; سنڌي شخصيتون: پروفيسر حزب الله ميمڻ - امتياز چانڊيو

01 August, 2017

پروفيسر حزب الله ميمڻ - امتياز چانڊيو

پروفيسر حزب الله ميمڻ
عظيم انسان ۽ شهيد
امتياز چانڊيو
هونئن ته سنڌ جي تاريخ پنهنجي ڳڀرو جوانن جي شهادتن سان ڀريل آهي، پر ڪنهن ڪنهن انسان جي شهادت اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا ڌرتي ۽ ان جي سڄڻن کي وڏو ڌچڪو پهچائيندي آهي. ون يونٽ، ايم آر ڊي يا قومي تحريڪ هجي هر دور ۾ سنڌ جي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن تحريڪن ۾ سنڌ جي سڄڻن جو رت وهيو آهي ۽ ڌرتي تي رت سان رنڱيل ريٽا لاش اڇلايا ويا آهن، شهادتن واري لسٽ ۾ ڌرتي جي هڪ اهڙي سڄڻ ۱۹۹۰ع وارن لساني فسادن ۾ شهادت ماڻيندڙ نفسيات جي ماهر پروفيسر شهيد حزب الله کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجندي جُون ۲۰۱۶ع ۾ ۲۶ سال گذري چڪا آهن پر اڄ به هن جون يادگيريون، هن جو چهرو، سندس ڳالهائڻ جو انداز، سندس ڪم، هن جو اٿڻ ويهڻ هر شيءَ اکين آڏو ائين ٿي ڦري جهڙي ڪالهوڪي ڳالهه هجي.


سندس دوستن جي حلقي ۾ هن جي ڪمي ائين محسوس ڪئي ٿي وڃي، جيئن اڄ کان ۲۶سال پهرين ڪئي ويندي هئي. اڄ به جڏهن پير مظهر الحق (پ پ اڳواڻ)، اقبال ميمڻ، يوسف ميمڻ پاڻ ۾ گڏجي ويهندا آهن ته سندن ڪچهري ۾ پروفيسر حزب الله ميمڻ جو ذڪر اچڻ ضروري هوندو آهي. اڄ به سندس دوست هن جي ٻارڙن جي خير خيريت ضرور پڇندا رهندا آهن. ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، ممتاز مرزا، حسام الدين شاهه راشدي جو رويو ساڻس تمام گهڻو پيار ڀريو هوندو هو. ظفر ڪاظمي سان سندس تمام سٺيون ڪچهريون ٿينديون هيون. محترمه خيرالنساءَ جعفري سان سندس ساٿ صرف هڪ پروفيشنل ساٿي جو نه هو پر هو هڪٻئي جي ڏک ۽ سک جا ساٿي به رهيا. اڄ به اها دهشتگردي ياد آهي ۽ ساڳئي دهشتگردي پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي پئي اچي، رڳو ان دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون تبديل ٿينديون ٿيون اچن. دهشتگردي جو اهو هڪ تاريخي تسلسل آهي، جيڪو وڏي عرصي کان هلندو پيو اچي. ۱۹۶۷ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٽوڙيو ويو، تڏهن ون يونٽ جي مخالف قوتن متحد ٿي حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو، جڏهن اهو جلوس سٽي ڪاليج حيدرآباد جي سامهون پئي گذريو ته ان مٿان وطن جي ويرين حملو ڪيو ۽ پوءِ ته ڌرتي ڌڻين جي ملڪيتن تي به حملا شروع ٿي ويا ۽ حيدرآباد جي اهم جاين کي نشانو بنايو ويو. ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن سنڌي ٻولي جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو ته ان بل کي بهانو بنائي ساڳئي ڪارروائي دهرائي وئي. ان وقت خاص طور تي انهن علائقن تي حملا ڪيا ويا، جتي ڌرتي ڌڻي پنهنجن خاندانن سميت صدين کان آباد هئا،  ۱۹۷۷ ۾ تحريڪ نظام مصطفيٰ جي آڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي وئي، جنهن دوران به ساڳئي عمل جو ورجاءُ ڪيو ويو. ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۰ تائين ته جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي. انهن ڏينهن ۾ نيٺ وطن جي سڄڻن جا ويري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا. دهشتگردن بندوق جي زور تي سنڌين کان پنهنجا گهر خالي ڪرائي قاسم آباد ۽ سحرش نگر ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو. اهي دهشتگرد نه صرف ان وقت ماڻهن کي ماري رهيا هئا، پر اهي اڄ به پنهنجن ڪهري ڪاررواين ۾ مشغول آهن. ۱۲ مئي ۽ ۱۹ اپريل تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مهرباني سان ان کي وائکو ڪيو ويو، پر دهشتگرد ساڳئي طرح سان اڄ به مضبوط آهن، انهن جو ڪير به نالو وٺڻ وارو ناهي ۽ هو اوترا يا ان کان به وڌيڪ بيباڪ انداز ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيو پيا اچن.
 ۲۰ مئي ۱۹۹۰ع تي دهشتگردن حيدرآباد جي قديم قلعي کان وٺي مارڪيٽ ٽاور تائين ان سڄي علائقي تي قابض ٿي، ان کي سنڌين لاءِ نوگوايريا بنائي ڇڏيو. ايتري حد تائين جو اتي فورسز جي داخلا به ناممڪن بنائي وئي. جن ماڻهن کي ان علائقي ۾ دهشتگرديءَ جو نشانو بنايو ويو، انهن جا لاش ته ٽن ڏينهن تائين وارثن کي نه مليا ۽ اهي اتي ئي پيا رهيا، جتي سندن زندگيون کسيون ويون هيون. سمورا ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار بڻيل هئا، ڪنهن ۾ ڪا همٿ ئي نه هئي جو پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم تي ڪا دانهن ڪري سگهي. (ذلفي ٻگهيو ۽ حفيظ پاٽولي) انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن جسٽس غلام رباني جي گهر  (جمن شاهه جو پڙ) تي هڪ منظم حملو ڪيو ويو ته اتان سندن نڪرڻ به محال ٿي ويو. اها صورتحال ڏسي جڏهن حڪومت (اسٽيٽ جي رٽ) کي چئلينج ڪندڙن سان مهاڏو اٽڪايو ويو ته دهشتگردن، پوليس فورس کي ڌاڙيل ڄاڻائي، مسجدن مان لائوڊ اسپيڪرن تان اعلان ڪرائي مقابلي لاءِ ماڻهن کي اڀاريو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس سان شديد مزاحمت ڪئي وئي، جڏهن ته فورسز دهشتگردن جي ٺڪائڻ تائين پهچڻ واري هئي ته لڪل هٿن جي اشاري تي بنا سبب ڄاڻائيندي (جنهن کي قلعه آپريشن جو نالو ڏنو ويو) پوليس فورسز کي پوئتي هٽايو ويو. پوءِ ته دهشتگردن جي ٻيگهي مچي وئي ۽ علائقي ۾ ڪنهن به سنڌيءَ جو گهر، ملڪيت ۽ ڪاروبار کي محفوظ نه ڇڏيو ويو. ان ظالماڻي ڪارروائي دوران پروفيسر حزب الله ميمڻ جي گهر ۾ قائم ڪيل سندس سڄي زندگيءَ ۾ گڏ ڪيل اڻلڀ ۽ قديم ڪتابن جي لائبريري، سون ۽ چاندي جا سڪا ۽ ميرن جي زماني جي نوادرات کي لٽيو ۽ تباهه ڪيو ويو. انهن ئي دهشتگردن جُون ۱۹۹۰ع ۾ پروفيسر حزب الله ميمڻ جي رت سان هٿ رنڱيا هئا. پروفيسر حزب الله ميمڻ کي دهشتگردن سندس ڊفينس واري گهر سامهون گوليون هڻي کانئس سنڌ جي سرمايي مثل زندگي کسي ورتي.

حزب الله ميمڻ اهو انسان هو، جيڪو يونيورسٽي ۾ نفسيات جو هڪ قابل ۽ هر دلعزيز استاد، دوستن جو دوست، سڄي ڊپارٽمينٽ ۾ سندس هاڪ هوندي هئي. هو نه صرف پنهنجي استاد برادريءَ ۾ مقبول هو، پر ان سان گڏوگڏ شاگردن جو به هر مرحلي تي ساٿ ڏيندو هو. جڏهن به سندس آفيس جي اڳيان لنگهڻ ٿيندو هو ته کيس شاگردن جي جهمٽ ۾ گهيريل ڏسبو هو. هو شاگردن سان هر مسئلي تي ڊسڪس ڪندو هو، پوءِ چاهي اهو تعليم متعلق هجي يا ڪو گهرو معاملو هجي. هو شاگردن جو استاد به هو ته مائٽ ۽ هڏڏوکي به ۽ دوست به. حزب الله ميمڻ جي وڇوڙي سان ايشيا ۾ هڪ ماهرِ نفسيات جو خال پيدا ٿي ويو، جنهن کي ڪڏهن به ڀري نٿو سگهجي. حزب الله ميمڻ جا قاتل اڄ به موجود آهن، پر حزب الله جي رت سان انصاف ناهي ٿيو. هيءَ ڌرتي ۽ هن جا ڌڻي اڄ به حزب الله ميمڻ جي رت سان انصاف ٿيڻ جي آس لڳايو ويٺا آهن. هاڻي حڪومتي ادارن جو فرض آهي ته اهي حزب الله ميمڻ جي رت سان انصاف ڪرائي، سندس قاتل کي وائکو ڪري سرعام سزا ڏين.


پروفيسر حزب الله ميمڻ
عتيق ملاح
دهشتگردن جون ۱۹۹۰ع ۾ پروفيسر حزب الله ميمڻ جي رت سان هٿ رنڱيا هئا، حزب الله ميمڻ اهو انسان هو جيڪو ايشيا جو واحد سنڌي نفسيات جو ماهر، يونيورسٽي جو هڪ قابل ۽ هر دلعزيز استاد، دوستن جو دوست سڄي ڊپارٽمينٽ ۾ سندس هاڪ هوندي هئي، هو نه صرف پنهنجي استاد برادريءَ ۾ مقبول هو، پر ان سان گڏوگڏ شاگردن جو به هر مرحلي تي ساٿ ڏيندو هو، جڏهن به ڪنهن جو سندس آفيس جي اڳيان لنگهڻ ٿيندو هو ته کين شاگردن جي جھرمٽ ۾ گهريل ڏسبو هو،
هو شاگردن سان هر مسئلي تي ڊسڪس ڪندو هو پوءِ چاهي تعليم جي متعلق هجي يا ڪو گهرو معاملو هجي، هو شاگردن جو استاد به هو ته مائٽ ۽ هڏ ڏوکي به هو ته دوست به هو، ڪنهن کي به ساڻس ڳالهائيندي هٻڪ محسوس نه ٿيندي هئي، سندس شخصيت ئي نرالي هوندي هئي، هر وقت مسڪرائيندڙ چهرو، خوشبوئن جو دلدار، پريان کان ئي هڪ مخصوص خوشبو سندس اچڻ جو اطلاع ڏيندي هئي، آءُ به سندس شخصيت جو ديوانو هوندو هيس.
حزب الله ميمڻ سائيڪالاجي جو پروفيسر، دست شناس، ماهر فلڪيات، علم الاعداد جو ڄاڻو ماهر قانوندان ۽ نوادرات جو شوقين. نه رڳو شوقين هو پر هو ان کي سانڍڻ جو ڏانءُ به ڄاڻيندو هو، وٽس طرح طرح جون ناياب شيون هونديون هيون، جن ۾ ڪتابن کان علاوه سڪا، مختلف پٿرن جا قسم، چانديءَ ۽ پتل جا اڻلڀ ٿانون ۽ ميرن جي زماني جا رائل فيملي جا لباس پڻ شامل هئا، پر خود سائين حزب الله کي به ڏسبو ته هر لحاظ کان منفرد نظر ايندو هو، هميشه سندس ٻنهي هٿن جون آڱريون مختلف قسمن  جي هيرن سان جڙيل منڊين سان ڀريل هونديون هيون، کيس ادب سان به بيحد لڳاءُ هوندو هو، لطيف سان گڏ حافظ ۽ روميءَ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندڙ هي شخص نه رڳو سنڌي ادب تائين محدود هو، پر اقبال، غالب ۽ رومي به سندس پسنديده شاعر هئا،
انگريزيءَ ۾ ورڊس ورٿ جي شاعري پڙهڻ سان کيس سڪون ملندو هو، ادب جي مطالعي کان علاوه کيس موسيقيءَ سان به بيحد لڳاءُ هو، جنهن ۾ سندس پسند نرالي هئي، چندر، جيوڻي ٻائي ۽ موهن ڀڳت سان گڏوگڏ جديد موسيقي کان به اڻ واقف نه هو، مطالعي جي شوق رکڻ کان  علاوه پاڻ لکڻ به ڄاڻيندو هو، پاڻ شاعري به ڪندو هو، ٻين گهڻن ئي موضوعن تي مقالا ۽ مضمون به لکيائين، اجرڪ تي پوري طرح سان ريسرچ ڪري پوري ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو هئائين، پر ڪن سببن جي ڪري اهي شيون ڇپجڻ کان رهجي ويون.
انسان دشمنن ته اسان سان جيڪا ڪربلا ڪئي، ان جو ڪاٿو لڳائڻ ڪم از ڪم اسان لاءِ ته ناممڪن آهي، ڇا اسان جو حزب الله اسان کي موٽي ملندو، ڇا اها ڏاهپ اسان کي واپس ملندي، جنهن کي ڊاڪٽر مهڪري Intellectual Razar سڏيو هو، پر جڏهن قدرت جو ڏمر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڳتيل آبادين تي ڪڙڪڻ لڳو ته سياست متعلق شهيد جا تويل تڪيل رايا ٻڌي گهڻن ئي کي مارڪس جي اها چوڻي ياد اچي ويندي هئي ته فلاسافرن جو ڪم دنيا کي سمجهڻ نه پر بدلائڻ آهي.
پر حزب الله سنڌ کي بدلائي نه سگهيو، کيس موقعو ئي نه ڏنو ويو، ها باقي سندس سيرت ۽ ڏاهپ سان ٽمٽار دل مان وهيل رت جي ڦڙن، دهشتگردن جي يقيني انت جي پيشن گوئي ۷ جون ۱۹۹۰ع تي ڪري ڇڏي هئي، جيڪا اڻٽر آهي.





No comments:

راءِ ڏيندا