; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شمس الدين تنيو

05 August, 2017

ڊاڪٽر شمس الدين تنيو

ڊاڪٽر شمس الدين تنيو

ورچي نه ويهي سگهندڙ پروفيسر

مٺل جسڪاڻي



پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، جنهن سنڌي ٻولي ۾ ڪيترا ئي مضمون لکيا آهن، جيڪي وقت به وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا، سندس ڏهن کان وڌيڪ، جامع زرعي ڪتاب، هر هڪ ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ ڇپيو، پهرين سنڌي انگريزي سائنسي لغت، جيڪا پهرين مختصر ۽ پوءِ تفصيلي، جامع، صورت ۾ شايع ٿي، انگريزي ۾ لکيل سندس ڪتاب، بين الاقوامي مڃتا ماڻيل پرڏيهي ۽ ڏيهي تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿيل لڳ ڀڳ هڪ سئو تحقيقي مقالا به پڙهندڙن پڙهيا، پيا پڙهندا.


اهو ئي پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، هڪ دفعو ۲۰۱۳ع ۾ ۽ ٻيهر ۲۰۱۴ع ۾ وائيس چانسيلر جي پرڏيهه وڃڻ جي صورت ۾، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي روزاني ڪم ڪار کي ”لوڪ آفٽر چارج“ ملڻ سبب سنڀاليو، اڪلايو. جيڪو پهرين مارچ ۲۰۰۸ع کان ۲۸ فيبروري ۲۰۱۵ع تائين ساڳئين يونيورسٽي جي ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جو ڊين به رهيو، ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع کان ۰۱ سيپٽمبر ۲۰۰۹ع تائين ايگرانامي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين رهيو. اهو ئي ڊاڪٽر تنيو، ان شعبي ۾ سڀ کان پهرين ۱۳ نومبر ۱۹۸۰ع  ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي ۲۶ جون ۱۹۹۰ع کان اسسٽنٽ پروفيسر، ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۵ع کان ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ۱۲ اپريل ۲۰۰۶ع کان ۶۰ سال عمر پوري ٿيڻ سبب رٽائر ٿيڻ تائين پروفيسر طور خدمتون انجام ڏنيون.

ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، اڳوڻي ضلعي حد واري لاڙڪاڻي ضلع جي تاريخي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر ۾ هر هاري محمد پريل تنيو جي گهر ۾ پهرين مارچ ۱۹۵۵ع تي جنم ورتو. ان ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم پرائي، گورنمينٽ مڊل اسڪول ٻير شريف مان سيڪنڊري تعليم حاصل ڪري، ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر مان ۱۹۷۲ع ۾ ميٽرڪ ڪئي. ۱۹۷۷ع ۾ بي ايس سي ۽ ۱۹۷۹ع ۾ ايم ايس سي ايگريڪلچر آنرس ايگرانامي ۾، اڳوڻي زرعي ڪاليج يعني موجوده سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان حاصل ڪئي، ۱۹۹۰ع ۾ برطانيا مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.

ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جو مهارتي شعبو ايگرانامي (Agronomy) آهي، پر ان ۾ به Crop resource conservation، Crop Production Technology، Medicinal crops، Environmental Sciences، Seed Production and Technology، Organic farming، Seed Priming، Weed Management: Weed Allelopathy ۽ Mulching and Intercropping خاص طور تي سندس دلچسپي جا اهم مضمون ۽ موضوع رهيا آهن.

پاڻ وٽ ماحوليات تي باقائدي بحث مباحثي جو رواج ويجهڙائي ۾، اين جي اوز جي زور وٺڻ کان پوءِ شروع ٿيو آهي، پر ان کان اڳ پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ماحوليات جي حوالي سان ۱۹۹۰ع ۾ برطانيا مان جيڪا پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، ان تحت “Effect of Environment and plant growth regulators on the growth of wheat genotypes” سندس تحقيق جو عنوان هو.

ڊاڪٽر تنيو، پنهنجي نوڪريِءَ دوران ۰۵ پي ايڇ ڊي ۽ ۸۰ ايم ايس سي ٿيسز لاءِ شاگردن کي پنهنجي رهبري ۽ رهنمائي ۾ ڪامياب ۽ ڪامران بنايو.

ڊاڪٽر تنيو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري لاءِ به خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي. انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ايڊيٽر هجڻ سان گڏوگڏ اداري پاران ڇپرايل محمد خان جروار جي ڪتاب زرعي سائنس ۽ علي مرتضي ڌاريجو جي ڪتاب صحت ۽ ماحول (Health & Environment) جي ايڊيٽر طور پڻ ذميواريون نڀايون آهن. مختلف ادارن پاران ڇپرايل ۱۴ زرعي ڪتابن مان ڪنهن ڪتاب جو مکيه، ته ڪنهن ڪتاب جو ساٿي ليکڪ به آهي.

ڊاڪتر تنيو ۰۶ مختلف سنڌي ۽ انگريزي ڪتابن جو اڀياسي جائزو به قلبند ڪيو آهي، جيڪو پڻ مختلف سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيو.

ڊاڪٽر تنيو ۲۰ کان وڌيڪ نصابي، هم نصابي، تعليمي ۽ تحقيقي ڪم جي مد ۾ اضافي ذميواريون نڀايون آهن. جن مان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل جو ۱۹۹۷ کان ۲۰۱۴ع تائين شروع ۾ سبجيڪٽ ايڊيٽر کان مينيجنگ ۽ آخر ۾ چيف ايڊيٽر تائين جي ذميواري نڀائڻ هڪ خاص اعزاز آهي. هن ۲۵ کان وڌيڪ نصابي، تحقيقي ۽ مهارتي سوسائٽيز، اين جي اوز سرگرمين ۾ چيئرمين ۽ ميمبر طور به ذميواريون نڀايون آهن، ته ان سان گڏوگڏ ۲۰ کان وڌيڪ پرڏيهه ۽ ڏيهه ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف قومي ۽ بين الاقوامي، ٿوري ۽ ڊگهي مُدي وارن تربيتي ڪورسز، ڪانفرنسز ۽ سمينارس ۾ به شرڪت ڪئي، ڪنهن ۾ سکيا حاصل ڪئي، ته ڪنهن ۾ سکيا ڏني.

پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي مالي امداد سان جاري ٿيندڙ ۲۰ کان وڌيڪ تحقيقي پروجيڪٽس جو جائزو وٺندڙ (RESEARCH PROJECT REVIEWER) به رهيو.

پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جي تعليمي، تحقيقي ۽ توسيعي خدمتن جي پيش نظر، کيس هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سال ۲۰۰۸ لاءِ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ۽ هڪ لک روپيه نقد انعام سان نوازيو ويو. ان کان اڳ ۱۹۹۵ع ۾ جهانيان ادبي ڪائونسل پاران سامي ايوارڊ (شيلڊ)، ۱۹۹۶ع ۾ سنڌ رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران علامه آءِ آءِ قاضي تعليمي ايوارڊ (شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ) ۽ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي اسٽوڊنٽس زون پاران گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ، ۲۰۰۵ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر طرفان منفرد محقق ۽ ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان ۲۰۱۱ع ۾ سائنسي ڪتابن تي ايوارڊ ۽ ۲۰۱۲ع ۾ سائنسي ڪتاب لکڻ تي ۲۵۰۰۰ روپيه نقد انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو.

ورچي نه ويهي سگهندڙ پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو رٽائر ته ٿي ويو آهي، پر سندس پڙهڻ ۽ لکڻ وارو عمل جاري ساري آهي. سدا صحتمند ۽ خوش هجي. پنهنجي ڄاڻ اڻ ڄاڻ تائين پهچائڻ جو عمل به جاري ۽ ساري رکي. اسان کي اهڙن محنتي، محبتي، مانائتن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا