; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي - مٺل جسڪاڻي

02 August, 2017

ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي - مٺل جسڪاڻي

ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي
مٺل جسڪاڻي
خيرپور جي خمير مان جنم وٺندڙ، ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي شاعر، نثر نويس، استاد، محقق، سماجي سرگرمين ۾ مصروف ۽ اهڙو روشن ڏيئو آهي، جنهن جو تعارف ڪرائڻ ضروري نه هجڻ باوجود، ان ڪري تعارف ڪرائڻ ضروري ٿو سمجهان، ته پاڻ وٽ موتيءَ-داڻن کي مڃتا ڏيڻ جو ڪو خاص رواج نه آهي! ان هوندي به هيءُ اڻ ورچ شخص، لوڪ کان لڪي به، پنهنجي مثبت عمل ۾ مصروف هوندا آهن.


ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪيم. هن ٻڌايو ته؛ پاڻ سگا برانچ حيدرآباد جو اطلاعاتي، انفارميشن سيڪريٽري آهي. سگا جي هائوسنگ سوسائٽي جو ڊائريڪٽر آهي. آل پاڪستان سولنگي ويلفيئر ايوسيئيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (هن تنظيم وسيلي حيدرآباد ۽ برطانيه ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي مالي سهڪار سان، 21 سرڪاري اسڪولن کي ايڊاپٽ ڪيو ويو آهي. انهن اسڪولن جي هر طرح کان سار سنڀال لڌي ويندي آهي، غريب شاگردن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي) جو جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ استاد تنظيم جو سرگرم ڪارڪن ئي نه، مختلف عهدن تي به رهيو آهي، ۽ ٻين به علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ رڪنيت هجڻ ڪري، هڪ سرگرم ڪارڪن ميمبر آهي.
’هالار‘ سولنگي ٻڌايو ته؛ هن خيرپور ضلعي جي شهر راڻيپور لڳ، ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي جي بنياد وجهندڙ ملھيار خان جي پوٽاڻ مان، استاد ڄام قربان علي سولنگي جي گهر ۾ 20 جون 1971ع تي اک کولي. سندس والد محترم جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته؛ هو علائقي جو مشهور نيڪ مرد ۽ استاد ته هو ئي، پر سندس ڳوٺ جو، ملهير جي خاندان مان اٺون پڳدار به هو. ان ڪري ڀائي خان هالار سولنگي جي چوڻ موجب؛ سندس تعليم، تربيت ۽ رهڻي ڪهڻي تي، ان جو تمام گهڻو مثبت اثر مرتب ٿيو. هن ٻڌايو ته؛ سندس والد 1945ع ۾ بامبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي، انٽرميڊيئيٽ، بي اي، بي ايڊ ، ايم اي مسلم هسٽري ۽ ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. هن 1945ع کان سيڪنڊري اسڪول ٽيچر رپڙي کان استاد طور خدمتن جي عملي شروعات ڪئي. پاڻ راڻيپور هاءِ اسڪول جو پهريون هيڊماسٽر ٿيو. اهڙيءَ طرح 43 سال تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ خدمتون انجام ڏيندي، پهرين جون 1988ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
ڀائي خان چيو ته؛ سندس ڏاڏو ڀائي خان سولنگي، ڳوٺ جو ستون پڳدار به هو ۽ خيرپور رياست جي انتظامڪاري ۾ ڪرسي نشين زميندار به هو. ڪرسي نشين زميندار، مون اڳ ۾ نه ٻڌو، نه پڙهيو ھيو. ان ڪري ان بابت وضاحت پڇيمانس ته ٻڌايائين؛ ان دور ۾ رياست ڌڻي هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر، اهڙي شخص کي ڪرسي نشين زميندار قرار ڏيندو هو، جيڪو لکيل پڙهيل هجي. ان کي فارسيءَ جو علم هجي. قرآن شريف جو حافظ ھجڻ سان گڏوگڏ حديث ۽ سنت جو پابند هجي. ان دور ۾ خيرپور رياست ۾ ست ڪرسي نشين زميندار هوندا هئا، جيڪي اتي جي عام ماڻهن جي فيصلي لاءِ، اڄڪلهه جي ميجسٽريٽ جهڙا اختيار رکندڙ منصف هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو وڏو مسئلو ٿيندو هو، ته اهي ستئي ڪرسي نشين زميندار رياست جي ڌڻي، واليءِ رياست جي سربراهي ۾ گڏ ويهي حتمي فيصلو ڪندا هئا.
ڊاڪٽر سولنگي ٻڌايو ته؛ سال 1942ع ۾، سندس ڳوٺ ۾ پهريون پرائمري اسڪول سندس ڏاڏي ڀائي خان قائم ڪرايو. جنهن ڪري هن ڳوٺ ۾ اڄڪلهه وڌ ۾ وڌ تعليم يافته ۽ مختلف شعبن ۾ ماهر موجود آهن. ڊاڪٽر ڀائي خان به پرائمري تعليم سندس ئي اباڻي ڳوٺ ۾ 1975 کان 1980ع دوران مڪمل ڪري، 1981 کان 1986ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور مان ميٽرڪ پاس ڪري، 88 - 1987 دوران گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ مان انٽر سائنس، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ پاس ڪري، 1989ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي. جتان جيتن جي دنيا ائنٽامالاجيءَ ۾، 1994ع ۾ بي ايس سي ڪرڻ کان پوءِ، 1995ع ۾ ايم ايس سي جو شاگرد ئي هو، ته 22 جولاءِ 1995ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ان دوران ئي ايم ايس سي به مڪمل ڪري ورتائين. وقت به وقت ترقي ماڻيندي، اعليٰ تعليم لاءِ به سرگرم رهيو. پي ايڇ ڊي لاءِ هن 2011ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زولاجي ڊيپارٽمينٽ ۾، پروفيسر ڊاڪٽر محمد سعيد وڳڻ صاحب وٽ داخلا وٺي، نيوڪلئير انسٽيٽويٽ آف ايگريڪلچر ٽنڊوڄام ۾ فني مهارتي سهڪار سان ڊاڪٽر نذير احمد جي تعاون سان تحقيق مڪمل ڪري، 2016ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. اڄڪلهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي ۾، ڊپارٽمينٽ آف ائنٽامولاجي ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر طور فرائض انجام ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر ڀائي خان پرائيويٽ امتحان ڏئي، بي اي، ايم اي پوليٽيڪل سائنس فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ ۽ ايم اي ماس ڪميونيڪشن/ جرنلزم ۾، ٽن سالن واري عرصي ۾ ايل ايل بي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي. نوڪريءَ دوران ننڍي وڏي مُدي جي 20 کان وڌيڪ سکيا جي پروگرامن ۾ ڪامياب شرڪت ماڻي. هن وقت تائين سندس نگراني ۾ لڳ ڀڳ 40 شاگرد ايم ايس سي ڪري ويا آهن. اهو سلسلو جاري آهي، مستقبل ۾ ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرس جي نگراني سرانجام ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو. هن وقت تائين سندس 60 کان وڌيڪ قومي ۽ بين الاقوامي مڃتا ماڻيل تحقيقي جرنلس ۾ تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن.
نوڪريءَ دوران استاد طور ذميواريون نڀائيندي، ڊاڪٽر سولنگي ڊپٽي هاسٽل پرو ووسٽ، فيڪلٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر رهيو آهي ۽ ڊپارٽمينٽ ۾ اڃا به ميمبر آهي. اڄڪلهه سي پي ٽي فيڪلٽي ۾ گريجوئيٽ پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر آهي. سنڌ سائنس سوسائٽي ۾ اسوسيئيٽ سيڪريٽري آهي. ان کان اڳ، 1992 کان 1994ع دوران، جڏهن شاگرد هو ته هن مختلف اخبارن جهڙوڪ؛ روزاني آفتاب، بختور، عبرت ۽ سنڌنيوز ۾، توڙي سنڌ لائين مئگزين ۾ به سب ايڊيٽر رهيو.
ڊاڪٽر ڀائي خان ’هالار‘ سولنگي جي شاعري ۽ نثر سارنگ شاگرد مئگزين، عبرت مئگزين، روزاني آفتاب، عبرت، بختور، سوال، ڪاڪ، سوڀ، هلال پاڪستان، عوامي آواز، برسات، جاڳو، مهراڻ، ڪاوش ۾، توڙي ٽماهي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿيندو رهيو آهي. ”فرزند سنڌ استاد ڄام قربان علي سولنگي: هڪ فرض شناس ۽ مثالي ڪردار“ ڪتاب جو مرتب آهي. سندس هڪ فرزند ارجمند سراج احمد سولنگي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.


(هفتيوار سنڌ اشوز حيدرآباد، سومر 31 جولاءِ 2017ع کان آچر 06 آگسٽ 2017ع تائين)

No comments:

راءِ ڏيندا