آغا ثناءُ الله خان
هڪ سياح جي جيون ۾ جهاتي
نسيم بخاري
ويجهي
ماضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي حوالي سان جنهن ماڻهو تيزيءَ سان مڃتا ماڻي
آهي، اهو آغا ثناءُ الله خان آهي جنهن جا هڪٻئي پٺيان لاڳيتو چار سفرناما آيا آهن.
هن هندوستان ۽ نيپال جا سفرناما لکيا آهن. سندس آمريڪا جي حوالي سان ٻه سفر ناما
”اچو ته آمريڪا گهمون“ ۽ ”چوٿون چڪر آمريڪا جو“
مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن سندس پنجون سفر نامو پڻ آمريڪا بابت آهي جيڪو ڇپائي
جي مرحلن ۾ آهي. پاڻ سعودي عرب دبئي ۽ ٿائلينڊ جا چڪر به ڏئي چڪو آهي. لڳي ائين ٿو
ته مستقبل ۾ انهن ملڪن جا حال احوال به پڙهندڙن کي سفرنامن جي صورت ۾ ملندا جڏهن
ته چائنا، ترڪي، مصر ۽ اٽلي گهمڻ جي تيارين ۾ آهي.
سندس
سفرنامن لکڻ واري سلسلي مان اهو سنيهو به ملي ٿو ته هو مٿين چئن ملڪن جا حال احوال
به سهڙيندو ۽ ڪتابي صورت ۾ سامهون آڻيندو. هتي ان سياح جي علمي ادبي ڪارنامن سان گڏوگڏ حياتيءَ ۾
جهاتي پائڻ جي ننڍڙي ڪوشش به ڪئي آهي.
آغا
ثناءَ الله خان ۱۰ اپريل ۱۹۴۸ع تي شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد خان پاڙي ۾ آغا عبيدالله خان جي گهر ۾ اکيون
کوليون، ساڳئي پاڙي مان پرائمري پڙهيائين مئٽرڪ ۱۹۶۴ع ۾ دادو ضلع جي پاٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۶ع ۾ ڪيائين جڏهن ته بي اي غزالي ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۸ع ۾ ڪئيائين.
آغا
ثناءُ الله خان جي والد آغا عبيدالله خان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات روينيو
ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي. پاڻ باصلاحيت انسان هو. ان ڪري ترقي جا عروج
به جلدي ماڻيائين. هو مختيارڪار بڻيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر به ٿيو. آفيسريءَ واري عرصي
دوران مختلف شهرن ۾ بدلين سبب سندس ڪٽنب به مختلف شهرن ۾ رهيو. ان ڪري آغا ثناءُ
الله خان به تعليمي سلسلي سبب مخلف درسگاهن جا در ڏٺا. اهڙي ريت اسڪول، ڪاليج ۽
يونيورسٽي جا تعليمي مرحلا مڪمل ڪري، سرڪاري نوڪري ورتائين.
آغا
ثناءُ الله خان جي پهرين پوسٽنگ لوڪل گورنمينٽ ۾ ٽيڪس سپرينٽينڊنٽ جي حيثيت سان ٺل
شهر ۾ٿي. هڪ سال کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ساڳئي شهر ۾ هو هڪ سال تائين
آر ايم سي پي ۾ مئنيجر طور ڪم ڪندو
رهيو. پوءِ ان نوڪري کي به الوداع چئي،
ذاتي ڪاروبار ۾ دلچسپي ورتائين.
۱۹۷۳ع ۾ هن لائون لڌيون کيس ٻن ٻٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سندس وڏو پٽ خيام
خان آمريڪا جي ورجينيا اسٽيٽ جي ايڇ برن ۾ شهر ۾ رهي ٿو. جتي ڪنهن اداري ۾ آڊيٽر
جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته سندس ننڍو پٽ خرم خان آمريڪا جي
ڪيليفورنيا اسٽيٽ جي شهر سينهوري ۾ سافٽ ويئر انجنيئر آهي. سندس ٻه نياڻيون به
آمريڪا ۾ رهن ٿيون. سندس هڪڙو ڀاءُ عرفان الله خان به آمريڪا ۾ رهندوآهي. پاڻ سافٽ
ويئر انجنيئر آهي ۽ سنڌي ڪلاسيڪل ڪلامن جي ويب سائيٽ ۾ هلائي ٿو.
آغا
صاحب جي هڪڙي نياڻي نيشنل بئنڪ ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهي. آغا ثناءُ الله خان شڪارپور
جي سماجي تنظيم، شهر سڌار تنظيم جو لاڳيتو اٺ سال صدر رهيو آهي. هن پليٽ فارم تان
شهري خدمتن بابت سندس تمام وڏيون سرگرميون رهيون آهن.معاملو صفائي سٿرائي جو هجي
يا مفت طبي ڪئمپن جي انعقاد جو هي همراھ اڳ کان اڳرو رهيو آهي. جڏهن ڏٺائين تهسنگت
تي مفاد پرستي وارا جذبا حاوي ۽ طاري ٿي ويا آهن
تڏهن عهدي ۽ سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. اهڙو ئي ڪردار هن جو پريس ڪلب شڪارپور
جي صدارت دوران رهيو.
۱۹۹۸ع ۾ پريس ڪلب جي هڪڙي حال تي هن شيخ اياز حال جو نالو لکرايو. پنهنجي دور ۾
ادبي سرگرمين لاءِ پريس ڪلب جي هالن جي استعمال جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي هئائين. سندس پهرين
لکڻي ۲۰۱۲ع ۾ ڪهاڻي جي صورت ۾ سامهون
آئي. جنهنجو عنوان هو ”غلطي“ جنهن کانپوءِ هنجي تحريرن ۽ تخليقن جي ڇپجڻ جي شروعات ٿي وئي. سندس هندستان ۽ نيپال
جا قسطوار سفرناما ڇپيا. آمريڪا جو قسطوار سفر نامو شايع ٿيو. عوامي آواز اخبار جي
سنڊي مئگزين ۾ به سندس ڪالم شايع ٿيا. ته مخلف ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس
لکڻيون ڇپبيون رهيون. سندس پهريون سفرنامو شڪارپور سوشل فورم پاران ۲۰۱۲ع ۾ شايع ٿيو. ”اچو ته هندوستان گهمون“ کانپوءِ سندس ٻيو سفرنامو اچو ته
نيپال گهمون آگسٽ ۲۰۱۳ع ۾ پڌرو ٿيو. ساڳئي سال، ساڳئي
اداري پاران سندس ٽيون سفرنامو اچو ته آمريڪا گهمون مارچ ۲۰۱۵ع ۾
مارڪيٽ ۾ آيو. جڏهن ته چوٿون سفرنامو ”چوٿون چڪر آمريڪا جو“ ۲۰۱۵ع ۾ پڌرو ڪيو. آغا ثناءُ الله خان جي ڪهاڻين جو مجموعو ”غلطي“ به ڇپائي هيٺ
آهي.
آغا
ثناءُ الله خان جي ذاتي لائبريريءَ ۾ پنج هزارن کان وڌيڪ ڪتاب آهن. سندس ڪڙي عطا
محمد خان وارو گهر گذريل ۴۵ سالن
کان علمي ادبي ڪچهرين ۽ سرگرمين جو محور رهندو آيو آهي. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ شڪارپور جي علمي
ادبي فضائن ۾ هن گهر جو تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. جتي بيدل مسرور، جلال اوستو،
مونس اياز، راجه شيخ، علي شيخ، پير محمد ڪيلاش، شهاب اوستو، آغا رفيق ۽ ٻيا علمي
ادبي ۽ سماجي ساٿي علمي ادبي محلون مچائيندا هيا.
جڏهن
ته موسيقي جون محفلون پڻ منعقد ٿينديون هيون. هن ئي گهر ۾ دادا گوبند پنجابي رهي
ويو آهي. تازو جڏهن سال ٻه اڳ هندستان جو
نامور ڪهاڻيڪار لکمي کلاڻي شڪارپور آيو هو ته آغا ثناءُ الله خان وٽ به چڪر لڳايو
هئائين. جنهن دعوت ۾ خليل مورياڻي ۽ راقم الحروف به شرڪت ڪئي هئي. سچ پچ ته
آغاصاحب جي اها دعوت سندس قربائتي ڪچهري جيان ڏاڍي پرخلوص هئي.
آغا
ثناءُ الله خان پراڻين ۽ ناياب شين سان ڏاڍي محبت ٿو ڪري کيس وٽ دنيا جهان مان هٿ ڪيل
هزارين ناياب اينٽيڪس، اوهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا.
پاڻ
سنڌي سفرنامي ۾ جيڪي نت نيون روايتون متعارف ڪرايون اٿائين، اهي بلڪل به واکاڻ
جوڳيون آهن. سادي ۽ سولي ٻوليءَ جو استعمال، واقعن جو صفائي سان ذڪر، اخلاقي ۽
تعميري حوالا، توڙي پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ واريون خوبيون ماڻهن کي سندس
لکڻين جو اسير بڻائي ڇڏين ٿيون. انتهائي ٿوري عرصي ۾ سندس تمام گهڻي مقبوليت ڪا
حيرت کان گهٽ ڳالهه ناهي. زندگي جي تمام وڏي حصي گذارڻ کانپوءِ سندس لکڻ طرف اچڻ
ٻين ماڻهن لاءِ به وڏي آٿت آهي.
۶۰ ورهين کانپوءِ، هن قلم کڻي نه رڳو پنهنجي گذرندڙ گهڙين جو نه رڳو حق ادا
ڪيو آهي. پر پوين ورهين جي پيڙا، معلومات، مشاهدي ۽ ساڃاھ جا سمورا قرض لاٿا
اٿائين. هن جو قلم جهڙي ريت طرح سان پنن تي ترڪندو رهي ٿو ۽ جهڙي شاندار طريقي سان
مڃتائون به کيس ملي رهيون آهن. ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌي سفر نامي،
ڪهاڻي ۽ ڪالمن جي دنيا ۾ هن زبردست پذيرائي حاصل ڪري ورتي آهي. اها به وڏي خوشي
واري ڳالهه آهي ته سماجي خدمتن جي حوالي سان سٺي ساک رکدنڙ آغا ثناءُ الله ان جي
هاڪ به مثبت معاشري لاءِ هڪ مثبت حوالو آهي. اهڙي ڪردار سان، ادبي سڃاڻپ سچ پچ به
هڪ اعزاز آهي. سنڌي سماج کي اهڙن ڪردارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي جنهن جي وڏي
پئماني تي اڻاٺ ۽ ڏڪر جو احساس پوري شدت سان ملي ٿو.
آغا
ثناءَ الله خان زندگي جي هر معاملي ۾ ليکي چوکي ۾ اصول کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. پر
اها ئي خوبي هر ڪامياب انسان جي پهرين ترجيح هوندي آهي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن گهڻ رخن
رفت معاملن جي اڪلاءَ ۽ سلجهاءَ جي حوالي
سان ماڻهو سچو، کرو، سنجيده ۽ ثابت قدم نه هوندو ته اهو ڪيترن ئي معاملن ۽ پٺتي
رهجي ويندو نتيجو اهو نڪرندو جو ويندڙ وقت هن ڏانهن پوئتي نه نهاريندو ۽ اهو افسوس ڪندو
ئي رهجي ويندو.
آغا
ثناءُ الله خان مطالعي کي به زبردست وقت ڏئي ٿو هن کي پنهنجي گهر ۾ شاندار
لائبريري آهي ۽ پراڻين شين جي ڪٻٽن سان به پورو ڪمرو سٿيل آهي. پر هن جي ڪاروباري
وقت ۾ به ڪتاب هن جا بهترين ساٿي هوندا آهن. ڪتابن جي مطالعي ۽ لکڻ جي حوالي سان
هو هر وقت متحرڪ رهندو آهي. هن جي زندگي ۾ يقينن ٻيا به گهڻا ڪم ڪاريون ۽
ذميواريون هونديون پر جهڙي ريت هو علمي، ادبي سرگرمين ۾ مصروف رهي ٿو ايترو وقت هو
ٻين ڪمن ڪارين کي نه ٿو ڏئي.
آغا
ثناءُ الله خان پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان شاندار شخصيت واري سڃاڻپ جو ان ڪري به مالڪ ٿيو آهي.
جو هن نه رڳو هزارين ڪامياب انسانن جون آتم ڪٿائون پڙهيون آهن پر اهڙن املهه
انسانن جي محبت ۾ به رهيو آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن وڏي خوش نصيبيءَ کان گهٽ ناهي.
آغا
ثناءُ الله خان کي ان ڳالهه جو به وڏو داد ڏيڻو پوندو جو هن پنهنجي ٻارن جي تعليم
۽ تربيت توڙي سندن شاندار ڪيريئر جي حوالي سان جيڪو ذميوارڻو ڪردار نڀايو آهي سو
سچ پچ ته سماج جي سمورن والدين جي حوالي سان هڪ مثبت سبق ۽ سهڻو سنيهو آهي. نه رڳو
ايترو پر پنهنجن مٽن، مائٽن ۽ دوستن توڙي غير واسطيدار ماڻهن سان هن جو سهڻو سلوڪ
ماڻهپي ۾ ايمان پختو ڪري ڇڏي ٿو. معاملا دنيا داري جا هجن يا دينداري جا هن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به پنهنجن فرضن
جي ادائگي ۾ نه ڪيٻايو آهي ۽ نه ئي وري سندس ڪوئي پهلو ڪمزور رهيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا