آغا جان آغا
معشوقن جي مانُ واري شهر
جو معشوق شاعر
مٺل جسڪاڻي
اسان
کي يار فرصت نه ملي!
سوچيندا
به رهياسين،
روئندا
به رهياسين!
هڪ طرف
محل ٿا ڏسون،
ٻئي
طرف جهوپڙي ٿا ڏسون!
هيڏانهن
ٻار کي کير پياريندي،
فٽنيس
اثرانداز ٿيئي ٿي،
هوڏانهن
هُو ٻار کي ڇا پياري،
ڇاتي
کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي!
هيڏانهن
هزارن جو جوڙو،
شاهي دڪان
تان،
شام
تائين پسند نه آيو،
هوڏانهن
جوڙي جي چَتين کي،
ٽاڪيندي،
ٽاڪيندي،
بخين
جي جڳهه نه رهي!
هيڏانهن
لاشن کي به تحفا ملن،
هوڏانهن
بي ڪفن لاشا ڍَڪيا وڃن!
اسان
کي نه خبر آهي،
غمِ
جانان جي،
نه خبر
آهي،
اسان
کي اسان جي!
دردن
مان فرصت ملي ته،
نئين
به ٻُڌائينداسين،
پُراڻي
به ٻڌائينداسين...
اهي
نيون ۽ پراڻيون ٻڌائڻ جو خواهشمند شاعر آهي ”آغا جان آغا“، جيڪو ان شهر جو آهي،
جنهن لاءِ مون ”ٽنڊومحمد خان، جتي آهي معشوقن جو مان“ ٻڌو آهي ۽ مون کي ان چوڻي ۾
ان ڪري به وڌاءُ محسوس نه پيو ٿئي، ڇاڪاڻ ته آغا جان، جيڪو پاڻ، پنهنجي ذات ۾
محبوب ۽ معشوق آهي، ان مٺڙي ۽ محبتي شخصيت جي شاعري، جڏهن مختلف ٽي وي چينلس تي ٻڌجي
۽ وڊيو ڏسجي ٿي، ته ويتر يقين وڌي وڃي ٿو، ته معشوقن جو مان معشوق شاعر ئي رکي
سگهي ٿو، جنهن ۾ اهڙي سگهه به اهڙي ئي چوڻي سبب پيدا ٿي سگهي هوندي. پڙهو ته آغا
جان آغا هڪ چري ڇوڪري لاءِ ڇا ٿو لکي:
هڪ ڇوڪري
چري ها چري ڇوڪري،
طعنا
سَهي ٿي جڳ جا چري ڇوڪري.
چئي ٿي
سوا تنهنجي نه هُجي جڳ ۾ ڪو،
آهي
صفا چري ڪا چري ڇوڪري.
ڪريان ٿو
ڳالهه هن جي پنهنجو پاڻ سان،
چريو ڪري
وئي آ چري ڇوڪري.
چريو ڪري
چوين ٿو چري ڇوڪري،
ڪنّدين
تون ياد چريا چري ڇوڪري.
هت
شاعري ۾ پيار جي ٻئي نانءُ کي،
مون
پارا ڪي چون ٿا چري ڇوڪري.
آغا
جان آغا جا هي شعر اوهان کي ڪيئن ٿا لڳن؟ ڇا هي محبوب، معشوق ڏانهن لکجندڙ چٺي ۽
خط ۾ لکڻ جهڙا نه آهن؟ ڌيان سان پڙهو:
هي
حقيقت، حقيقت ۾ به خواب لڳي ٿي،
ڄڻ
تنهنجي هر ملاقات سراب لڳي ٿي.
يا وري
هي پڙهو:
گهوري
گهوري هر فرد ڏٺم،
تو کي
سڀ کان منفرد ڏٺم.
هي ڀلا
ڪيئن آهي:
جڏهن
به تنهنجي هَٿن تي گل چٽيا ويا هوندا،
حنا
قسمت پنهنجي تي ناز ڪندي هوندي.
منهنجي
ته دل گهري پئي، پر يقين اٿم ته هر دل واري جي دل گهرندي هوندي، ته هو پڙهي ته پڙهندو
رهي، ٻڌي ته ٻڌندو رهي، سندس هي شاندار گيت:
مور
جُهومي، نَچي تَن مَن،
ڇَن ڇَنا
ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
چاندني
ٿي ڍَڪي چُنري،
مُسڪرائي
سَکي سُندري،
تيز دل
جي ٿئي ڌڙڪن،
ڇَن ڇَنا
ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
ساز
سُر سان پيو ٺَهڪي،
ڇير ڇَمڪي
دُهل ڌَمڪي،
ڌَن ڌَنڪ
ڌَن، ڌَنا ڌَن ڌَن،
ڇَن ڇَنا
ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
گيت
لکجي ته ڪيئن لکجي،
تاب
سونهن جي ته ڪيئن سهجي،
چنڊ جو
ڄڻ هُجي جوڀن،
ڇَن ڇَنا
ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
ساري
گا ما، ري سا گا ما،
ٿا فضا
۾ ٽِلن نغما،
سَت
رنگي رُت، ڪَڪَر بَرسن،
ڇَن ڇَنا
ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
جام “
آغا ” هَلي پَل پَل،
دور اهڙو،
رهي پَل پَل،
ڇوليون
شل ڇُلن ڇَمڪن،
ڇَن ڇَنا
ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
آئون
ان ساڳئي آغا جان آغا جو ذڪر پيو ڪريان، جنهن جو، مقبول عارفاڻي جو ڳايل وڊيو گيت
”اڃا رات آ، اڃا وڃ نه تون“ هڪ ”ٽي وي“ چينل تان وڊيو ايوارڊ يافته آهي، اهو ساڳيو
گيت هڪ ٻئي چينل تي ثمينه ڪنول جي آواز ۾ هلندو رهيو آهي، پر سندس غزل ”تون هجين
مان هجان“ گهڻو هليو، حميرا چنا جو ڳايل غزل ”تنهنجي هي بيوفائي ڇا تنهنجو ڪو ڪارنامو
آ، اهو دلڪش حَسين دوکو اسان بس پاڻ کاڌو آ“ ته اوهان مان گهڻن ٻڌو به هوندو. آغا
جان آغا کي سندس نظمن مان هي نظم گهڻو وڻندو آهي:
پوءِ
ائين ٿيو
جو شام
جي سُرمئي
اکين ۾
گهر ڪري چُڪي هُئي
چاندي
جو زريون،
وارن
جي چَڳن ۾ لهي چُڪيون هيون
خواهشون
وسامندڙ،
ڏيئي
جي ڌونهين جيان
هوا ۾
هوا ٿي ويون هيون
پوءِ
ايئن ٿيو جو،
ثَر جي
ڪنهن جهور وڻ جيان،
سُن ٿيل
دل جي دنيا مٿان،
سڀئي
موسمون،
هڪ جهڙيون
ٿي ويون هيون
۽ انتظارِ
يار جي مزار به،
درد جي
صحرائن ۾ لَٽجي چُڪي هُئي،
پوِءِ
ائين ٿيو جو،
هو وٽڻ
آيو به هو
اسان
هن کي ائين چئي،
واپس ڪري
ڇڏيو،
ته
تنهنجو گهاٽو اسان کي منظور ڪونهي...
آغا
جان صرف پيار ۽ محبت کي ئي موضوع نه بنايو آهي، سندس هي اظهار پڙهو:
ها!
سوئرن سان مون ڪئي هُئي ڪلهه وَيڙهه دوستو،
اڄ جنگ
مون جوٽي مُنافقن سان آ، دُعا ڪجو.
ٻين جي
مون کي خبر نه آهي، پر مون کي سندس هي نثري نظم به پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جهڙو ٿو لڳي:
محترمه
!
اهو ٺيڪ
آهي ته اسين،
اوهان
جي قابل ناهيون،
نه ئي ٻه
چار قدم اوهان جو،
اسان
سان هلڻ سونهين ٿو،
نه ئي
منسوب اوهان جو نالو،
اسان
جي نالي سان،
اوهان
کي منظور ٿيندو،
ڪو پُڇي
اسان جي سوانح زندگي،
ته ڇا ٻُڌائيندا!؟
هاري،
نوڪر، مزدور، بيروزگار،
آواره
مفلس يا شاعر!؟
ڪيڏي
شرمندگي ٿيندي اوهان کي،
اسان
جا تعارف، تخلص،
تڪلم ڪندا
آهن ته،
شرافت
اسان جي ڍَڪجي ويندي آهي،
برابر،
اوهان دُرست آهيو،
اوهان
انهن سان ئي سونهو ٿا،
جيڪي
اوهان جي ڪُلهي برابر آهن،
زيب تن
لباس، خوبرو، خوش باش،
غم کان
ناآشنا، سُورن کان بي خبر،
عزت
دار سرمائيدار،
شاندار
ماڙين وارا،
ڪو
انهن جو تعارف،
ڪَرائي
ته ڇا ڪَرائي،
لفظ کُٽي
وڃن، تعريف نه کُٽي،
محترمه
!
ناراض
نه ٿيو ته ڪجهه چوان؟
اهي
بغير دل جي زنده انسان آهن،
اهي
جاندار جسم جا،
بي جان
پاڇا آهن،
اوهان
اسان جي جهان ۾،
ڪڏهن
جهاتي پائي ته ڏسو،
اسان
جي مغموم، بي قرار،
فضائن
۾ به ڪيڏو قرار آهي،
دل
گهايل ئي سهي،
مگر
منجهس پيار ئي پيار آهي...
آغا
جان آغا جي شاعري جو سفر جاري آهي، اميد ته مسقبل ۾ اڃا به وڌيڪ سٺي، بامقصد شاعري
پڙهائيندو.
(سندر،
انچارج حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۲۶ نومبر ۲۰۱۳ع)
آغا جان آغا
سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر
کي ۱۸ ڊسمبر تي جنم ڏڻ مۡبارڪ
اعظم ڀٽي
جيڪو فرد سماج ۾
شخص بجاء شخصيت بڻجي زندگيءّ گذاريندو آهي, ان کي ڪڏهن مات نه ايندي آهي, مولا علي
عليه السلام جو قول آهي ته " هڪ شخص نه بلڪه ھڪ شخصيت ٿي زندگي گذاريو، ڇو جو
شخص ته مري ويندو آھي پر سٺي شخصيت سدائين زنده رھندي آھي". مطلب ته اهي ڪردار
هميشه زنده رهندا آهن, جيڪي سماجن جي سۡونهن بڻيل هوندا آهن ,جيڪي روايتن کي نواڻ
بخشيندا آهن , انهن ئي شخصيتن ۾ آغا جان آغا جي نالي جو ورلاپ به ورنائجي ٿو, آغا
جان آغا جو اصل نالو پير آغا قدوس احمد جان سرهندي آهي. سندس والد جو نالو حافظ
غلام محمد جان سرهندي آهي, ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۱ ع تي پير محلا ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتائين, شروعاتي تعليم کان وٺي گريجوئيشن
تائين سموري تعليم ٽنڊو محمد خان مان ئي حاصل ڪيائين, سنڌي ٻوليءّ جي هن ڀلوڙ شاعر
۱۹۹۰ع کان شاعري جي دنيا سان نينهن جو ناتو ڳنڍيو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس شاعراڻو
تعارف سموري سنڌ ۾ متعارف ٿي ويو, آغا جان آغا سنڌي ٻولي سان گڏ اردو شاعري تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. توڙي جو کيس اردو شاعري سان دلي لڳاءۡ آهي پر سندس ڪثير شاعري جي سۡندرتا
سنڌي ٻولي ۾ ئي سمايل رهي آهي, شاعري جي شروعاتي سکيا جي حوالي سان ٽکڙ سان وابسته
سنڌي ٻولي جي مقبول شاعر نظير ٽکڙائي کان اصلاح ڪرايائين. سندس ٻن مجموعن کان وڌيڪ
شاعري اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهي. شاعري جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين انهن ۾
غزل، نظم، گيت، چئوسٽا، نثري نظم، آزاد نظم شامل آهن, ڪڏهن ڪڏهن ۽ سوشل ميڊيا تي ئي
صحيح پر نثر به ڏاڍو شاهڪار لکندو آهي. سندس تخيل جي پيداوار پنجاهه کان وڌيڪ ڪلام
آڊيو جي صورت ۾ سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳايا آهن. جڏهن ته سندس ويهه کان پنجويهه کن ڪلام
وڊيو جي صورت ۾ مختلف سنڌي ٽي وي چئنلز تي نشر ٿي چڪا آهن. جن فنڪارن سندس شاعري ڳائي
آهي, انهن ۾ حميرا چنه، مقبول عارفاڻي، شهنيلا علي، ثريا سومرو، ديبا سحر، ثمينه ڪنول،
زاهد شيخ، ماسٽر فتح علي، الهڏنو خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، علي حسن سولنگي، الهڏنو
جوڻيجو, شازيه ترنم، ڪوثر ماروي، فرزانه بهار, جانب علي بلاولي, رفيق آس لغاري,
ومل شرما, جان محمد لغاري, مدثر بهراڻي ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن. سندس ڪلام ” اڃا رات
آ، اڃا وڃ نه تون “ جيڪو مقبول عارفاڻي ڳايو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو, ان کي ڪشش ٽي
وي پاران بيسٽ ايوارڊ پڻ مليو. سندس هڪ ٻيو ڪلام ”تون هجين، مان هجان، يار پوءِ ٻيو
ڇا کپي“ پڻ سنڌي موسيقي جي چاهيندڙن جي دلپسند رهيو. جيڪو پڻ مقبول عارفاڻي ڳايو.
سنڌي ادبي سنگت سان آغا جان آغا جي ساٿ جو ادبي سفر چوٿائي صديءّ کان وڌيڪ آهي, ان
سموري عرصي ۾ شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري طور سندس گذريل ڇهن سالن جي جاکوڙ ڄڻ
ته صدين جي تاريخ لڳي ٿي, جنهن عرصي ۾ هن سنڌي ادبي سنگت سان ۽ ان سان سلهاڙيل دوستن,
اديبن, دانشورن, شاعرن, سگهڙن ۽ فنڪارن کي ڪڏهن به ادبي مورچي تي اڪيلائي جو احساس
ناهي ڏياريو, دوستن جي سموري سٿ کي گڏ کڻي, هن ادبي ماحول ۾ نين روايتن جا ڪيئي سج
اڀاريا آهن, هو پنهنجي گۡوناگۡون شخصيت کي چاهڻ جي باوجود به پوشيده نه رکي سگهيو
آهي پر پنهنجن دوستن کي هر پليٽ فارم تي پذيرائي ڏيارڻ, انهن جي هر لمحي حوصلا
افزائي ڪرڻ ڄڻ ته سندس ڪرت بڻيل آهي. ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع پنهنجي شاندار ادبي خدمتن جي بدولت سنڌي ادبي سنگت
ضلعي ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي ضلعي رابطا سيڪريٽر چونڊيو ويو. سنڌي ادبي سنگت
کان سواء ماضي ۾ هن مهراڻ ادبي فورم جو بنياد رکي ادبي ڪلاسن ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ واري
روايت کي جيئندان ارپيو هو ته وري محمد خان غني ادبي تنظيم, ڀٽائي آرٽس ڪائونسل, ٽنڊو
محمد خان آرٽس ڪائونسل, مهراڻ ادبي سٿ سنڌ , انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرگرمين ۾
سندس سهڪاري ڪردار قابل تعريف رهيو آهي, سماجي خدمتن کي به هن عبادت جي لمحن جيان
پسايو آهي, اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت شهر جي معروف سماجي تنظيم "ساٿ فلاحي
تنظيم" جو ڪيترن ئي سالن پۡڄاڻان سرپرست اعلي' آهي. منهنجي ساڻس شناسائي ايتري
ئي پُراڻي آهي، جيتري منهنجي شعور سنڀالڻ جي عمر آهي، ٻالڪپڻ کان ٽنڊو محمد خان جي
ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز جي گرائونڊ تي نم جي گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ۾ هُو ڪرڪيٽ راند ۾ بيٽ
بال سميت مون سان گڏ هو، جوانيءَ جي جوڀن ڏهاڙن ۾ هُو، مال پڙي جي هوٽل تي رات جو
دير تائين چانهه جون گرم سُرڪيون ڀريندي به مون سان گڏ رهيو، هاڻي سراسري عمر جي ٽئين
حصي ۾ ادب جي خدمت وارو روشن ڏيئو هٿ جي تِريءَ تي کڻي، مونکان ادبي قد ڪاٺ ۾ تمام
گهڻو ڳرو هوندي به هُو مون سان گڏ ئي شعور جي منزل جو اهڙو مسافر آهي, جنهن ۾
اسانجي همسفري ۽ همعصري مستقل مزاجي سان قدم سان قدم ۽ ڪۡلهي سان ڪۡلهو ملائي ادبي
سفر جو پنڌ پۡڄائي رهي آهي، تعميري جمهوري حُسن سان ڀرپور، هن جي هر ادا اڄ به
منهنجي لاءِ تجسس، اُتساهه، فراخدلي, سهپ, برداشت ۽ وڏائي جو وڏ ڦُڙو مينهن آهي، جڏهن
۲۰۱۳ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي چونڊن ۾ آئون کانئس پنهنجي سيڪريٽري
شپ جي عهدي لاءِ ووٽ جي واٽ ڳولڻ لاءِ وٽس ويو هوس ته هُن جي محبت ڀريي انداز وارا
لفظ ڀلي کڻي ووٽ خاطر کۡليل طور منهنجي حق ۾ نه هئا پر هُن جي سچائي، فراخدلي، وڏائي,
جرئتمنديءّ ۽ بيباڪي مون ۾ اها سگهه ۽ قوت پيدا ڪئي هئي ته اهڙي دوست کي زندگيءَ
جي باقي حصي جو سچو ادبي رفيق ضرور بنائڻ گهرجي، اها تمنا جڏهن تڪميل تي پهتي ته
اسانجي رفاقت جو حُسن به تجلا ڏيڻ لڳو، سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جڏهن هُن دلي
طور پنهنجو پاڻ کي منهنجو ماتحت سمجهي، منهنجي ادبي ساٿ کي سُرهاڻ بخشي هئي ته
الاءِ ڇو ان وقت به هي شخص مونکي پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ نم جي وڻ جي ڇانوَ هيٺان گڏ راند
ڪندي نظر آيو هو، جڏهن هُو مسلسل ڇهن سالن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان
جو ۽ منهنجو سيڪريٽري رهيو, هن وقت ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي ته مونکي
ائين لڳندو آهي ته اڄ به اسان مال پڙي جي هوٽل تي گڏ ويهي سرد راتين ۾ چانهه جي
گرم سُرڪين کي ڪنهن ساز جيان گڏ ڇيڙي رهيا آهيون، هاڻي ذاتي وابستگيءَ واري ڳنڍ
کان، اسانجي ادبي رفاقت واري ناتي جي ڳنڍ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي، ادبي دنيا جي سفر
اسان جي راهن تي اهڙا گُل وڇائي ڇڏيا آهن، جنهن جي خوشبوءَ اسانجي احساساتي رشتي کي
وڌيڪ معطر ڪري چڪي آهي، ان سموري ادبي سفر ۾ هاڻي ته اسان هڪٻئي کانسواءِ ڄڻ ته اڌورا
ٿا ڀاسون، ان جي باوجود به جي هُو نه هوندو آهي ته سندس وجود کي آئون پنهنجي وجود
جي شڪل ڏئي ڇڏيندو آهيان، جي آئون نه هوندو آهيان ته هُو ادبي حوالي سان ڪٿي به
منهنجي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏيندو آهي ۽ جڏهن اسان ٻئي سنگت جي ساٿ ۾ سڀني سان گڏ
هوندا آهيون ته هڪ اهڙي طاقت جو تصور ذهن ۾ اُڀري ايندو آهي، جنهنکي مات ڏيڻ جي ڪير
به همت ساري ناهي سگهندو. هُو حوصلي ۽ همت جو هماليه آهي ته ساٿ جي سُندر باغ جي
خوشبوءَ به آهي، هُو يارويسي ۾ يڪجا آهي ته دوستيءَ ۾ دلبري جهڙو وطن لڳندو آهي.
جنهن دلبري جهڙي وطن سان هر ساڃاهه وند جي سِڪ، اُڪير، چاهت ۽ محبت ڏينهون ڏينهن وڌندڙ
ئي محسوس ٿيندي آهي، هو آهي ئي محبتون وارڻ جهڙو شخص، جنهن جون محبتون ماڻيندي ۽ جنهن
تان محبتون واريندي دل ٻلهار پئي ٿيندي آهي. من موجن ۾ اچي ويندو آهي، وجود اُتساهه
جي طاقت سان مالا مال ٿي ويندو آهي، اڄ ان فرد جو، پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن جهڙي شخصيت
جو جنم ڏينهن آهي، جي ها! پير آغا قدوس احمد جان سرهندي، جنهن کي اسان سڀ سائين
آغا جان آغا جي نالي سان سڏيون، پُڪاريون ۽ سُڃاڻون ٿا، اڄ ڌرتيءَ تي آغا جي زندگي
جي آغاز جو ورجاءُ آهي، اڄ هُن جو جنم ڏينهن آهي، سندس ان جنم ڏينهن تي کيس مُبارڪن
جون مُرڪون چپڙن تي سجائي، چاهت جون چُميون ڏيڻ لاءِ دل بيچين آهي، هونئن به اُڃ سان
ئي اُڃ اُٿندي آهي ۽ دل چوي ٿي ته سندس محبت واري اُڃ کي سيني ۾ سانڍي، ان مان لطف
اندوز ٿيڻ وارن لمحن کي ڪا طوالت ڏجي، جيڪا طوالت تاريخ جي ورقن ۾ اسانجي رُوحاني
رفاقت جي شاهد بڻجي پوي. جنهن جا ترانا صدين تائين گۡوجندا رهن, ان گۡونجار ۾
اسانجا حوالا جاڙن ڪڪرن جهڙو اصطلاح بڻجي پون. اهو اصطلاح جيڪو اسانجي ايندڙ نسلن
لاء به فخر لائق اۡتساهه جو سبب بڻجي سگهي! شال اسانجو ذاتي, سماجي, ادبي سفر نئين
نسل لاء ڪو سۡونهون بنجي پوي.
(اعظم ڀٽي، ٽنڊو
محمد خان جي فيسبڪ وال تان ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
آغا جان آغا
ملوڪ شاعر ۽ منفرد نثر نويس،
محبت ۽ خلوص جي عملي پرچارڪ جي سالگرھہ تقريب
مٺل جسڪاڻي
سنڌي ۽ اردو شاعريءَ ۽ ان جي فني
اصولن ۽ قاعدن جي وسيع مطالعي، بحث مباحثي ۽ ٻُڌ سُڌ سبب علم عروض ۽ شاعريءَ جي
رمزن کان واقف ٿي، مسلسل مشق جي ڪري ٻنھي ٻولين ۾ شاعري جي مختلف صنفن ۾ مثالي طبع
آزمائي ڪري، ساک وارو نالو ڪمائيندڙ شاعر آغا جان آغا جي جنم تاريخ تہ ۱۸
ڊسمبر آھي، پر ھن سال اھو ڏينھن مشھور ۽ مقبول ھفتيوار
موڪل جي ڏينھن يعني واندو تصور ڪيو ويندڙ ڏينھن آچر ھو، ان ڪري موڪل جو ڏينھن ذھن ۾
رکي ھڪ طرف مختلف علمي ادبي تنظيمن پاران منعقد ڪيل تقريبون، ٻئي طرف شادين جي بہ ڄڻ
تہ موسم ھلندڙ آھي، ان ڪري شادين جون دعوتون، جڏھن تہ عام زندگي جي معمول موجب ڪٿي
ڪنھن جو ناچاڪ ھجڻ، ڪنھن جي وڇوڙي جو ڏينھن بہ ساڳيو ڏينھن ٿي پيو. ان ڪري جنم
تاريخ تي ڪيئن بہ وقت ڪڍي نہ سگهڻ سبب ھڪ ڏينھن اڳواٽ بہ نہ، ھڪ ڏينھن پوءِ سومر ۱۹
ڊسمبر تي آغا جان آغا جي سالگرھہ تقريب جو رٿي، ويجهي
سنگت ساٿ سان رابطو ڪيو، تہ شاعر، راڳ جي ڄاڻو ۽ لطيف جي پارکو آس لغاري ٻڌايو ٽائيفاڊ
جي ميزباني ۾ آھيان، پر جيئن حڪم. آس کي طبيعت جو خيال ڪرڻ، علاج، احتياط، آرام جي
صلاح ڏئي، سيبتي سرجڻھار گل خاصخيلي سان رابطو ڪيو، تہ ان ٻڌايو ڳوٺ نڪتل ھئس، ھاڻ
بس ۾ ويٺو آھيان، پھچندي رات ٿي ويندي، رابطي ۾ رھبو، ممڪن ٿيو تہ شرڪت ڪبي. سڪندر
پسيو جي گهر ۾ ڪاڄ جون مصروفيتون معلوم ٿيون. عاشق ڳاھو روزي روٽي جي معمول ۾ مصروف،
محنتي ۽ محبتي، منفرد استاد عارف قريشي سان رابطو نہ ٿي سگهيو. ائين ڪن دوستن سان
رابطو نہ ٿيو، ڪن جي مصروفيت جي خبر ھئي، ان ڪري رابطو نہ ڪيو، ڪي پھتا تہ مکان ميلو
ٿيو، مجبوري ٻڌائي، پنھنجي ڪم سان روانا ٿيا، سائين مختيار نظاماڻي لاءِ مختلف اطلاعن
سان گڏ نہ صرف سندس انتظار رھيو، پر ھن لاءِ ڪيڪ جو حصو بچائي بہ رکيو ھو...
ابصار جي سھڪار سان آئون ٽنڊي ڄام
مان ٽنڊي محمد خان پھتي تہ اسان دوست ۱۹ ڊسمبر جي ٿڌڙي شام جو ٽنڊي محمد خان کان بدين روڊ سان پنج ڇھہ ڪلو ميٽر ڊرائيو
ڪري، آس پاس جي آباد ۽ سرسبز علائقي جو ديدار ڪندي، آغا جان آغا جي سالگرھہ جو ڪيڪ
ڪاٽي، کيس محبتن ۽ خلوص ڀري ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ھڪ مقامي ھوٽل ۾ پھچي وياسين...
آغا جان آغا جي ھن سالگرھہ تقريب
۾ راقم (مٺل جسڪاڻي)، اعظم ڀٽي، پروفيسر اعجاز جسڪاڻي، ڊاڪٽر جمال ناصر، ماما غلام
نبي ”شاعر“ خاصخيلي، راڳ سان محبت ڪندڙ شاعر ۽ استاد ومل شرما ۽ ابصار مٺل، تقريب جي
مور جي شخصيت، فن، علمي ادبي پھچ، سماجي خدمتن، رشتن ناتن جي تقدس ۽ نڀاءُ، عام
اخلاقيات ۽ ٻين انيڪ پھلوئن تي دل کولي ڳالھايو، داد ڏنو، محبتون ۽ خلوص ارپيو.
آغا جان آغا جي ھن سالگرھہ
تقريب ۾ آغا پاڻ بہ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي گڏ ٿيندڙ دوستن جا ٿورا مڃي، پاڻ ۾
محبتون ۽ خلوص وڌائڻ، ننڍين ۽ عام رواجي ڳالھين تي اختلافن کان بچڻ ۽ ٿي پيل
اختلاف ختم ڪرڻ جي حوالي سان سھڻي ويچار ونڊ ڪئي.
جيئن جيئن شام ٿيندي، روشني گهٽجندي
وئي، اونداھي کي منھن ڏيڻ لاءِ بتيون ٻرڻ شروع ٿيون، ٿڌڪار وڌيڪ وڌڻ شروع ڪيو ۽
راقم کي پنھنجون ٻيون مصروفيتون ياد آيون، تہ کِلي اجازت گهرڻ جي ڪوشش تي سالگرھہ
تقريب کي بہ پڄاڻي تي پھچائڻ مناسب سمجهيو ويو.
ملوڪ شاعر ۽ منفرد نثر نويس،
محبت ۽ خلوص جي عملي پرچارڪ آغا جان آغا جي سالگرھہ تقريب ۾ ساڻس پيار ڪندڙن پاران
محبتون ارپڻ جي ھن پر مسرت يادگار موقعي تي راقم کي امانت يا امانتون، با سلامت
پھتيون. ان حوالي سان پھريون قرب حڪيم يوسف جو، جنھن پنھنجو قلمي پورھيو ”انسائيڪلوپيڊيا
آف ٽنڊو محمد خان“ جا پھريان ٽي جلد اعظم ڀٽي وسيلي راقم لاءِ موڪليا ۽ اعظم بہ قرب
ڪري ڏنا... منھنجي (راقم جي) نظر ۾ بہ ”انسائيڪلوپيڊيا آف ٽنڊو محمد خان“ تمام اھم
اھڙو معلوماتي ۽ تاريخي دستاويز آھي، جيڪو مختلف موضوعن تي تحقيق ڪندڙ محققن ۽
تاريخ نويسن کي تمام گهڻي مدد مھيا ڪندو.
۽ نيٺ محبتن ۽ خلوص کي قائم دائم
رکڻ جي نيتن، ارادن ۽ دعائن سان اسان سڀ ھڪ ٻئي کان مسڪرائيندي موڪلائي، پنھنجي پنھنجي
عام معمول واري زندگي ڏانھن روانا ٿياسين.
(ڏھاڙي سرمست نيوز ڪراچي ۾ اربع
۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
آغا جان آغا
سنڌي ٻولي جي خوبصورت
شاعر، پياري ۽ شفيق دوست کي جنم ڏڻ مۡبارڪ ۱۸ ڊسمبر
اعظم ڀٽي
جيڪو فرد سماج ۾ شخص بجاء شخصيت
بڻجي زندگيءّ گذاريندو آهي، ان کي ڪڏهن به مات نه ايندي آهي، مولا علي عليه السلام
جو قول آهي ته “هڪ شخص نه بلڪه ھڪ شخصيت ٿي زندگي گذاريو، ڇو جو شخص ته مري ويندو
آھي پر سٺي شخصيت سدائين زنده رھندي آھي”. مطلب ته اهي ڪردار هميشه زنده رهندا آهن،
جيڪي سماجن جي سۡونهن بڻيل هوندا آهن، جيڪي روايتن کي نواڻ بخشيندا آهن، انهن ئي
شخصيتن ۾ آغا جان آغا جي نالي جو ورلاپ به ورنائجي ٿو، آغا جان آغا جو اصل نالو
پير آغا قدوس احمد جان سرهندي آهي. سندس والد جو نالو حافظ غلام محمد جان سرهندي
آهي، ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي پير محلا ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتائين، شروعاتي
تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين سموري تعليم ٽنڊو محمد خان مان ئي حاصل ڪيائين، سنڌي
ٻوليءّ جي هن ڀلوڙ شاعر ۱۹۹۰ع کان شاعري جي دنيا سان نينهن جو ناتو ڳنڍيو. ٿوري ئي
عرصي ۾ سندس شاعراڻو تعارف سموري سنڌ ۾ متعارف ٿي ويو، آغا جان آغا سنڌي ٻولي سان
گڏ اردو شاعري تي پڻ چڱر خاصي طبع آزمائي ڪئي آهي. توڙي جو کيس اردو شاعري سان دلي
لڳاءۡ آهي پر سندس ڪثير شاعري جي سۡندرتا سنڌي ٻولي ۾ ئي سمايل رهي آهي، شاعري جي
شروعاتي سکيا جي حوالي سان ٽکڙ سان وابسته سنڌي ٻولي جي مقبول شاعر نظير ٽکڙائي
کان اصلاح ڪرايائين. سندس ٻن مجموعن کان وڌيڪ شاعري اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهي.
شاعري جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين انهن ۾ غزل، نظم، گيت، چئوسٽا، نثري نظم،
آزاد نظم شامل آهن. شاعريءّ سان گڏوگڏ نثر به ڏاڍو شاهڪار لکندو آهي. سندس تخيل جي
پيداوار پنجاهه کان وڌيڪ ڪلام آڊيو جي صورت ۾ سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳايا آهن. جڏهن
ته سندس پنجويهه کن ڪلام وڊيو جي صورت ۾ مختلف سنڌي ٽي وي چئنلز تي نشر ٿي چڪا
آهن. جن فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي، انهن ۾ حميرا چنه، مقبول عارفاڻي، شهنيلا
علي، ثريا سومرو، ديبا سحر، ثمينه ڪنول، زاهد شيخ، ماسٽر فتح علي، الهڏنو خاصخيلي،
محبوب خاصخيلي، علي حسن سولنگي، الهڏنو جوڻيجو، شازيه ترنم، ڪوثر ماروي، فرزانه
بهار، جانب علي بلاولي، رفيق آس لغاري، ومل شرما، جان محمد لغاري، مدثر بهراڻي،
فضل لغاري، اياز لغاري، ماما غلام نبي “شاعر” خاصخيلي، حاڪم علي رند ۽ ٻيا شامل
آهن. سندس ڪلام “اڃا رات آ، اڃا وڃ نه تون” جيڪو مقبول عارفاڻي ڳايو ۽ تمام گهڻو
مشهور ٿيو، ان کي ڪشش ٽي وي پاران بهترين ڪلام جو ايوارڊ پڻ مليو. سندس هڪ ٻيو ڪلام
“تون هجين، مان هجان، يار پوءِ ٻيو ڇا کپي” پڻ سنڌي موسيقي جي چاهيندڙن جي دلپسند
رهيو. جيڪو پڻ مقبول عارفاڻي ڳايو. سنڌي ادبي سنگت سان آغا جان آغا جي ساٿ جو ادبي
سفر چوٿائي صديءّ کان به گهڻو وڌيڪ آهي، ان سموري عرصي ۾ شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري
طور سندس گذريل ڇهن سالن جي جاکوڙ ڄڻ ته صدين جي تاريخ لڳي ٿي، جنهن عرصي ۾ هن سنڌي
ادبي سنگت ۽ ان سان سلهاڙيل دوستن، اديبن، دانشورن، شاعرن، سگهڙن ۽ فنڪارن کي ڪڏهن
به ادبي مورچي تي اڪيلائي جو احساس ناهي ڏياريو، دوستن جي سموري سٿ کي گڏ کڻي، هن
ادبي ماحول ۾ نين روايتن جا ڪيئي سج اڀاريا آهن، هو پنهنجي گۡوناگۡون شخصيت کي چاهڻ
جي باوجود به پوشيده نه رکي سگهيو آهي پر پنهنجن دوستن کي هر پليٽ فارم تي پذيرائي
ڏيارڻ، انهن جي هر لمحي حوصلا افزائي ڪرڻ ڄڻ ته سندس ڪرت بڻيل آهي. ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع پنهنجي
شاندار ادبي خدمتن جي بدولت سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي ضلعي
رابطا سيڪريٽر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي هن وقت تائين ادبي خدمتون سرانجام ڏئي
رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت کانسواء ماضي ۾ هن مهراڻ ادبي فورم جو بنياد رکي ادبي ڪلاسن
۾ سکڻ ۽ سيکارڻ واري روايت کي جيئندان ارپيو هو ته وري محمد خان غني ادبي تنظيم، ڀٽائي
آرٽس ڪائونسل، ٽنڊو محمد خان آرٽس ڪائونسل، مهراڻ ادبي سٿ سنڌ، انجمن ترقي پسند
مصنفين جي سرگرمين ۾ سندس سهڪاري ڪردار قابل تعريف رهيو آهي. سماجي خدمتن کي به هن
عبادت جي لمحن جيان پسايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت شهر جي معروف سماجي
تنظيم “ساٿ فلاحي تنظيم” (سفت) ٽنڊو محمد خان جو ڪيترن ئي سالن پۡڄاڻان سرپرست
اعلي' آهي. منهنجي ساڻس شناسائي ايتري ئي پُراڻي آهي، جيتري منهنجي شعور سنڀالڻ جي
عمر آهي، ٻالڪپڻ کان ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز جي گرائونڊ تي نم جي گهاٽن
وڻن جي ڇانوَ ۾ هُو ڪرڪيٽ راند ۾ بيٽ بال سميت مون سان گڏ هو، جوانيءَ جي جوڀن ڏهاڙن
۾ هُو، مال پڙي جي هوٽل تي رات جو دير تائين چانهه جون گرم سُرڪيون ڀريندي به مون
سان گڏ رهيو، هاڻي سراسري عمر جي ٽئين حصي ۾ ادب جي خدمت وارو روشن ڏيئو هٿ جي
تِريءَ تي کڻي، مونکان ادبي قد ڪاٺ ۾ تمام گهڻو ڳرو هوندي به هُو مون سان گڏ ئي
شعور جي منزل جو اهڙو مسافر آهي، جنهن ۾ اسانجي همسفري ۽ همعصري مستقل مزاجي سان
قدم سان قدم ۽ ڪۡلهي سان ڪۡلهو ملائي ادبي سفر جو پنڌ پۡڄائي رهي آهي. تعميري
جمهوري حُسن سان ڀرپور، هن جي هر ادا اڄ به منهنجي لاءِ تجسس، اُتساهه، فراخدلي،
سهپ، برداشت ۽ وڏائي جو وڏ ڦُڙو مينهن آهي. جڏهن ۲۰۱۳ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو
محمد خان جي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو آئون کانئس پنهنجي سيڪريٽري شپ جي عهدي لاءِ ووٽ
جي واٽ ڳولڻ لاءِ وٽس ويو هوس ته هُن جي محبت ڀريي انداز وارا لفظ ڀلي کڻي ووٽ
خاطر کۡليل طور منهنجي حق ۾ نه هئا پر هُن جي سچائي، فراخدلي، وڏائي، جرئتمنديءّ ۽
بيباڪي مون ۾ اها سگهه ۽ قوت پيدا ڪئي هئي ته اهڙي دوست کي زندگيءَ جي باقي حصي جو
سچو ادبي رفيق ضرور بنائڻ گهرجي، اها تمنا جڏهن تڪميل تي پهتي ته اسانجي رفاقت جو
حُسن به تجلا ڏيڻ لڳو، سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جڏهن هُن دلي طور پنهنجو پاڻ
کي منهنجو ماتحت سمجهي، منهنجي ادبي ساٿ کي سُرهاڻ بخشي هئي ته الاءِ ڇو ان وقت به
هي شخص مونکي پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ نم جي وڻ جي ڇانوَ هيٺان گڏ راند ڪندي نظر آيو هو، جڏهن
هُو مسلسل ڇهن سالن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ۽ منهنجو سيڪريٽري
رهيو، هن وقت ضلعي رابطا سيڪريٽري آهي ته مونکي ائين لڳندو آهي ته اڄ به اسان مال
پڙي جي هوٽل تي گڏ ويهي سرد راتين ۾ چانهه جي گرم سُرڪين کي ڪنهن ساز جيان گڏ ڇيڙي
رهيا آهيون، هاڻي ذاتي وابستگيءَ واري ڳنڍ کان، اسانجي ادبي رفاقت واري ناتي جي ڳنڍ
وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي، ادبي دنيا جي سفر اسان جي راهن تي اهڙا گُل وڇائي ڇڏيا
آهن، جنهن جي خوشبوءَ اسانجي احساساتي رشتي کي وڌيڪ معطر ڪري چڪي آهي. ان سموري
ادبي سفر ۾ هاڻي ته اسان هڪٻئي کانسواءِ ڄڻ ته اڌورا ٿا ڀاسون، ان جي باوجود به،
جي هُو نه هوندو آهي ته سندس وجود کي آئون پنهنجي وجود جي شڪل ڏئي ڇڏيندو آهيان،
جي آئون نه هوندو آهيان ته هُو ادبي حوالي سان ڪٿي به منهنجي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏيندو
آهي ۽ جڏهن اسان ٻئي سنگت جي ساٿ ۾ سڀني سان گڏ هوندا آهيون ته هڪ اهڙي طاقت جو
تصور ذهن ۾ اُڀري ايندو آهي، جنهنکي مات ڏيڻ جي ڪير به همت ساري ناهي سگهندو. هُو
حوصلي ۽ همت جو هماليه آهي ته ساٿ جي سُندر باغ جي خوشبوءَ به آهي، هُو يارويسي ۾
يڪجا آهي ته دوستيءَ ۾ دلبري جهڙو وطن لڳندو آهي. جنهن دلبري جهڙي وطن سان هر ساڃاهه
وند جي سِڪ، اُڪير، چاهت ۽ محبت ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ئي محسوس ٿيندي آهي. هو آهي ئي
محبتون وارڻ جهڙو شخص، جنهن جون محبتون ماڻيندي ۽ جنهن تان محبتون واريندي دل ٻلهار
پئي ٿيندي آهي. من موجن ۾ اچي ويندو آهي، وجود اُتساهه جي طاقت سان مالا مال ٿي
ويندو آهي، اڄ ان فرد يعني پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن جهڙي شخصيت جو جنم ڏينهن آهي، جي
ها! پير آغا قدوس احمد جان سرهندي، جنهن کي اسان سڀ سائين آغا جان آغا جي نالي سان
سڏيون، پُڪاريون ۽ سُڃاڻون ٿا، اڄ ڌرتيءَ تي آغا جي زندگي جي آغاز جو ورجاءُ آهي،
اڄ هُن جو جنم ڏينهن آهي، سندس ان جنم ڏينهن تي کيس مُبارڪن جون مُرڪون چپڙن تي
سجائي، چاهت جون چُميون ڏيڻ لاءِ دل بيچين آهي، هونئن به اُڃ سان ئي اُڃ اُٿندي
آهي ۽ دل چوي ٿي ته سندس محبت واري اُڃ کي سيني ۾ سانڍي، ان مان لطف اندوز ٿيڻ
وارن لمحن کي ڪا طوالت ڏجي، جيڪا طوالت تاريخ جي ورقن ۾ اسانجي رُوحاني رفاقت جي
شاهد بڻجي پوي. جنهن جا ترانا صدين تائين گۡوجندا رهن، ان گۡونجار ۾ اسانجا حوالا
جاڙن ڪڪرن جهڙو اصطلاح بڻجي پون. اهو اصطلاح جيڪو اسانجي ايندڙ نسلن لاء به فخر
لائق اۡتساهه جو سبب بڻجي سگهي! شال اسانجو ذاتي، سماجي، ادبي سفر نئين نسل لاء ڪو
سۡونهون بنجي پوي.
(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۳ع)
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد
خان
اعظم ڀٽي
آغا جان آغا جو اصل نالو پير
آغا قدوس احمد جان سرهندي آهي. سندس والد جو نالو حافظ غلام محمد جان سرهندي آهي، ۱۸
ڊسمبر ۱۹۷۱ ع تي
پير محلا ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتائين، شروعاتي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين
سموري تعليم ٽنڊو محمد خان مان ئي حاصل ڪيائين، سنڌي ٻوليءّ جي هن ڀلوڙ شاعر ۱۹۹۰ع کان شاعري جي دنيا سان نينهن جو ناتو ڳنڍيو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس شاعراڻو
تعارف سموري سنڌ ۾ متعارف ٿي ويو، آغا جان آغا سنڌي ٻولي سان گڏ اردو شاعري تي پڻ
چڱي خاصي طبع آزمائي ڪئي آهي. توڙي جو کيس اردو شاعري سان دلي لڳاءۡ آهي پر سندس ڪثير
شاعري جي سۡندرتا سنڌي ٻولي ۾ ئي سمايل رهي آهي، شاعري جي شروعاتي سکيا نثار احمد
ناز کان ورتائين. جڏهن ته ٽکڙ سان وابسته سنڌي ٻولي جي مقبول شاعر نظير ٽکڙائي کان
ڪافي سکيا ورتائين. سندس ٻن مجموعن کان وڌيڪ شاعري اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهي.
شاعري جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، ان ۾ غزل، نظم، گيت، چئوسٽا، نثري نظم،
آزاد نظم شامل آهن. شاعريءّ سان گڏوگڏ نثر به ڏاڍو شاهڪار لکندو آهي. ڪجهه ڪهاڻيون
به سرجيون اٿائين. سندس تخيل جي پيداوار پنجاهه کان وڌيڪ ڪلام آڊيو جي صورت ۾ سنڌ
جي مختلف فنڪارن ڳايا آهن. جڏهن ته سندس پنجويهه کن ڪلام وڊيو جي صورت ۾ مختلف سنڌي
ٽي وي چئنلز تي نشر ٿي چڪا آهن. جن فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي، انهن ۾ حميرا چنه،
مقبول عارفاڻي، شهنيلا علي، ثريا سومرو، ديبا سحر، ثمينه ڪنول، زاهد شيخ، ماسٽر
فتح علي، الهڏنو خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، علي حسن سولنگي، الهڏنو جوڻيجو، شازيه
ترنم، ڪوثر ماروي، فرزانه بهار، جانب علي بلاولي، رفيق آس لغاري، ومل شرما، جان
محمد لغاري، مدثر بهراڻي، فضل لغاري، اياز لغاري، ماما غلام نبي "شاعر"
خاصخيلي، حاڪم علي رند ۽ ٻيا شامل آهن. سندس ڪلام ”اڃا رات آ، اڃا وڃ نه تون“ جيڪو
مقبول عارفاڻي ڳايو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو، ان کي ڪشش ٽي وي پاران بهترين ڪلام جو
ايوارڊ پڻ مليو. سندس کوڙ سارا ڪلام مشهور ٿيا. ”تون هجين، مان هجان، يار پوءِ ٻيو
ڇا کپي“ يا هي "اسان جي وفا کي نه سمجهو وفا تو." پڻ سنڌي موسيقي جي
چاهيندڙن جي دلپسند رهيا. جيڪي پڻ مقبول عارفاڻي ڳايا. سنڌي ادبي سنگت سان آغا جان
آغا جي ساٿ جو ادبي سفر چوٿائي صديءّ کان به گهڻو وڌيڪ آهي، ان سموري عرصي ۾ ۲۰۱۶ع کان ۲۰۲۲ع تائين شاخ ٽنڊو محمد خان جي
سيڪريٽري طور سندس مسلسل ڇهن سالن جي جاکوڙ ڄڻ ته صدين جي تاريخ لڳي ٿي، جنهن عرصي
۾ هن سنڌي ادبي سنگت ۽ ان سان سلهاڙيل دوستن، اديبن، دانشورن، شاعرن، سگهڙن ۽ فنڪارن
کي ڪڏهن به ادبي مورچي تي اڪيلائي جو احساس ناهي ڏياريو، دوستن جي سموري سٿ کي گڏ
کڻي، هن ادبي ماحول ۾ نين روايتن جا ڪيئي سج اڀاريا آهن، هو پنهنجي گۡوناگۡون
شخصيت کي چاهڻ جي باوجود به پوشيده نه رکي سگهيو آهي پر پنهنجن دوستن کي هر پليٽ
فارم تي پذيرائي ڏيارڻ، انهن جي هر لمحي حوصلا افزائي ڪرڻ ڄڻ ته سندس ڪرت بڻيل
آهي. ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع پنهنجي شاندار ادبي خدمتن جي بدولت سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جو
بنامقابلي ضلعي رابطا سيڪريٽر چونڊيو ويو. سنڌي ادبي سنگت کانسواء ماضي ۾ هن مهراڻ
ادبي فورم جو بنياد رکي ادبي ڪلاسن ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ واري روايت کي جيئندان ارپيو هو
ته وري محمد خان غني ادبي تنظيم، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل، ٽنڊو محمد خان آرٽس ڪائونسل،
مهراڻ ادبي سٿ سنڌ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرگرمين ۾ سندس سهڪاري ڪردار قابل
تعريف رهيو آهي. سماجي خدمتن کي به هن عبادت جي لمحن جيان پسايو آهي، اهو ئي سبب
آهي جو هو هن وقت شهر جي معروف سماجي تنظيم "ساٿ فلاحي تنظيم" (سفت) ٽنڊو
محمد خان جو ڪيترن ئي سالن پۡڄاڻان سرپرست اعلي' آهي. سندس شاعري ۾ رومانويت جو
عنصر ڪجهه سرس آهي پر ان سان گڏوگڏ مذمت، مزاحمت، سنڌ ۽ اٻوجهه مسڪين ماڻهو توڙي
انيڪ سماجي مسئلا سندس شاعري جا موضوع رهيا آهن.
آغا جان آغا جي چونڊ شاعري جو
نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
غزل
هڪ ڇوڪري چري ها چري ڇوڪري،
طعنا سَهي ٿي جڳ جا چري ڇوڪري.
چئي ٿي سوا تنهنجي نه هُجي جڳ ۾
ڪو،
آهي صفا چري ڪا چري ڇوڪري.
ڪريان ٿو ڳالهه هن جي پنهنجو پاڻ
سان،
چريو ڪري وئي آ چري ڇوڪري.
چريو ڪري چوين ٿو چري ڇوڪري،
ڪنّدين تون ياد چريا چري ڇوڪري.
هت شاعري ۾ پيار جي ٻئي نانءُ
کي،
مون پارا ڪي چون ٿا چري ڇوڪري.
***************************************************
گيت
مور جُهومي، نَچي تَن مَن،
ڇَن ڇَنا ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
چاندني ٿي ڍَڪي چُنري،
مُسڪرائي سَکي سُندري،
تيز دل جي ٿئي ڌڙڪن،
ڇَن ڇَنا ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
ساز سُر سان پيو ٺَهڪي،
ڇير ڇَمڪي دُهل ڌَمڪي،
ڌَن ڌَنڪ ڌَن، ڌَنا ڌَن ڌَن،
ڇَن ڇَنا ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
گيت لکجي ته ڪيئن لکجي،
تاب سونهن جي ته ڪيئن سهجي،
چنڊ جو ڄڻ هُجي جوڀن،
ڇَن ڇَنا ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
ساري گا ما، ري سا گا ما،
ٿا فضا ۾ ٽِلن نغما،
سَت رنگي رُت، ڪَڪَر بَرسن،
ڇَن ڇَنا ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
جام “ آغا ” هَلي پَل پَل،
دور اهڙو، رهي پَل پَل،
ڇوليون شل ڇُلن ڇَمڪن،
ڇَن ڇَنا ڇَن، ڇَنا ڇَن ڇَن.
***************************************************
نثري نظم
محترمه!
اهو ٺيڪ آهي ته اسين،
اوهان جي قابل ناهيون،
نه ئي ٻه چار قدم اوهان جو،
اسان سان هلڻ سونهين ٿو،
نه ئي منسوب اوهان جو نالو،
اسان جي نالي سان،
اوهان کي منظور ٿيندو،
ڪو پُڇي اسان جي سوانح زندگي،
ته ڇا ٻُڌائيندا!؟
هاري، نوڪر، مزدور، بيروزگار،
آواره مفلس يا شاعر!؟
ڪيڏي شرمندگي ٿيندي اوهان کي،
اسان جا تعارف، تخلص،
تڪلم ڪندا آهن ته،
شرافت اسان جي ڍَڪجي ويندي آهي،
برابر، اوهان دُرست آهيو،
اوهان انهن سان ئي سونهو ٿا،
جيڪي اوهان جي ڪُلهي برابر آهن،
زيب تن لباس، خوبرو، خوش باش،
غم کان ناآشنا، سُورن کان بي
خبر،
عزت دار سرمائيدار،
شاندار ماڙين وارا،
ڪو انهن جو تعارف،
ڪَرائي ته ڇا ڪَرائي،
لفظ کُٽي وڃن، تعريف نه کُٽي،
محترمه!
ناراض نه ٿيو ته ڪجهه چوان؟
اهي بغير دل جي زنده انسان آهن،
اهي جاندار جسم جا،
بي جان پاڇا آهن،
اوهان اسان جي جهان ۾،
ڪڏهن جهاتي پائي ته ڏسو،
اسان جي مغموم، بي قرار،
فضائن ۾ به ڪيڏو قرار آهي،
دل گهايل ئي سهي،
مگر منجهس پيار ئي پيار آهي.
***************************************************
نظم
"تو ۾ تون ناهين!"
آدمي جو مقام مَٽجي وڃي ٿو،
ڍنگ پوءِ رمز جو بَدلجي وڃي ٿو،
ڏينهن ايندڙ پيو ڀُڃي خواب
ساوا،
حال جي هُل ۾ ماضي وسري وڃي ٿو،
خواب سچّا اي دوست تنهنجا ٿين سڀ،
نيڻ ها ٻُوٽيا تنهنجي آسري مون،
پاڻ کي هَو ڇڏيو ڀَروسي تنهنجي
مون،
دل ڳڀا تو ڪرڻ کان پهرين نه
سوچيو،
آئون دنيا جي موڙ، رستن گهٽين
کان،
۽ هوا جي رُخن کان اڻ ڄاڻ
آهيان،
تون هُئين جيڪو، سو ته دنيا ۾
ناهي!
تو جو آهين، الائي سو ڪير آهي!؟
تون ته هوندو هئين، نه هوندي به
مون وٽ!
هاڻ هوندي به تنهنجي، تو ۾ تون
ناهين!
ڪاش! دل مان تنهنجي فنا سِڪ نه ٿي
ها!
سلسلو بي رُخي جو هلندو رهي ها،
تون سلامت هجين، هجين تا قيامت،
تون جَهان کي، جَهانُ توکي
مُبارڪ
No comments:
راءِ ڏيندا