڇڏجي.
گُلزار انهن شاعرن مان آهي، جيڪي وقت بي وقت پنهنجي پاڻ تي به نظر رکن ٿا ۽ پنهنجن پراون تي به نظر رکن ٿا. ان نظر جي اثر ۾ اچي لکن ٿا، ان ڪري گُلزار به لکيو آهي. هڪ نظم لکي ٿو:
پٿر تي دل رکي پنهنجي مٿان ويهي رهيا آهيو،
اوهان کي عشق ناهي ڇا، سفر تي ڇو نه ٿا نڪرو.
ان نظم ۾ گُلزار ثابت ڪيو آهي ته هو سندس پيشي سان نڀائي سگهندڙ بهترين استاد به آهي ته ساڳئي وقت بهترين شاعر به آهي. ان ڪري ئي ته لکي ٿو:
اوهان جي دل جي هر خواهش اوهان جو ڌيان چاهي ٿي،
گهڙي اوکي به جي آهي سفر جو گيان چاهي ٿي،
وکن جي ربط ۾ رستا نچايو،
وهيءَ کي رائگانيءَ کان بچايو،
وڻن جا ڏار بڻجو ها،
پکين جا پيار بڻجو ها،
اڏارن جا ڇڏي اختيار ڇو ليٽي رهيا آهيو،
اوهان کي عشق ناهي ڇا، سفر تي ڇونه ٿا نڪرو.
پڙهو ۽ پروڙيو ته گُلزار ڇا آهي؟ ڇا ٿو چاهي؟... ۽ ها، گُلزار پاڻ کي پرکڻ کان پوءِ ٻين کي ڪهڙي صلاح ٿو ڏي؟ سندس هي صلاح اوهان ڪيئن ٿا ڀانيو:
ڪلا ۾ پاڻ کي پرکيو اوهان جو قد ننڍو ڪونهي،
ملي ٿو عشق ۾ جيڪو ادب جو پد ننڍو ڪونهي.
هڪڙي هي صلاح به ڏي ٿو:
شڪايت جا به آ جڳ کان ڪيو سا پاڻ ۾ ظاهر،
سليقو جاڳ جو ڪريو اکين جي ماڻ ۾ ظاهر،
اميدن کي بهاني ۾ نه رکجو،
محبت سرد خاني ۾ نه رکجو،
ڪيو الفت شناسيءَ جي،
ڇڏيو سيوا اداسيءَ جي،
چٿر پنهنجي جياپي تي ڪري ڪيڏي رهيا آهيو.
اوهان کي عشق ناهي ڇا، سفر تي ڇونه ٿا نڪرو.
گُلزار جا عجب اقرار سمجهو ڪي سمجهن، هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي!
مڃان ٿو مان محبت ڪٿ اوهان پوکي به ڪانهي ڪا،
مگر تاريخ نياپن جي لکڻ اوکي به ڪانهي ڪا.
گُلزار جيترو لکيل پڙهيل شاعر آهي، اوترو سندس پڙهندڙ به هجڻ گهرجي. گُلزار جيترو باشعور شاعر آهي، اوترو سندس پڙهندڙ به هجڻ گهرجي. گُلزار جيترو باهمٿ شاعر آهي، اوترو سندس پڙهندڙ به هجڻ گهرجي.

(هفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار“، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت حيدرآباد، آچر 06 آگسٽ 2017ع)

No comments:

راءِ ڏيندا