ھيمن
داس چنداڻي!
مٺل جسڪاڻي
ڪٿي ٿر، ڪٿي
ٿر جو ٿاڪ مٺي، ڪٿي زرعي ميداني پَٽُ، ڪٿي ٽنڊوڄام؟ مون کي گهر ويٺي، ٽنڊوڄام ۾
خبر پئي ته مٺڙن ماڻهن جي ماڳُ مٺي ۾، هڪڙو مٺڙو ماڻهو سائين ھيمن داس چنداڻي آهي!
سندس تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ مٺي ۾ رهاڻ رچائي وئي هئي، مون کي
دعوت به ملي، پر وڃي نه سگهيو هئس!
برُ وُٺو،
ٿرُ وُٺو، وُٺيون ترايون... ٿرين جي مُنهن تي مُرڪون آيون... ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو ٿر
گهمڻ ويا. هر سال ويندا آهن. سال ۲۰۱۶ع ۾ مون ۽
منهنجي سنگت به ريس ڪئي. آئون، ڀاءُ علي جسڪاڻي، وفا مولا بخش ۽ نسيم بلوچ به وڃي
نڪتاسين. مٺي ۾ ان مٺڙي ماڻهو سان سندس ئي رهائش گاهه تي پهرين ملاقات ٿي ۽ هي ٻه
اکر لکڻ تائين ٻه دفعا وٽس وڃڻ ٿيو، ساڻس روح رچنديون ٿيون. اسان جي ٽئين ملاقات
اجهو هاڻ جمع ۲۸ جولاءِ ۲۰۱۷ع
تي حيدرآباد ۾، وفا مولا بخش جي مهرباني سان ممڪن ٿي.
ساڻس ٿيل
حال احوال ۽ ڪچهري مان خبر پئي، ته هن ميگهواڙ ذات جي کوکر نُک مان، چنداڻي پاڙي
جي راڌو مل چنداڻي جي، موڀي پُٽ طور ۱۹ نومبر ۱۹۵۲ع
۾ اک کولي. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني
مٺي مان حاصل ڪري، مٺي جي پهرئين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي ڇهين کان
اٺين ڪلاس تائين لاڳيتو پهرين پوزيشن ماڻي ۽ حيدرآباد ۾ مڊل اسٽينڊرڊ امتحان به
پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪري، اسڪالرشپ ماڻي. هن ۱۹۶۵ع
۾ ايليمينٽري گريڊ ڊرائنگ جو امتحان به پاس ڪيو ۽ ۱۹۶۹ع
۾ ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. انٽر سائنس ۾، گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد
مان ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪئي. ۱۹۷۷ع
۾ سنڌ يونيورسٽي مان ٽيچنگ ۾ ڊپلوما ڪورس ڪيو. ۱۹۸۱ع
۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪاليج سائيڊ مان ڪئي. بي ايڊ ۱۹۸۳ع
۾ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس مان ڪئي. ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۹۶ع
۾ ڪئي. ايم ايڊ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
مان ڪيائين.
سائين
هيمن داس چنداڻي ٻڌايو ته هن پهريون دفعو ۶ مارچ ۱۹۷۶ع
کان، مڊل اسڪول ٿاڻو احمد خان ۾ جي ايس ٽي طور پڙهائڻ جي شروعات ڪئي. پهرين آڪٽوبر
۱۹۷۸ع تي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مقرري ماڻي.
اتان پوءِ ۱۲ نومبر ۱۹۷۸ع
تي گورنمينٽ مڊل اسڪول ڀوريلو ۾ جي ايس ٽي مقرر ٿيو. جيئن جيئن تعليمي سندون حاصل ڪندو
ويو ۽ نوڪري ۾ سينيئر ٿيندو ويو، تيئن تيئن سندس ترقي به ٿيندي رهي. جي ايس ٽي کان
پوءِ ايڇ ايس ٽي به ٿيو. هڪ ٻن اسڪولن ۾ انچارج هيڊ ماسٽر ۽ هڪ ٻن اسڪولن ۾ هيڊ
ماسٽر به مقرر ٿيو. مٺي، ڀوريلو، نئون ڪوٽ، ڏانو ڌانڌل، ڀڪڙيو ۽ ويڙها جي هاءِ اسڪولن
۾ رهيو، اتي پڙهايو، انچارج ۽ فُل هيڊ ماسٽر به رهيو. ۲۰۰۸ع
۾ ۱۸ گريڊ ۾ ترقي ملڻ تي ڊي اي او
سيميز ضلع ٿرپارڪر مقرر ٿيو. ان دوران ڪجهه عرصو ڊپٽي ڊي اي او ايليمينٽري جي چارج
به سنڀالي ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين.
سائين
هيمن داس چنداڻي ٻڌايو ته هو ڪلاس ٽيچر ۽ سبجيڪٽ ٽيچر ته رهيو، پر نصابي ۽ هم
نصابي سرگرمين وسيلي، شاگردن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ به سندس معمول هوندو هو. پاڻ اسڪائوٽنگ
۾ پڻ سرگرم رهيو. اسڪولن ۾ جڏهن به ڪا ننڍي وڏي تقريب ٿيندي هئي، ته پاڻ سيڪريٽري
جا فرائض به انجام ڏيندو رهيو.
سائين
هيمن داس چنداڻي، اڄ ڪلهه ته صرف مٺي جو مانائتو استاد، منتظم ۽ ساڃاهه وند پيو سڏجي،
پر ساڻس ٿيل پهرين ملاقات ۾ هن پاڻ سڪرنڊ جون ساروڻيون ساريندي ٻڌايو، ته سڪرنڊ ۾
تاج جويو، عبدالحڪيم ارشد، ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو سان به ڳچ عرصو گڏ گذاريو اٿائين.
اتي س ا س جي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. سائين هيمن مشهور ۽ معروف محنتي استاد
ته پنهنجي جاءِ تي، پر ادب ۾ چاهه سبب، مطالعو سندس اهم مشغولي رهي آهي. جڏهن ته سڪرنڊ
واري دور ۾ سائين ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون، روزاني ڊائري لکڻ به سندس عادت ۾ شمار
آهي
سائين
هيمن شاعر به آهي، اها منهنجي لاءِ نئين خبر هئي! سندس شاعري پڙهيم ته ان ۾ مورو ۽
شڪارپور جو به ذڪر آهي، اتي جي مور ماڻهن کي بيت جي صورت ۾ ڀيٽا پڙهڻ لاءِ ملي.
سائين هيمن داس چنداڻي وڌ ۾ وڌ بيت لکيا آهن، ڪي چند نظم، ٻه ٽي غزل ۽ هڪ ڪافي
سرجي آهي. اهو مواد سندس شاعري جي پهرئين مجموعي ”همرچي هُونگار“ وسيلي ڄاڻ ته پڙهندڙن
جي هٿن تائين پهتو.
سائين
هيمن داس مٺيءَ جو آهي، هن مٺي ۽ مٺي جي ماڻهن، مٺڙن ماڻهن جو تعارف بيتن ۾ ڪرايو
آهي. سنڌ جي مهمان نوازي، مهمانن جي ميزباني مثالي رهي آهي. سائين هيمن به ان
روايت جو پاسدار آهي. سندس ڪجهه بيت ان جو بهترين مثال آهن.
ماڻهو ڪردار
سان ئي نه ڪرت جي نسبت سان به سڃاڻپ ماڻين ٿا. انهن کي ڪير ڪيئن ٿو پرکي، اهو اهم
سوال آهي. ماڻهو سماج جو اڏييندڙ آهي، پر سماج ماڻهن جي ذات پات، ٺڳي جي ٺاهن ۽
رَوَيُن سبب ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. اهڙين وارتائن کي سائين هيمن جيئن ڏسي
۽ محسوس ڪري ٿو، تيئن لکي ٿو. مهل ۽ موقعي مان فائدو ماڻيندڙ چالاڪن کي ياد ڪندي
به لکي ٿو.
