; سنڌي شخصيتون: فقير غلام حسين - ناصر مقصود گل

19 August, 2017

فقير غلام حسين - ناصر مقصود گل

فقير غلام حسين
سچل سائينءَ جو ازلي عاشق
ناصر مقصود گل
اڄ به ياد اٿم نئين صديءَ جي پهرين ٿڌڙين راتين مان اها هڪ سرد رات، جڏهن جنوري مهيني ۾ اسين ضلعي خيرپور ۾ ’پير جي ڳوٺَ‘ لڳ گھمرن جي ڳوٺَ ۾، گھمرن جي ڪانڍ تي ڪهي ويا هئاسين. اها ستن اٺن گھوٽن جي مشترڪه شاديءَ کانپوءِ راڳ جي محفل واري رات هئي ۽ محفل شروع ٿيڻ کان ڪافي وقت اڳي، اسين هڪ اوطاق ۾ ترسيل هئاسين. ان وقت لوڊ شيڊنگ جي ڪرامت سان اوطاق جو اهو ڪمرو گھڻو ڪري اوندهه جي ورِ چڙهيل هو. خير! سموري اوطاقَ ان وقت مهمانن توڙي ميزبانن سان سٿيل هئي ۽ اڄ سورهن سالن پڄاڻان ان ڪڙڪ چانهه جي لذت ۽ ذائقو ناهن وسريا، جيڪا ان وقت مڙني حاضرين جي زير لب هئي. اهڙي سيئاٽيل ماحولَ ۾ ڪچهري ته لازمي عمل هو ۽ ان يادگار ڪچهريءَ جا اهم فريقَ ناميارو صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه ۽ ناميارو شاعر مختار گھمرو هئا. سندن ڪچهريءَ جو موضوع تصوف هو ۽ اهو چڱيءَ طرح ياد پوي ٿو ته سيد موٽڻ شاهه گفتگوءَ دؤران بار بار پنهنجي کاٻي هٿ تي ويٺل هڪ بافضيلت، خاموش ۽ سنجيده طبع پيرسن ڏانهن اشارو ڪندي چئي رهيو هو ته: ”فقير کان فيض ورتم... !!“، ”فقير درياهه اَٿَوَ..!!“، ”فقير جو اَنت ئي ناهي..!!“ وغيره وغيره. اهو فقير ان وقت پنهنجن ٻنهي گوڏن کي پنهنجي چٽڙي ڏاڙهيءَ سان چنبڙائي، پنهنجين ڄنگھن کي ڀاڪر ۾ ڀري، مڪمل توجهه سان ڪچهريءَ کي سڻي رهيو هو.


ڳچ ڪچهريءَ بعد جڏهن پاڻ اتان اٿي، محفل واري پندال ۾ پهتاسين، تڏهن اسان جي اچڻ کان اول سيد موٽڻ شاهه ۽ اهو پير سن فقير اسٽيج تي جلوه افروز ته ٿي چڪا هئا، پر هينئر اهو پير سن فقير هارمونيم تي ويهي، سبتڪ جي اڇن ۽ ڪارن سرن سان کيڏندي، مڪمل آب ۽ تاب سان پنهنجي آواز ۽ عشق کي افق تي رسائي رهيو هو. سچل سائينءَ توڙي ٻين درويشن جو ڪلام کيس حيران ڪن حد تائين برزبان ياد هو، خاص ڪري سچل جا بيت کيس ايترا ته ياد هئا ۽ مون ان وقت ائين محسوس ڪيو، جو هڪ اندازي مطابق پوريءَ محفل ۾ ٻه سؤ کان مٿي سچل جا بيت اهڙي انداز سان ياد آلاپيا هئائين، جو سندس هڪ ڀيرو ڳايل بيت سڄيءَ محفل ۾ وري سندس زبان تان ڪين وريو. سچ پچ ته سچل سائين به اهڙن ئي عاشقن لاءِ پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ چئي ويو ته:
”سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هويس ڏاڙهي.“
سچي سائينءَ جي ان ئي سچي عاشقَ، ازل کان مولا حسين پاڪ جي غلامي قبول ڪندي، پينگھي کان قبر تائين ’غلام حسين‘ بڻجي ويو، جنهن هنڌين ماڳين، وڏي واڪي سچل جي سوچَ سان، پنهنجي نينهن جو نعرو هڻندي ”مان جوئي آهيان، سوئي آهيان“ جي صدا وارو هوڪو هڻي، جهڙوڪر پنهنجو ئي تعارف پاڻ ڪرايو هجي!
سندس تعلق پير جو ڳوٺ، ضلعي خيرپور سان هو، جتي سندس جنم ۱۱هين جون ۱۹۲۹ع تي ٿيو، سندس والد محترم جو نالو سومر فقير ميمڻ هو. فقير غلام حسين جا وڏڙا معاشي حوالي سان ڪورڪي ڪرت سان گڏوگڏ ڪپڙي توڙي ڪورڪين سوسين جو واپار ڪندا هئا.
فقير غلام حسين جو والد (وفات ۱۹۶۲ع) به پنهنجي وقت ۾ هڪ صوفي راڳي هجڻ سان گڏ صوفي درويشن جي ڪلام جو وڏو پارکو پڻ هوندو هو. سندس اهڙين ئي صفتن جي هاڪَ ٻڌي ’ديوان بيدل‘ سهيڙڻ لاءِ مرحوم سيد عبدالحسين شاهه موسوي وٽس ڪهي ويو ۽ موصوف يعني سومر فقير وٽ جيترو به بيدل سائين جو ڪلام ياد هو، کانئس ٻڌي قلمبند ڪري ورتو هئائين. ان حوالي سان صوفي درويشن  جو آفاقي ڪلام توڙي صوفياڻو راڳ فقير غلام حسين جي اباڻي رڳن ۾ اڳ ۾ ئي روان دوان  هئا، جنهنڪري ائين چئي سگھجي ٿو ته فقير غلام حسين کي راڳ جهڙي سوغات ورثي ۾ ملي. فقير غلام حسين جو ڏاڏو ان صوفي سالڪ جو طالب هو، جنهن درويشَ ميرن واريون موجون ڇڏي، فقيري قبولي ورتي هئي، هن درويش جو نالو مير عبدالقادر ٽالپر هو، جنهن جو تعلق خيرپور رياست جي حڪمران ٽالپر خاندان سان هو، پر هن فقير حاڪميءَ کي ڇڏي، فقيري اختيار ڪئي هئي. سندس آخري آرامگاهه تعلقي روهڙي ضلعي سکر لڳ قديم ماڳ مڪان ’قادر بخش جا قبا‘ ڀرسان واقع هڪ ننڍڙي تربت آهي. مذڪوره ماڳ مڪان يعني ’قادر بخش جا قبا‘ جو ٻيو مقامي نالو ’اتر سنڌ جي ننڍڙي مڪلي‘ پڻ آهي، جتي ٽالپر حاڪمن جون عاليشان خيالي تربتون اڏيل آهن، ڇاڪاڻ ته گھڻو ڪري سڀني مير حڪمرانن جو مرقد ڪربلى معلى ۾ آهي ۽ هن قبرستان ۾ يادگار طور سندن خيالي تربتون اڏيل آهن، پر اهڙي عاليشان قبرستان ۾ به فقير عبدالقادر جي ننڍڙي بٺڙي اڄ به ميرن وچ ۾ هڪ فقير واري فرق کي واضح ڪري بيٺل آهي. فقير غلام حسين جو والد سومر فقير عملي طور تي مير عبدالقادر جي فرزند مير عبدالواحد عرف عبدالقدوس جي هٿ تي وڃي دست بيعت ٿيو.
فقير غلام حسين معاشي ميدان ۾ به پنهنجن وڏڙن جي پيروي ڪئي، ان حوالي سان هڪ طرف پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪاروبار ۽ ڪرت کي سنڀاليندو آيو ته وري ٻي طرف فقر واري فيض کي به سيراب ڪندو ٿي آيو. فقير غلام حسين راڳ ويراڳ جي بنيادي سکيا ته گھر ۾ پنهنجي پيءُ سومر فقير وٽان حاصل ڪئي، پر اڳتي هلي سنڌ جي مختلف صوفي درگاهن تي حاضريون ڀرڻ ڪري، اتان جي ريتن رسمن توڙي راڳ ويراڳ واري وندر جو به مٿس وڏو رنگ لڳو. خاص ڪري سچل سائينءَ جي درگاهه، بيدل سائينءَ ۽ بيڪس سائينءَ جي سخي دروازن سميت نانڪ يوسف جي خانقاهن سان ته سندس پريم جو پيچ ازل کان اهڙو اڙجي ويو، جو زندگيءَ جي آخر تائين مذڪوره درگاهن سان هن نيباهوءَ واهه جو نينهن نباهيو. پر سندس زندگيءَ ۾ ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ هن فقير اهو به ڄاڻايو آهي ته طريقت جي نقطه نگاهه کان پاڻ پنجاب صوبي جي جھنگ واري علائقي جي صوفي سالڪ سيد محمد افضل شاهه جيلانيءَ جو طالب ٿيو.
فقير غلام حسين زندگيءَ جو ڪافي عرصو سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ ٻي صوفي ڪلاڪارَ سيد موٽڻ شاهه سان گڏجي ڳايو، سندن سنگ واري سرهي ساٿَ کي سموريءَ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين بيحد پسند ڪيو ويو. هنن ٻنهي درويش راڳين جو حافظو ايترو ته پختو هوندو هو، جو محفل ۾ سندن بر زبان ڳايل بيتن مٿان بيتن جون خيالي مالهائون پوئجندي محسوس پيون ٿينديون هيون، خاص ڪري سچل سائينءَ، بيدل سائينءَ ۽ نانڪ يوسف جي اڻ کٽندڙ بيتن تي محفلن ۾ سندن واهه جي واکاڻ پئي ٿيندي هئي.
سچل سائينءَ جي نيري روضي جي نيراڻ ۾ رنگيل، لباس توڙي سڀاءَ ۾ گيڙوءَ رتي هن فقير کي ’سچل سائينءَ جي ڪلام جو سمنڊ‘ لکيو ويندو هو، جنهنڪري کيس ’سچل جو راڳي‘ يا ’سچل جو حافظ‘ پڻ سڏيو ويندو هو. سچل سائينءَ جي درگاهه کان علاوه فقير غلام حسين جي نينهن جو ٻيو وڏو ناتو روهڙي شهر ۾ بيدل سائينءَ ۽ بيڪس سائينءَ جي درگاهه سان هو، جيڪو دڳ ٻالڪپڻ ۾ ئي سندس والد محترم سومر فقير کيس ڏيکاريو هو، جتي هي ٻئي فقير ويراڳ جو وکر ونڊڻ واسطي گڏجي حاضر ٿيندا هئا. هن درگاهه سان اها پيءُ واري پت هن فقير آخري پساهن تائين اهڙي ته پاڙي، جو بيدل سائين ۽ بيڪس سائين جي سالياني عرس کانسواءِ هر مهيني جي چنڊ جي ايڪهين تاريخ تي ان درگاهه تي منعقد ٿيندڙ ماهوار صوفياڻي محفل ۾ پڻ شريڪ ٿي محفل مچائڻ هن جھوني جوڳيءَ جو معمول پڻ رهيو.
فقير غلام حسين جي اهڙي اڻٿڪ پريم جي پورهئي جو قدر ڪندي کيس ۲۰۰۱ع ۾ ’بيدل يادگار ڪاميٽيءَ‘ پاران ’بهترين راڳيءَ‘ جو پهريون ’بيدل ايوارڊ‘ پڻ ڏنو ويو، واضح رهي ته فقير غلام حسين اهو پهريون راڳي هو، جنهن کي ’بهترين راڳيءَ‘ طور ’بيدل ايوارڊ‘ سان نوازيو ويو، جنهن کانپوءِ اها روايت اڄ سوڌو هلندي اچي ٿي ۽ هر سال مختلف راڳين ۽ ويراڳين کي ’بيدل ايوارڊ‘ ملندو اچي ٿو. ان کان اڳ ٻه ڀيرا ۱۹۹۳ع ۽ ۱۹۹۸ع ۾ کيس سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي تي ’سچل ايوارڊ‘ (ٻئي ڀيرا سيد موٽڻ شاهه سان گڏ) سان پڻ نوازيو ويو.

ذاتي زندگيءَ ۾ فقير غلام حسين طبيعت جو ماٺيڻو، سادو، فهم ۽ فضيلت وارو هڪ بردبار پير مرد هو. منهنجي ذاتي طور مشاهدي ۾ مٿي بيان ڪيل هڪ ملاقات کانسواءِ ٻيو ساڻس صرف هڪ ڀيرو ويجھڙائيءَ واري ملاقات ان وقت نصيب ٿي، جڏهن نامياري ڪلاسيڪل شاعر ۽ درويش صوفي غمدل فقير جي مالهائجندڙ سالياني ورسيءَ تي ضلعي شڪارپور جي ڳوٺَ نبي شاهه وڳڻ ۾ پاڻ هڪ مهمان راڳيءِ طور شريڪ ٿيو هو ۽ آئون هڪ ميزبان طور خدمت لاءِ سندس آڏو پيش پيش رهيس. ان موقعي تي مون اهو محسوس ڪيو ته فقير جي منزل ڪا ٻي هئي، جو ٻيو ته ٺهيو، پر مغروريءَ ۽ هٺَ کان اڻ واقف خاموش طبع ۽ ڪم گو هن فقير روايتي فنڪارن واريون ڳريون ڳريون فرمائشون ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ميلي واري ماحول ۾ پوريون ٿيندڙ جائز طلبون به ڪين طلبيائين.

No comments:

راءِ ڏيندا