; سنڌي شخصيتون: فقير بشير احمد لغاري - مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

فقير بشير احمد لغاري - مٺل جسڪاڻي

فقير بشير احمد لغاري
پروفائيل انٽرويو: مٺل جسڪاڻي

اوهان ڪو ٻڌو، پڙهيو يا نه، پر مون ٻڌو منهنجي سنگت جي واتان، ته ضلعي ميرپورخاص جي شهر ڊگهڙي کان اوڀر طرف، ۶ ڪلوميٽر فاصلي تي ڳوٺ فقير غلام علي لغاري عرف دونهائو، ديهه ۱۷۶ ۾ فقير بشير احمد لغاري نالي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي شخصيت آهي. ڄاڻ جي کاڻ هجڻ سبب هن کان ڊگهڙي ۾ ڳچ عرصي تائين ليڪچر ڏياريا ويا. سندس ڳوٺ ۾ سالن کان قائم لائبرري، آس پاس توڙي پري وارن لاءِ به مفت سهوليت فراهم ڪري پئي ۽ هر آچر تي ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان ساڻس ڪچهري لاءِ پيو ايندو آهي. جنهن سنگت مون سان اهڙيون خبرون ڪيون، ان ئي سنگت سان گڏجي، منهنجو به وٽس وڃڻ ٿيو، ته وقفي وقفي سان ڪچهرين جو سلسلو جاري ٿي پيو. ساڻس ٿيل مختلف موقعن تي ڪچهرين دوران وڌيڪ معلومات ملي ته سوچيم، ڇو نه پڙهندڙن سان به فقير بشير احمد لغاري جو تعارف ۽ سندس ويچار ونڊجن؟!


فقير بشير احمد لغاري ولد فقير حاجي عبدالله لغاري ۰۴ فيبروري ۱۹۴۵ع تي جنم ورتو. هڪ ڪچهري ۾ فقير ٻڌايو هو ته سندس والد صاحب کي فارسي تي دسترس حاصل رهي، مولانا رومي، شاهه لطيف، حمل فقير ۽ خليفو قاسم سندس پسنديده شاعر رهيا، ملفوظات سيد محمد راشد روزي ڌڻي به سندس مطالعي هيٺ رهيا. سندن ڳوٺ ۾ اسڪول ۱۹۳۶ع کان قائم ٿيو، جنهن ۾ فقير بشير پرائمري تعليم حاصل ڪئي. استاد عبدالله کٽي ڏيپلي جو، لڇمڻ داس مينگهواڙ چليهار واري سندن تربيت ڪئي. هن ٻڌايو ته پرائمري پاس ڪري ٽائون ڪاميٽي هاءِ اسڪول ڊگهڙي ۾ ميٽرڪ ڪيائين، جتي سائين حيدر ميان مارئو شخصي طور به سٺو هو ۽ استاد به ڀلو هو. سائين لائق علي ۽ دئارڪا داس به بهترين استاد هئا. فقير بشير ٻڌايو ته سندس ججهي دلچسپي سائنس بدران آرٽ ۾ رهي. ميٽرڪ ۱۹۶۰ع ۾ ڪئي، پوءِ سندس والد صاحب جي وفات سبب ڪجهه عرصو گهر ويهي رهيو. ننڍي هوندي کان ئي هر ذميواري نڀائڻي پئي. ڳوٺ جي وڏي جي حيثيت سنڀالڻي پئي. جنهن ۾ گهر ۽ سڄي ڳوٺ جو بار، اسڪول جي نگراني، ڳوٺ ۾ هلندڙ مدرسي ۽ مسجد جا معاملا، گهراڻو خليفو هجڻ ڪري مريد ۽ مريدن جا مسئلا، ذميواريون تمام گهڻيون وڌي ويون، هر ذميواري نڀائڻي پئي...
فقير بشير ٻڌايو ته هن سڀني معاملن کي منهن ڏيندي، ۱۹۶۵ع ۾ وري به تعليم کي اڳتي وڌائڻ جي همٿ ڪري، ماڊل ڪاليج، ميرپورخاص ۾ داخلا ورتي. اتي مزو نه آيو ته ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد ۾ داخلا ورتي. جتان پهرين انٽر آرٽ ڪئي، پوءِ بي.اي آنرس ۱۹۷۰ع ۾ ڪئي. ۱۹۷۲-۱۹۷۱ع دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي انٽرنيشنل رليشنس (بين الاقوامي تعلقات) لاءِ داخلا ورتي. اتي محترمه مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻين استادن جي شفقت ۾ رهيو. ان دور جي ياد اچڻ تي ٻڌايائين ته هڪ دفعي ميڊم جي ڪلاس کان ٿورو اڳ، ڪلاس جي ڪنهن شاگرد بورڊ تي لَوLove  لکيو، ته ميڊم ناراض ٿيڻ بدران پيار تي تمام بهترين، موثر ليڪچر ڏنو. فقير چواڻي ته پرائمري کان ايم اي تائين، سندس ڌيان پڙهائي طرف رهيو. ۱۹۷۴-۷۵ع ۾ ايم اي ڪئي. ايم اي دوران توڙي ڪاليج ۾، ڪڏهن ڪڏهن تقريري مقابلا ٿيندا هئا، ته وڌي چڙهي حصو وٺبو هو، پر ذاتي طور هاسٽل لائف جو تجربو ناهي، نه ئي ڪو اندازو به اٿم، ته ان زماني ۾ هاسٽل وارو سرشتو، ماحول ڪيئن هوندو هو؟ البت راندين مان والي بال گهڻي رهيُس، ٺيڙهي ۽ لاڙڪاڻه مان به رانديگر ايندا هئا، دادو مان قربان، عمرڪوٽ مان غلام محمد لاکو، والي بال راند رهڻ ايندا هئا، ميرپورخاص جي چمن والي بال وارا به ايندا هئا، مقابلا ٿيندا هئا.
شاگردن ۽ استادن ۾ سياسي رجحان تي ڳالهائيندي فقير چيو ته ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۶۲ع ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن هوندي هئي. ان ۾ ٿوري گهڻي وابسطگي رهي. استاد تنظيمن جو بنياد پيو ته جان محمد جمالي پرائمري تنظيم جو مقبول اڳواڻ رهيو. اڳي استاد اڄ ڪلهه وانگر احتجاج نه ڪندا هئا، تعليم متاثر نه ٿيندي هئي، دانهون ڪوڪون ڪري پنهنجا مسئلا حل ڪرائيندا هئا.
فقير بشير احمد لغاري موجب ”ضلعي ٿرپاڪر جون بلوچ قومون“ سندس پهريون تحقيقي مقالو آهي، جيڪو هن سندس ايم اي سينئر طور جمع ڪرايو هو، ان جي ڪاپي ضرور ڪٿي پيل هوندي! ڪٿي پيل هوندي تان خيال آيو ته سبب پُڇان، ان تي ٻڌايائين ته ڳوٺ ۾ ”فقير بشير احمد لائبرري“ آهي، جنهن جو باقائده افتتاح ڇٽ ڌڻي پير سائين پاڳارو سيد سڪندر شاهه، شاهه مردان، شاهه ثاني ۱۹۶۰ع ۾ ڪيو هو. هن لائبرري ۾ ڪجهه قلمي نسخا، فارسي جا ناياب ڪتاب، ابوالحسن سنڌي جا ڪجهه ڪتاب، انسائڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ذري گهٽ اڻ لڀ مڪمل ايڊيشن به پيل هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايشين فائونڊيشن، ڪائونسليٽ جنرل برطانيه، ڪراچي ۾، سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽر ٻُٽ صاحب به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها انسائڪلوپيڊيا هاڻي مڪمل نه سهي، پر اڃا تائين هن لائبرري ۾ ۴۴ جلد موجود آهن، صرف هڪ جلد وڃائجي ويو آهي. جيڪو لڳي ٿو ڪو کڻي ويو، پر واپس نه ڪيائين.
فقير چواڻي ته سندس نالي سان اڃا به موجود لائبرري جي توسط سان ڪيترن ئي ايم اي جي شاگردن، هڪ ٻه ايم فل شاگرد ۽ ماستر عنايت علي لغاري، جيڪو هاڻي سر سيد احمد اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي شعبي جو سربراهه آهي، تنهن پي ايڇ ڊي لاءِ هتان، هن لائبرري مان حوالا ورتا. جامع مليه ملير ڪراچي ۾ سنڌي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر راهمون به هتان ئي پي ايڇ ڊي ڪئي، ميرپورخاص شهر جو ڪاٺياواڙي دل صاحب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تي ايم فل ڪئي، ته ان به هن لائبرري مان مدد ورتي. هن لائبرري ۾ تاريخ، جاگرافي، فسلفي تي ڪتاب، ديني ڪتاب، حديثون، آٿم ڪٿائون، ادب، ٻولي، شاعري، شخصيات تي مبني ۲۰ هزارن کان وڌيڪ ڪتاب ۽ قلمي نسخا آهن. مون ڪڏهن ٻڪريون ته هڪ ٻه دفعا ڍڳي وڪڻي به ڪتاب ورتا... اهي سڀ ڪتاب ترتيب ۾ رکيا ويا هئا، انهن جي باقائده اندراج هئي، هاڻي پيريءَ اچڻ سبب لائبرري جو ڪم سنڀاليو نه ٿو ٿئي، جنهن ڪري هاڻ لائبرري ۾ موجود مواد وڃائجڻ شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪتاب حوصلو ڏيندا آهن. مون سان ڏکن سکن ۾ ساٿ ۽ مون کي همٿ ڏيڻ جو ڪم ڪتابن ڪيو آهي.
ياد جون دريون کلڻ تي وڌيڪ ٻڌايائين ته ”سنڌ صدين کان“ ميرپورخاص ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هن ”ٿرپارڪر جو تعارف“ مقالو پڙهيو، جيڪو ”اُٺا مينهن ملير“ ڪتاب ۾ شروعاتي مضمون طور شايع ٿيو. ٿر ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪنري مان پاڻي جي پائپ لائين وڇائڻ واري افتتاحي تقريب ۾ به فقير مقالو پڙهيو، ٿر ۾ ”مارئي سيمينار“ دوران عمر مارئي تي مقالو پڙهيو، هي سيمينار مٺي ۾ ٽي ڏينهن جاري رهيو هو. گرهوڙ شريف جي عرس جي موقعي تي ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل علمي ۽ ادبي تقريب دوران ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صدارت ۾ ٿيل سيمينار ۾ پڻ مقالو پڙهيو. هن اهو به ٻڌايو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جو پهريون افتتاح محترمه بينظير ڀٽو ڪيو، ان موقعي تي ڇپيل بروشر ۾ سندس مضمون ”ور وائي...“ آهي. ان کانسواءِ ”پراڻو پارڪر“ ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ اڀياسي جائزو پڙهيائين.
فقير ٻڌايو ته هن وقت تائين سندس مضمون ته ڪيترائي شايع ٿيا آهن، پر حضرت وارث شاهه جو پنجابي ۾ چپيل شعري مجموعو به سرائڪي ۾ ترجمو ڪيو آهي. مختلف ادارن ۽ شخصيتن شايع ڪرائڻ جي ڳالهه به ڪئي، پر اڃا شايع نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته ”پراڻ“ تي ۵۰۰_۶۰۰ صفحن تي مشتمل مواد لکيو پيو آهي، جنهن ۾ ميرپورخاص کان علي بندر تائين سفر ڪرڻ دوران، ماڻهن سان ملندي، گڏ ڪيل معلومات سهيڙيل آهي. ان کان علاوه، ۲۰_۲۵ مضمون ترتيب ڏئي، انهن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش آهي. اميد ته جلد ڇپجي اچي ويندو. ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، پيغام، سچ ڊائجيسٽ، ملتان مان اردو ۾ نڪرندڙ رسالي بلوچي دنيا، ڪوئٽه مان نوڪي دور (يعني جديد دور)، اردو رسالي ماهه نُو، طارق اشرف واري رسالي سهڻي ۾ به مضمون شايع ٿيل آهن. روزاني مهراڻ، ڪاروان، امروز، جنگ، ڪاوش، عبرت ۾ به مضمون ڇپيا آهن. شاعري پڙهڻ جو شوق رهيو، پر ڪرڻ جو شوق نه ٿيو. چند علامتي ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ڇپيون. سفر ججها ڪيا، ۽ ٿر جا ٻه ٽي سفر ناما لکيا، جن مان”واري سندو ڪوٽ“ ۽ ”مُهاڙون ملير ڏي“ يادگار ۽ معلوماتي سفرناما آهن. سنڌ جو ڪاڇو نه گهمي سگهيو آهيان، جنهن جو ارمان اٿم. لاڙڪاڻه ناناڻڪو علائقو آهي. مون کي ٿر جهڙو خوبصورت علائقو ٻيو نظر نه آيو. خانگي اردو ٽي وي چينل پاران ٿر جي قلعي تي پروگرام رڪارڊ ڪندي موقف ورتو ويو. سُر رپ، سُر بروو، ۽ پراڻ تي پڻ سنڌي پرائيويٽ ٽي وي چينل موقف رڪارڊ ڪري هلايا.
فقير سان ميرپورخاص ۾ هڪ ادبي شام به ملهائي وئي هئي، جنهن جي صدارت ان دور جي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي. هن ٻڌايو ته هن پراڻ ادبي سنگت، روح رهاڻ، حر هسٽاريڪل سوسائٽي جي مختلف پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ميلا ملاکڙا به تمام گهڻا گهمي ڏٺا.
فقير بشير پنهنجون ساروڻيون ساريندي ٻڌايو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي ۾ ۳ سال مختيارڪار رهيو، انهن ڏينهن ۾ جتوئي صاحب اڪثر هنن جي ڳوٺ ۾ ايندو هو، روزانو الوحيد اخبار سندن گهر ۾ ايندي هئي، جتوئي صاحب به ان جو مطالعو ڪندو هو ۽ ان ئي عرصي دوران جتوئي صاحب هن ئي ڳوٺ ۾ قائم مدرسي ۾ قرآن ۽ اسلامي تعليم به ورتي. جڏهن ڪامريڊ هتان ويو هليو، ته ڪيترن ئي سالن تائين لاڳيتو، هو ڏوڪري مان هر سال هڪ ٻوري چانورن جي تحفي طور موڪليندو رهيو. هن چيو ته سندن اوطاق تي ڪچهرين جو سلسلو به تاريخي حيثيت رکي ٿو. ننڍيون ننڍيون ڪچهريون ته عام معمول رهنديون پيون اچن، پر ڪڏهن ڪڏهن سئو ٻه سئو ماڻهو به گڏ ٿي ويندا هئا. هتي مچ ڪچهرين جو به انتظام ڪندا هئاسين. جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،. ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عبدالله ورياهه جهڙيون علمي، ادبي شخصيتون به آيون، ڪي ئي ڪچهرين جا مور پهتا. فقير پاڻهي ٻڌايو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو پهريون وائيس چانسيلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري به هتان ٿي ويو آهي. وزيراعظم جي منسب سان محمد خان جوڻيجو به هن ڳوٺ ۾ آيو هو. مير علي احمد خان ٽالپر جڏهن وزير دفاع هو، ته آيو هو. هڪ رات عمران خان به رانديگر جي حيثيت ۾ هتي ٽِڪي (ترسي)، رات رهي ويو آهي.
فقير بشير ٻڌايو ته معمور يوسفاڻي، ولي سروري، لياقت جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر مدد علي لغاري، ڊاڪٽر حميد سنڌي سان سٺا لاڳاپا واسطا رهيا. ڊاڪٽر علي نواز شوق ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا سان اڃا به فون تي رابطو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (بدين)، سومار شيخ سان خوب ڪچهريون رهيون. پروفيسر آفاق صديقي سنڌ تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو، اهو به رابطي ۾ رهيو آهي.
سائنسي ترقي کي خوش آمديد ڪندي، ماڻهن کي سائنس مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش لاءِ صلاح ڏيندي، ٻڌايائين ته جڏهن آمريڪا جو پهريون انسان چنڊ تي پهتو، ان جي خبر بي بي سي ريڊيو تان ٻڌي، هن جڏهن ڳوٺ وارن کي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن کيس ڪافر قرار ڏنو! ان ڪري ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ سرت ۽ سمجهه وڌائي علمي ادبي چاهه پيدا ڪرڻ، سڌاري واڌاري، وغيره جي حوالي سان ڪوششون ڪيون. پوءِ وري ڊگهڙي ۾ سوشل ويلفيئر ۽ حلال احمر، توڙي ٻين مختلف سماجي تنظيمن پاران خاص ليڪچر پروگرام منعقد ٿيندا هئا، جن ۾ وڏي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون شريڪ ٿينديون هيون، سوال جواب ٿيندا هئا. جڏهن ته ريڊيو ۽ ٽي وي تي پڻ ڪچهرين ۾ حصو ورتو، تقريرون ڪيون.
فقير ٻڌايو ته ۱۹۷۲/۷۳ع واري جنگ دوران، ڪير رسڪ نه کڻي، ضلعي انتظاميه به جواب ڏنو، پر هن همٿ نه هاري، ڪم ڪيو، هنڌ بسترا گڏ ڪري، بارڊر تائين پهچائي، متاثرين جي مدد ڪئي. هن ڊگهڙي تعلقي جي ترقي لاءِ ”رورل ڪميونٽي ڊولپمينٽ تنظيم“ جو بنياد رکيو. جنهن جي مدد سان ڪٿي اسڪول ته ڪٿي لائبيريون قائم ڪيون ويون. جڏهن ته سندس ڳوٺ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت رجسٽر ڪرائي ۽ جيڪا اڃا به ڪم ڪري پئي. لائنس ڪلب جي سهڪار سان ڪيترا ئي دفعا اکين جو مفت علاج ۽ آپريشن ڪرائڻ جون مفت ڪيمپون به لڳرايون ويون. جنهن ڪري سندن ۽ آس پاس وارن ڳوٺن سميت ڊگهڙي جا سوين مريض شفاياب ٿيا.
مائٽن جون مهربانيون مڃيندي چيائين ته اسان جي بهتر تربيت ڪئي وئي. فقيري ۽ سادگي ۾ صوفي زندگي گذارجي پئي... توڪل، انڪساري خدمت جو جذبو وڏڙن کان مليو. لغاري ڳوٺ ته گهڻا آهن، پر ٻيا لغاري اسين فقير، فقير پڇبا ته اسان جو ئي ڏس ملندو. هن ٻڌايو ته وٽس آس پاس ئي نه، پري پري کان مختلف برادرين جا توڙي جماعت جا به فيصلا ايندا رهيا آهن، جيڪي خوش اصلوبي سان ٿيندا رهيا آهن ۽ چيو ته پنهنجي ڪردار ۽ زندگي مان مطئمن آهيان. هن ٻڌايو ته فقير غلام علي جو والد يعني ڏاڏو فقير خان محمد ميرن وٽ ڪاردار هو، وٽس مختيارڪار جهڙا اختيار هوندا هئا، تڏهن اسان جو تعلقو ديرو محبت هو، ديرو محبت هاڻ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو شيخ ڀرڪيو ۽ ٽنڊوغلام علي رستي تي اڃا به آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين ته الا ڏاهي مَ ٿيان... عقل جي هڪ حد هوندي آهي، ان کان اڳتي وڌڻ وارو نقصان کائي ٿو، تقدير ۽ تدبير جو مسئلو آهي. تقدير سان ملندڙ فلسفو آهي. ”مون سان مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا“ سادگي ۾ عافيت آهي. سونهن ۽ سچ جو سادگي سان گهرو واسطو آهي. ٻنهي ۾ سادگي آهي، ته اصليت ان ۾ ئي آهي. سادگي بذات خود وڏي سونهن آهي. ۽ سونهن ئي سچ آهي.
هڪ دفعي ڳالهين ڳالهين ۾ چيائين ته ڏکن مان نڪرڻ وڏو مسئلوآهي، اڳي نيڪ نيتي ۽ سخاوت ججهي هئي، هاڻ لالچ وڌيل آهي. ٻين هجرت پئي ڪئي آهي، پر سنڌين هجرت نه ڪئي. سنڌي صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارا آهن. مڇي ماني وارو معني خوشحال آهي، تڏي تونري وارو آهي يعني مهمان نواز آهي، ڏُڌي ڦُٽي وارو يعني کير مکڻ وارو سکيو ستابو آهي. اِها هئي سنڌ، هاڻي اوهان جي اڳيان آهي. ريل ۽ روڊ اچڻ سان ڪي پراڻا ماڳ مڪان ختم ٿي ويا يا وڌي نه سگهيا ۽ نوان ٺهيا، وڌندا ڦهلبا ويا...سهوليت به ملي، ته تاريخ ۽ جاگرافي به بدلي.
ڳوٺاڻي ماحول ۽ عام حالتن تي ڪچهري ڪندي چيائين ته اڳي ڳوٺ جي وڏي جو راڄ، رعيت تي هٿ هوندو هو، هاڻي وڏو لڏي ويو، وڏن وڃي شهر وسايا، هاڻ ڳوٺ نڌڻڪا آهن، انهن جو انتظام ڪار، يعني ڪو به وڏو نه رهيو آهي. منتظم جو ڪم ڪندڙ وڏو، وڏيرو، رئيس، چڱو مڙس وري به هر ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ گهرجي.
فقير جي خاندان ۾ ننڍا وڏا سڀ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا به، ڪي ايم بي اي، ايل ايل بي، ڊاڪٽر، انجنيئر، ته ڪي وڪيل به آهن... هن ٻڌايو ته سندن خاندان جي ڪجهه شاگردن يونيورسٽي سطح تي پوزيشن به کنئي آهي. والد صاحب ته هر هاري جي اولاد کي، پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان وٽ ريل رستي پهچندڙ اخبار واري دور کان اڄ به اخبارون، رسالا، ۽ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان موجود آهي. فرزند ارجمند فقير بابر خان وزير اعليٰ جو صلاحڪار رهيو آهي.
ڪچهري ۾ فقير بشير جو ڀاءُ فقير مشير به ويٺو هو. هلندي ڪچهري ۾ ان ٻڌايو ته ڀاءُ بشير جي حوصلي، همٿ ۽ ڪوشش سان، ڳوٺ لاءِ پڪو رستو، بجلي، واٽر سپلاءِ اسڪيم، گورنمينٽ بوائز پرائمري/ مڊل اسڪول، گورنمينٽ گرلس پرائمري/ مڊل اسڪول، ڳوٺاڻو صحت جو مرڪز (بيسڪ هيلٿ يونٽ)، جانورن جي اسپتال (وٽنري ڊسپينسري)، پوسٽ آفيس، مسافر خانو، مختلف سرڪاري پروگرامس تحت منظور ٿيا. انهن سمورين بلڊنگس وغيره لاءِ ٽوٽل ۳۲ ايڪڙ آباد زرعي زمين مفت عطيئي طور ڏني. انهن سڀني سهوليتن مان نه رڳو هنن جو ڳوٺ، پر آس پاس جا رهواسي به فيض حاصل ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اڃا به فقير بشير ٿوري ٿوري وقفي سان جائزو وٺندو رهندو آهي. هتي مقرر ملازمن جا مسئلا به ٻڌندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪوشش ڪندو آهي. هتي مقرر عملي جي هر فرد سان هر قسم جو واجب سهڪار ڪيو وڃي ٿو. هارين سان فقير بشير ڪچهري ڪندي چوندو آهي ته مون کي هاري جو پٽ هاري نه گهرجي. سندس هاري، جيڪي مينگهواڙ آهن، انهن کي ذاتي زمين ۾ ڳوٺ ۽ اسڪول قائم ڪرائي ڏنو آهي. روز حاضري جي پڇا ڳاڇا ڪندو آهي. نتيجي طور هتي جا ۸ مينگهواڙ ماسڪو تربيت حاصل ڪرڻ ويل آهن.
ڳالهيون آهن ڳچ، ڪهڙيون ڪري ڪهڙيون ڪجن...

(عوامي آواز سنڊي ميگزين، ۰۱ مارچ ۲۰۱۵ع)



فقير بشير احمد لغاري
سندس وڇوڙو
مٺل جسڪاڻي
”پورب منھنجو پنڌ“ فقير بشير احمد لغاري جي مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب آھي، جنھن جو ليکڪ ۽ ان جي پڙھندڙن کي سالن کان، شدت سان انتظار آھي. ان انتظار سميت بيشمار آسون، اميدون، ارادا، منصوبا ساڻ کڻي، فقير بشير احمد لغاري سندس لاتعداد گھڻگھرن کان موڪلائڻ بنا اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع جي شام جو ھن فاني جھان مان روانو ٿيو، ٻئي ڏينھن اربع تي ۱۱ لڳي ۳۰ منٽن تي صبح جو سوين آلين اکين سان جنازي نماز جي ادائگي کان پوءِ، سندس ئي اباڻي ڳوٺ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿيو.
فقير بشير جي آخري سفر ۾ شرڪت دوران مون کي ساڻس ٿيل ملاقاتون، انھن ملاقاتن ۾ ٿيل ڳالھيون، انھن ڳالھين دوران وٽس قطارن ۾ اچ وڃ ڪندڙ گھڻگھرا ياد ايندا رھيا ۽ ھن موقعي تي گڏ ٿيندڙن جو، ھڪ ٻئي سان فقير جو ذڪر، ڪنن تائين پھچندو رھيو. فقير بشير لغاري، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ناچاڪائي سبب ڪيڏانھن نه نڪرندو ھو، ان جي وڇوڙي جو ٻڌي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پھتل سوڳوار سنگت جو وڏو تعداد فقير جي علم ۽ عمل جي گواھي ڏئي رھيو ھو. فقير بشير لغاري لکيل پڙھيل، ترقي پسند، تعميري سوچ رکندڙ، تاريخ جو ڄاڻو، ھڪ اھڙي سماجي شخصيت جو مالڪ ھو، جنھن جو ھو پاڻ ئي مثال ھو. فقير بشير احمد لغاري ولد فقير حاجي عبدالله لغاري ۰۴ فيبروري ۱۹۴۵ع تي جنم ورتو. سندن ڳوٺ ۾ ۱۹۳۶ع کان اسڪول قائم ٿيو، جنهن ۾ فقير بشير پرائمري تعليم حاصل ڪئي. پرائمري پاس ڪري ٽائون ڪاميٽي هاءِ اسڪول ڊگهڙي ۾ ميٽرڪ ڪيائين.  ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد ۾ پهرين انٽر آرٽ ڪئي، پوءِ بي اي آنرس ۱۹۷۰ع ۾ ڪئي. ۱۹۷۲ - ۱۹۷۱ع دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي انٽرنيشنل رليشنس (بين الاقوامي تعلقات) لاءِ داخلا ورتي. ۱۹۷۵ - ۱۹۷۴ع ۾ ايم اي ڪئي. ايم اي دوران توڙي ڪاليج ۾، ڪڏهن ڪڏهن تقريري مقابلا ٿيندا هئا ته هو اُنهن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو هو. فقير بشير احمد لغاري کان ڊگهڙي ۾ ڳچ عرصي تائين ليڪچر ڏياريا ويا. ”ضلعي ٿرپاڪر جون بلوچ قومون“ سندس پهريون تحقيقي مقالو آهي، جيڪو هن سندس ايم اي سينئر طور جمع ڪرايو هو.
سندس ڳوٺ ۾ ”فقير بشير احمد لائبرري“ آهي، جنهن جو باقائده افتتاح ڇٽ ڌڻي پير سائين پاڳارو سيد سڪندر شاهه، شاهه مردان، شاهه ثاني ۱۹۶۰ع ۾ ڪيو هو. هن لائبرري ۾ ڪجهه قلمي نسخا، فارسي جا ناياب ڪتاب، ابوالحسن سنڌي جا ڪجهه ڪتاب، انسائڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ذري گهٽ اڻ لڀ مڪمل ايڊيشن به پيل هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايشين فائونڊيشن، ڪائونسليٽ جنرل برطانيه، ڪراچي ۾، سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽر ٻُٽ صاحب به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها انسائڪلوپيڊيا هاڻي مڪمل نه سهي، پر اڃا تائين هن لائبرري ۾ ۴۴ جلد موجود آهن، صرف هڪ جلد وڃائجي ويو آهي. جيڪو لڳي ٿو ڪو کڻي ويو، پر واپس نه ڪيائين. فقير بشير احمد لغاري جي ڪھڙي ڪھڙي ڳالھه لکجي؟ بشير جي حوصلي، همٿ ۽ ڪوشش سان، ڳوٺ لاءِ پڪو رستو، بجلي، واٽر سپلاءِ، گورنمينٽ بوائز پرائمري/ مڊل اسڪول، گورنمينٽ گرلس پرائمري/ مڊل اسڪول، ڳوٺاڻو صحت جو مرڪز (بيسڪ هيلٿ يونٽ)، جانورن جي اسپتال (وٽرنري ڊسپينسري)، پوسٽ آفيس، مسافر خانو، مختلف سرڪاري پروگرامس تحت منظور ٿيا. انهن سمورين بلڊنگس وغيره لاءِ ٽوٽل ۳۲ ايڪڙ آباد زرعي زمين مفت عطيي طور ڏني. انهن سڀني سهوليتن مان نه رڳو هنن جو ڳوٺ، پر آس پاس جا رهواسي به فيض حاصل ڪري رهيا آهن. سندس هاري، جيڪي مينگهواڙ آهن، انهن کي ذاتي زمين ۾ ڳوٺ ۽ اسڪول قائم ڪرائي ڏنو آهي. اتي جا ۸ مينگهواڙ ماسڪو تربيت حاصل ڪرڻ ويا. فقير بشير احمد لغاري جي ڪردار مان سکجي.




فقير بشير احمد لغاري جو لاڏاڻو
مٺل جسڪاڻي
پورب منھنجو پنڌ‘، فقير بشير احمد لغاري جي مضمونن ۽ ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب آھي، جنھن جو ان جي پڙھندڙن کي سالن کان، شدت سان انتظار آھي. ان انتظار سميت بيشمار آسون، اميدون، ارادا، منصوبا ساڻ کڻي، فقير بشير احمد لغاري اڱارو ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع جي شام جو ھن فاني جھان مان روانو ٿيو، ٻئي ڏينھن اربع تي ۱۱.۳۰ وڳي صبح جو سوين آلين اکين سان جنازي نماز جي ادائگي کان پوءِ، پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿيو.
فقير بشير جي آخري سفر ۾ شرڪت دوران مون کي ساڻس ٿيل ملاقاتون، انھن ملاقاتن ۾ ٿيل ڳالھيون، انھن ڳالھين دوران وٽس قطارن ۾ اچ وڃ ڪندڙ گھڻگھرا ياد ايندا رھيا ۽ ھن موقعي تي گڏ ٿيندڙن جو، ھڪ ٻئي سان فقير جو ذڪر، ڪنن تائين پھچندو رھيو.
فقير بشير لغاري، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ناچاڪائي سبب ڪيڏانھن نه نڪرندو ھو، ان جي وڇوڙي جو ٻڌي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پھتل سوڳوار سنگت جو وڏو تعداد فقير جي علم ۽ عمل جي گواھي ڏئي رھيو ھو.
فقير بشير لغاري لکيل پڙھيل، ترقي پسند، تعميري سوچ رکندڙ، تاريخ جو ڄاڻو، ھڪ اھڙي سماجي شخصيت جو مالڪ ھو، جنھن جو ھو پاڻ ئي مثال ھو.
فقير بشير احمد لغاري ولد فقير حاجي عبدالله لغاري ۰۴ فيبروري ۱۹۴۵ع تي جنم ورتو. سندن ڳوٺ ۾ ۱۹۳۶ع کان اسڪول قائم هيو، جنهن ۾ فقير بشير پرائمري تعليم حاصل ڪئي. پرائمري پاس ڪري ٽائون ڪاميٽي هاءِ اسڪول ڊگهڙي ۾ ميٽرڪ ڪيائين.  ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد ۾ پهرين انٽر آرٽ ڪئي، پوءِ بي.اي آنرس ۱۹۷۰ع ۾ ڪئي. ۱۹۷۲۱۹۷۱ع دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم. اي. انٽرنيشنل رليشنس (بين الاقوامي تعلقات) لاءِ داخلا ورتي.  ۱۹۷۵۱۹۷۴ع ۾ ايم اي ڪئي. ايم اي دوران توڙي ڪاليج ۾، ڪڏهن ڪڏهن تقريري مقابلا ٿيندا هئا، ته انهن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. فقير بشير احمد لغاري کان ڊگهڙي ۾ ڳچ عرصي تائين ليڪچر ڏياريا ويا. ”ضلعي ٿرپاڪر جون بلوچ قومون“ سندس پهريون تحقيقي مقالو آهي، جيڪو هن پنهنجي ايم اي سينئر طور جمع ڪرايو هو.
سندس ڳوٺ ۾ ”فقير بشير احمد لائبرري“ آهي، جنهن جو باقائدا افتتاح ڇٽ ڌڻي پير سائين پاڳاري سيد سڪندر شاهه، شاهه مردان، شاهه ثاني ۱۹۶۰ع ۾ ڪيو هو. هن لائبرري ۾ ڪجهه قلمي نسخا، فارسي جا ناياب ڪتاب، ابوالحسن سنڌي جا ڪجهه ڪتاب، انسائڪلوپيڊيا برٽينڪا جو ذري گهٽ اڻ لڀ مڪمل ايڊيشن به پيل هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايشين فائونڊيشن، ڪائونسليٽ جنرل برطانيه، ڪراچي لاءِسنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽر ٻُٽ صاحب به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها انسائڪلوپيڊيا هاڻي مڪمل نه سهي، پر اڃا تائين هن لائبرري ۾ ۴۴ جلدن موجود آهن، صرف هڪ جلد وڃائجي ويو آهي. جيڪو لڳي ٿو ڪو کڻي ويو، پر واپس نه ڪيائين.
ميرپورخاص ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هن ”ٿرپارڪر جو تعارف“ مقالو پڙهيو، جيڪو ”اُٺا مينهن ملير“ ڪتاب ۾ شروعاتي مضمون طور شايع ٿيو. ٿر ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪنري مان پاڻي جي پائپ لائين وڇائڻ واري افتتاحي تقريب ۾ به فقير مقالو پڙهيو. ٿر ۾ ”مارئي سيمينار“ دوران عمر مارئي تي مقالو پڙهيو. هي سيمينار مٺي ۾ ٽي ڏينهن جاري رهيو هو. گرهوڙ شريف جي عرس جي موقعي تي ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل علمي ۽ ادبي تقريب دوران ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صدارت ۾ ٿيل سيمينار ۾ پڻ مقالو پڙهيو.
هونئن ته هن وقت تائين سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيا آهن، پر حضرت وارث شاهه جو پنجابي ۾ ڇپيل شعري مجموعو به سرائڪي ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن لاءِ مختلف ادارن ۽ شخصيتن شايع ڪرائڻ جي ڳالهه به ڪئي، پر اڃا شايع نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته ”پراڻ“ تي ۵۰۰_۶۰۰ صفحن تي مشتمل مواد لکيو پيو آهي، جنهن ۾ ميرپورخاص کان علي بندر تائين سفر ڪرڻ دوران، ماڻهن سان ملندي، گڏ ڪيل معلومات سهيڙيل آهي. ان کان علاوه، ۲۰_۲۵ مضمون ترتيب ڏئي، انهن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اميد ته جلد ڇپجي اچي ويندو. ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، پيغام، سچ ڊائجيسٽ، ملتان مان اردو ۾ نڪرندڙ رسالي بلوچي دنيا، ڪوئٽه مان نوڪي دور (يعني جديد دور)، اردو رسالي ماهه نُو، طارق اشرف واري رسالي سهڻي ۾ به مضمون شايع ٿيل آهن. لڳ ڀڳ سڀني سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ مضمون ڇپيا آهن. چند علامتي ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ڇپيون. سفر ججها ڪيا، ۽ ٿر جا ٻه ٽي سفر ناما لکيا، جن مان”واري سندو ڪوٽ“ ۽ ”مُهاڙون ملير ڏي“ يادگار ۽ معلوماتي سفرناما آهن. خانگي اردو ٽي وي چينل پاران ٿر جي قلعي تي پروگرام رڪارڊ ڪندي سندس موقف ورتو ويو. سُر رپ، سُر بروو، ۽ پراڻ تي پڻ سنڌي پرائيويٽ ٽي وي چينل سندس موقف رڪارڊ ڪري هلايا.
فقير بشير احمد لغاري جي ڪھڙي ڪھڙي ڳالھه لکجي؟  بشير جي حوصلي، همٿ ۽ ڪوشش سان، ڳوٺ لاءِ پڪو رستو، بجلي، واٽر سپلاءِ، گورنمينٽ بوائز پرائمري / مڊل اسڪول، گورنمينٽ گرلس پرائمري/ مڊل اسڪول، ڳوٺاڻو صحت جو مرڪز (بيسڪ هيلٿ يونٽ)، جانورن جي اسپتال (وٽرنري ڊسپينسري)، پوسٽ آفيس، مسافر خانو، مختلف سرڪاري پروگرامس تحت منظور ٿيا. انهن سمورين بلڊنگس وغيره لاءِ ٽوٽل ۳۲ ايڪڙ آباد زرعي زمين مفت عطئي طور ڏني. انهن سڀني سهوليتن مان نه رڳو هنن جو ڳوٺ، پر آس پاس جا رهواسي به فيض حاصل ڪري رهيا آهن. سندس هاري، جيڪي مينگهواڙ آهن، انهن کي ذاتي زمين ۾ ڳوٺ ۽ اسڪول قائم ڪرائي ڏنو آهي. اتي جا ۸ مينگهواڙ ماسڪو تربيت حاصل ڪرڻ ويا
فقير بشير احمد لغاري جي ڪردار مان سکجي. سندس وڇوڙي تي ڏکويل سان ڏک جي اظھار ۾ لکيل ھي ٻه اکر قبول پون. ”پورب منھنجو پنڌ“ ڪتاب جو انتظار رھندو.


No comments:

راءِ ڏيندا