سائين
هيمن داس عملي زندگي جو ڳچ عرصو استاد طور، ڪجهه وقت تعليمي عملدار طور پنهنجا فرض
نڀايا. ان ڪري تعليم، استاد ۽ شاگرد وغيره سندس دلچسپي جو خصوصي موضوع رهيو آهي.
ان ڪري ساڳئي موضوع تي مختلف پهلوئن کان لکندو رهي ٿو. پڙهڻ پڙهائڻ جي حوالي سان پڻ
گهڻو سٺو ڳالهائي ۽ لکي ٿو.
تعليم توڙي
سماجي ۽ مذهبي مت ڀيد، اختلافن جا ڪيترا ئي سبب آهن، انهن جي پڙتال، نتيجي ۽ لائحه
عمل لاءِ هر سرت، سمجهه ۽ ساڃاهه وارو سوچي ۽ لوچي ٿو. سائين هيمن پڻ اهڙين حالتن
۽ ڪيفيتن تي نظر به رکي ٿو، ته ان جي اثر ۾ به اچي ٿو. ننڍي کنڊ جي تاريخ بابت
ائين ئي ڄاڻي ٿو، جيئن ٻيا ڄاڻن ٿا. سندس خواهش به اهڙي ئي آهي، جهڙي ڪنهن ترقي
پسند سوچ رکندڙ جي هجي.
سائين
هيمن جنهن جنهن موضوع تي لکيو يا ڳالهايو آهي، اهي سڀ ڄاڻائيندس ۽ انهن سڀني جا
مثال ڏئي لکندس ته... سماج جو ڪو هڪ مسئلو نه آهي، سماجي پستي جو ڪو هڪ ڪارڻ ڪونهي،
انيڪ برايون آهن، اڻ ڳڻيون ارڏايون، ڏاڍايون، انياءُ آهن. ڪارو ڪاري به عذاب آهي.
اهي سڀ توجهه طلب آهن. ان ڪري بحث ۾ به ايندا آهن. اظهار جو به موضوع بڻبا آهن. ڪارو
ڪاري جي هڪ واردات جي عڪاسي سائين هيمن جو هي بيت ڪري ٿو:
ماريو ويو
واٽ تي، ڪري هو ڪارو،
ڳڀرو
ويچارو، گوهر ساڻ گڏيو ويو.
(هفتيوار سنڌ
اشوز، حيدرآباد، سومر ۰۷ آگسٽ کان آچر ۱۳ آگسٽ
۲۰۱۷ع تائين)
هيمن داس چنداڻي
املهه انسان - سلسلو ۳۸ هون
حفيظ چانڊيو
مٺي شهرَ جو هيمن داس چنداڻي هڪ
مثالي استاد، شاعر، بهترين مقرر ۽ تاريخ جو ڄاڻو شخص آهي. هُو مٺيءَ ۾ رهي، دنيا
جهان سان محبتون ونڊيندو ٿو رهي، سنڌ جو شايد اهڙو ماڻهو هجي جيڪو سندس غريب خاني
تي نه ويو هجي. هُو دل ۽ دسترخوان جو سخي مرد آهي. هر ڪنهن سان پيار ۽ ھمدردي ڪرڻ
سندس خوبين مان خاص خوبيون آھن جنھن لاءِ سندس پٽ مڪيش هن کان پڇندو آهي ته
"بابا اوهين ان ماڻهوءَ سان چڱائي ٿا ڪريو، جنهن جي سانڊي جهڙين ڦوڪن اوهان
کي تڪليفون رسايون ..!! “هُو مسڪرائي جواب ۾ مُڪيش کي سنڌ جي سرتاج شاهه لطيف جو
شعر" چڱا ڪن چڱايون مٺايون مٺن،
جو وڙُ جڙي جن سين سو وڙ سيئي ڪن
“ چوندو آهي، گڏوگڏ هن کي مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي جو هيءُ شعر به چوندو آهي
ته:" پٽ! "هن ڌرتيءَ، ڌرتيءَ وارن جي،
پُٽَ پارت ٿئي پٽ پارت ٿئي“ -
هُو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽
تهذيب سان نه صرف پيار ڪندو رهيو آهي، پر ان بابت پنهنجي وت وس آهر کوجنا پڻ ڪندو
رهيو آهي. ٿر جو شايد ڪوئي ميوو هجي، ٿري لهجن، ڍاٽڪي تي ۽ لاڙي لهجي، ٿر جي ولين
کان مندن موسمن تي هن فقير منش انسان جو تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي.
