آغا جان آغا
معشوقن جي مانُ واري شهر
جو معشوق شاعر
مٺل جسڪاڻي
اسان
کي يار فرصت نه ملي!
سوچيندا
به رهياسين،
روئندا
به رهياسين!
هڪ طرف
محل ٿا ڏسون،
ٻئي
طرف جهوپڙي ٿا ڏسون!
هيڏانهن
ٻار کي کير پياريندي،
فٽنيس
اثرانداز ٿيئي ٿي،
هوