فقير بشير احمد لغاري
پروفائيل انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
اوهان ڪو
ٻڌو، پڙهيو يا نه، پر مون ٻڌو منهنجي سنگت جي واتان، ته ضلعي ميرپورخاص جي شهر ڊگهڙي
کان اوڀر طرف، ۶ ڪلوميٽر
فاصلي تي ڳوٺ فقير غلام علي لغاري عرف دونهائو، ديهه ۱۷۶ ۾ فقير بشير احمد لغاري نالي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي شخصيت آهي. ڄاڻ
جي کاڻ هجڻ سبب هن کان ڊگهڙي ۾ ڳچ عرصي تائين ليڪچر ڏياريا ويا. سندس ڳوٺ ۾ سالن
کان قائم لائبرري، آس پاس توڙي پري وارن لاءِ به مفت سهوليت فراهم ڪري پئي ۽ هر
آچر تي ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان ساڻس ڪچهري لاءِ پيو ايندو آهي. جنهن سنگت مون سان اهڙيون
خبرون ڪيون، ان ئي سنگت سان گڏجي، منهنجو به وٽس وڃڻ ٿيو، ته وقفي وقفي سان ڪچهرين
جو سلسلو جاري ٿي پيو. ساڻس ٿيل مختلف موقعن تي ڪچهرين دوران وڌيڪ معلومات ملي ته
سوچيم، ڇو نه پڙهندڙن سان به فقير بشير احمد لغاري جو تعارف ۽ سندس ويچار ونڊجن؟!