هُو هڪ شاعر سان گڏ هڪ رٽائرڊ
استاد به آهي. ڀلي هن کي سرڪار رٽائرمينٽ ڏني هجي، پر هن پوءِ به اوطاق کي درسگاه
بڻائي ڇڏيو آهي. وڃبس ته سوين ڪرسيون ۽ بينچون پيل ڏسڻ ۾ اينديون، ڀت ۾ لڳل اڇو
بورڊ، مارڪر ۽ ڊسٽر هن جي عظمت جا ساکي بڻيل آهن. هن ٻالڪپڻي ۾ ڪيل پنهنجي ڪمٽمينٽ
کي مان ڏنو، جيڪا هن ان وقت ڪئي هئي، جڏهن هن کي علم پرائڻ لاءِ ڪوئي اتساهيندڙ ڪردار
آسپاس نه مليو هو.
هُو ڪيفيتن جو درياهه آهي، جتي
خيال پر کولي هن مٿان مستيءَ سان آزاد فصائن ۾ موج مستي پيا ڪندا آهن. هن کي ان
وقت قلبي قرار ملندو آهي جڏهن هُو پني تي ڪو درد جو نوحو لکندو آهي.
سندس شاعريءَ کي پڙهبو ته ائين
لڳندو ته هن حالتن جا اسڪيچ ٺاهيا هجن، رت جا ريڳاڙو ڳاڙيندڙ هن جا اهي اسڪيچ ڪارونجهر
جي ڪور مٿي ان مور پکيءَ جي وهندڙ ڳوڙهن کي معني چيز بڻائيندا آهن، اهڙن اسڪيچز ۾ ڌرتيءَ
جي وارثيءَ جي ڏوه ۾ اتان جا ڪيترائي روپلا ڪرنل ٽڙوٽ جي ٽررائپ سبب ڌرتيءَ تان سر
گهور ڪندا آهن، هنن جو ڏوھ صرف پنهنجي ڌرتي سان پيار هوندو آهي، جنهن لاءِ هُو ساه
ڏئي ماڻهن ۾ ويساه قائم ڪندا آهن. هن جي اک جيڪو ڏٺو، سو سادي سلوڻي ٻوليءَ ۾ نثر
يا وري شاعريءَ جي روپ ۾ سنڌ جي ماڻهن تائين پهچائڻ کي فرض سمجھيو اٿائين. هن وٽ
غضب جو مشاهدو آهي، تجربي ۽ مشاهداتي علم کي هونئن ته سائنس چئبو آهي، ساڳي ئي
نموني سائين هيمن داس چنداڻيءَ جي بيتن، غزلن ۾ سماجي سائنس نظر ايندي. پاڻ علمي
ادبي دنيا جي ناميارن ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن سان ياراڻي ۾ رهيو آھي.
هُو مهين دڙي جي دراوڙي نسل مان
آهي، جنهن لاءِ مٽيءَ جو ملهه سندن ديوتائن کان وڌيڪ هوندو هو. هو دراوڙ آهي، جنهن
دنگن ۽ ننگن جي وارثيءَ ۾ ڌرتيءَ جي ناخدائن سان الجهڻ کي ايمان سمجهيو، هو امن ۽
اهنسا جو پرچارڪ آهي، مٽيءَ کي مقدس سمجهندڙ هن شاعر ۽ ليکڪ پورهيت پيءُ تي فخر ڪندي
نظر ايندو آهي.
بقول سائين تاج جويو جي
ته:"۱۹۷۶ع ۾ هيمن داس چنداڻي سنڌي ادبي
سنگت سڪرنڊ ۽ موري جي گڏجاڻين ۾ ڪهاڻيون پڙهندو هو، پر هن جي نگاه مصورانه هئي ۽
سندس اندر ۾ هڪ ڪلاڪار موجود هو جڏهن هيمن سخت بيمارين جهٽڪن مان چڙهي نئين حياتي
ماڻي آهي ته هيمن جي اندر جو شاعر جاڳي پيو آهي ۽ ڪجهه مهينن ۾ سندس تخليقي پورهيو
همرچو هو هُونگار جي روپ ۾ سنڌ واسين جي اڳيان اچي رهيو آهي. مون سندس شاعريءَ جو اکر
اکر نظر مان ڪڍيو آهي، هيءَ شاعري سندس دل جو آواز آهي، جنهن ۾ سنڌ /ٿر جي تهذيب ۽
تاريخ جو سچو روپ شامل آهي. سنڌيءَ جي ٿري لهجي ۽ ٿري لفظن جو وڏو ذخيرو موجود
آهي. اندر جا اوٻاڪ ۽ من ڀاونائون پڌريون آهن.
سائين هيمن داس جي شاعريءَ جو
موضوع سماج جو پيڙهيل طبقو آهي جنهن کي هو شاعريءَ ذريعي هالار جيڏو حوصلو ڏيندو
رهيو آهي. سندس تحريرون ٿر جي تاريخي ماڳن، تهذيب بابت ڄاڻڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيون
آهن. هن جي سموري ڄمار نوجوانن کي پاڙهيندي گذري، جن کي هن ٻوليءَ ۽ ادب، نصابي ۽
غير نصابي معلومات ڏئي ۽ سندن رهنمائي ڪئي، انهن مان الائي ڪيترا شاگرد ملڪ کان ٻاهر
اهم عهدن تي فائز آهن.
هُو غلاميءَ کي ڪچي گار سمجهي ٿو،
جاگيردارن ۽ رياستي غلاميءَ مان بي زبانن جي سنڌ جو هيءُ شاعر ۽ استاد رھنما بڻيل ٿو
ڏسجي.
جيتري قدر سماجي خدمتن جو تعلق
آهي تہ هن سماج سيوڪ طور اٺين ڪلاس جي مڊل اسٽينڊرڊ جي امتحان ۾ پهريون نمبر کڻڻ
کان پوءِ شروعات ڪئي. سائين هيمن داس سان ڪچهري ٿي، امتحان پاس ڪرڻ بعد هن کي جڏهن
اسڪالرشپ ملي ته سندس خوشيءَ جي حد نه هئي.
پنهنجي گهر ۾ پنهنجي هم ڪلاسين لئي چيائين ته هن
پارٽي جو انتظام ڪيو هو ۽ طئي ڪيو هو تہ پڙهڻ جي دوران هڪ ٻئي جي مدد ڪنداسين ايئن
ڪرڻ سان سماجي ميل جول وڌيو جو اڄ تائين قائم آهي. “ ان کان علاوه هن وڌيڪ ٻڌايو
ته "مئٽرڪ ڪلاس ۾ هو پنهنجي اسڪول جو جنرل سيڪريٽري سليڪٽ ٿيو هو ۽ مرحوم ڊاڪٽر
جان محمد بجير جوائنٽ سيڪريٽري نائين ڪلاس مان چونڊيو ويو هو.
هو مسلم ڪاليج حيدراباد ۾ پڙهڻ
وقت ۱۹۷۴ع ۾ يونين جي جنرل سيڪريٽري به رهيو. جتي هن شاگردن
جا جائز مسئلا حل ڪرايا. اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان سندس ساراه جوڳو ڪم رهيو آهي
جنهن ۾ هن شاگردن کي پر اعتماد ٿي اسٽيج تي تقرير ڪيئن ڪجي؟ جا گر سيکاريا، ان کان
علاوه هن مختلف موقعن تي شاگردن کي لوڪ گيتن ۽ ملي نغمن جي تياري پڻ ڪرائي.
هن استادي پيشي کي صرف پگهار جو
ذريعو ئي نه بڻايو پر پيغمبري پيشو سمجهي فرضن جي ادائيگي ڪيائين. پڙهائڻ دوران هن
غريب شاگردن جي هڙان وڙان ڪري انهن جي امتحاني فارمن جون فيون ڀريون.
سندس مختلف اسڪولن ۾ شاگردن
منجهہ درسي ڪتاب ۽ ڊريسون ورهائڻ وارو ڪم به انتهائي ڪارائتو ۽ مثالي رهيو آهي.
هو مسلسل چار سال مٺي ويلفيئر ايسوسيئيشن جو
وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تي فائز رهيو، جتي هن ائسوسئيشن جي پليٽ فارم تان سرندي
وارن کان چندو گڏ ڪري پرائمري استادن کي انعام طور شيلڊس وغيره ڏياريون.
ايسوسيئيشن طرفان مٺي ۾ پهريون پرائيويٽ ماروئي گرامر اسڪول کوليائين، ۱۲ سال ضلعي ٿرپارڪر جو ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ سيڪريٽري پڻ رهيو.
پنهنجي پاڙي کان سموري مٺي شهر
۾ صفائي سٿرائي جي لاءِ جاڳرتا مهم شروع ڪيائين، ڪنهن قدر شهر ۾ صفائي جو نظام
بهتر ڪرايائين. ان دوران هن کي مسڪين ماڻهن لاءِ مسئلن تان ڪامورن سان وڙهڻو بہ
پئجي ويو، پوري ضلعي ۾ نائين ڏهين ڪلاس جي پيپرس لکڻ جو سهرو به سندس پکي ۾ آيو.
مختلف سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ
ادارن طرفان مليل گيهه جي ۳۰۰/۳۰۰ دٻن کي گهر ۾ ڪو نه رکيائين، نه ئي ڪنهن دوڪان تي کپايو هئائين. مسڪينن جي
لسٽ جوڙي، کين پنهنجي محلي ۾ باوقار نموني اهي گيهه جا دٻا ورهائين. هن کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ورلڊ بئنڪ
طرفان ٽي سال اڳ ۲۵۰۰۰ رپين جو نقد انعام پڻ مليو
آهي، ڪي ٽي اين طرفان "بيسٽ ٽيچر“ ايوارڊ ملي چڪو آهي.
ڪجهہ عرصو اڳ مٺيءَ پريس
ڪلب ۾ هڪ دفعو هڪ اين جي او سرچ ۽ يوٿ ويلفيئر ڪائونسل طرفان ٽيچننگ جي شعبي
۾ خدمتن عيوض ساڻس سرهي شام ملهائي، مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو هو. حيدراباد ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش هال ۾ روشن راه سٿ طرفان سندس علمي ادبي خدمتن ۽ سماجي خدمتن عيوض ساڻس شام
ملهائي کيس ايورارڊ پڻ ڏنو ويو.
هيمن داس چنداڻي صاحب جيتوڻيڪ
جهونڙو ٿي ويو آهي، سندس وار چاندي ٿي چڪا آهن، سندس منهن جا گهنج به سنڌ جي سورن
جيان روز روز وڌندا رهن ٿا، پر هن جي ارادن کي اڏوهي ناهي کاڌو، هن جا جذبا اڄ به
جوان آهن، سندس ماڻڪين سنڌ جو آجپو ناهي وساريو. هو فطرت جي هنج جهڙو هڪ املهه
انسان آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا