; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار مجيداڻو - محمد مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

ذوالفقار مجيداڻو - محمد مٺل جسڪاڻي

ذوالفقار مجيداڻو
اديب ۽ شاعر
محمد مٺل جسڪاڻي
مون سان هو پهريون دفعو منهنجي آفيس ۾ ڊاڪٽر اسلام الدين مجيداڻو جو ڀائٽيو ۽ ابرار احمد مجيداڻو جو ڀاءُ ڄاڻائي مليو هو. پهرين ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته سندس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ٿي آهي. ۽ پوءِ ٿوري ٿوري وقفي سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون. ڪڏهن ابرار پاران موڪليل ماهوار ”سنڌ زراعت“ رسالي جي ڪاپي ڏيندي، يا ڪڏهن رسالي لاءِ مون کان مضمون کڻي ويندي، يا وري ڪڏهن ڊاڪٽر مجيداڻو جو ڪو نئون ڇپجي آيل زرعي ڪتاب، ڪتابچو پهچائيندي، ملندو هو ته ڪڏهن ويهندو ۽ ڪچهريون به ڪندو هو، ته ڪڏهن وري ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو، جلدي ايندو ۽ جلدي ئي هليو ويندو هو.


ڏسندي ڏسندي ڏينهن پٺيان سال به خبر نه آهي ڪيئن گذري ويا! هن پلانٽ بريڊنگ اينڊ جنيٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پهرين بي ايس سي ۽ پوءِ ايم ايس سي تمام سٺي تعليمي ڪارڪردگي سان حاصل ڪئي هئي، جنهن ڪري کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران مڃتا ۾ گولڊ ميڊل به مليو هو.
ذوالفقار علي مجيداڻو، جنهن ٽنڊو الهه يار لڳ، مهراڻ شگر ملز جي ڀر ۾ آباد پراڻي ڳوٺ الهه بخش ارباب ۾ هڪ غريب جي گهر ۾ اک کولي، ان تازو ۳ سيپٽمبر ۲۰۱۴ع تي اهڙي نموني اک پوري ڇڏي، جيڪا هاڻ ڪڏهن به نه پٽبي!؟
ذوالفقار مجيداڻو، جوانيءَ واري وهيءَ ۾ نوجوان جيون ساٿي، ٻه پٽڙا ۽ هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏي، سندس آخري ديدار مهل سوين اکيون آليون ڪري هليو ويو! هن کي ڪاري ڪامڻ (هيپاٽائٽس) ٿي پئي هئي! پهرين بيماري جي سڃاڻپ ۾ دير ٿي، پوءِ گهربل علاج نه ٿي سگهيو!؟ هڪ هوشيار ۽ محنتي نوجوان زرعي ماهر هڪ اندازي مطابق ٻن سالن کان موت سان جهيڙيندو رهيو!؟
ذوالفقار مجيداڻو هوشيار ۽ محنتي نوجوان زرعي ماهر ته هو، پر تعليم مڪمل ڪرڻ سڀ ڪجهه نه هوندو آهي. هن روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو، پر مختلف ادارن ۾ سالن کان خالي پيل سيٽون خالي رهنديون آيون، ڪٿي يا ته چٽاڀيٽي وارا امتحان نه پئي ٿيا، ته ڪٿي وري ذوالفقار مقرري لاءِ گهربل معيار تي پورو نه پئي لٿو!؟ جڏهن ته هو گولڊ ميڊلسٽ يعني امتيازي مارڪن سان پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ٻهراڙي جي نسبت، ننڍي هوندي کان زراعت کي گهڻو ويجهو به هو!؟
شروع ۾ تعليم مڪمل ڪري، روزگار ڳوليندي، سندس ڳوٺ جي ويجهي واري زميندار مرحوم انور بچاڻي وٽ، پوءِ ڪنهن ٻئي ۽ اهڙي طرح مختلف زميندارن کان ٿيندو، خانگي زرعي زهر، ٻج، ڀاڻ وڪڻندڙ ڪمپنين کان ٿيندو، وفاقي حڪومت ۾ ميرٽ جي بنياد تي سٺو روزگار به حاصل ڪيائين، پر عارضي... اوچتو حڪومتن جي مٽ سٽ ۽ وزارتن جي ٺهڻ ڦٽڻ جي ڪري... عجيب ۽ غريب قسم جي ڇرڪائيندڙ رام ڪهاڻي آهي، جيڪا ذوالفقار جا عزيز ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ ساٿي سٺي چٽائي سان بيان ڪري سگهن ٿا...
سال ۲۰۱۲ع ۾ ڪجهه مهينا ڪم ڪيائين پر پگهار نه مليو!؟ ان دوران گرمي جي مند ۾، اسلام آباد رهندي، کيس سائي جي بيماري ٿي پئي!؟ بنا پگهار اسلام آباد ۾ پيٽ پاري يا علاج ڪرائي؟! اهڙي ڪشمڪش واري ماحول مان ٿڪجي، واپس ڳوٺ پهتو، اتان ڪنهن سٺي معالج جي ڳولا ڪندي، کيس خبر پئي ته پاڙيسري ملڪ وڃي جگر ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو!؟...
ذوالفقار صرف زرعي ماهر نه هو، خبر پئي ته سٺو شاعر ۽ بهترين نثر نويس به هو. سندس بيماري ۽ لاچاري جو ٻڌي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو الهه يار جي پليٽ فارم تان، مختلف اديبن ۽ شاعرن، خاص ڪري مسڪين سمون تمام گهڻي ڪوشش به ڪئي، پر...
شادي شده، اولادي، بيروزگاري، مهانگائي، بيماري...... هوشيار ۽ محنتي نوجوان زرعي ماهر، شاعر، اديب ذوالفقار مجيداڻو وڇڙي ويو، وهيءَ کان اڳي وڇڙي ويو، پنهنجي جيون ساٿي ۽ معصوم ٻارڙن کي، هن بي حس، بي رحم سماج ۾ ڇڏي هليو ويو...


(سندر، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو، ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۱۴ع)


No comments:

راءِ ڏيندا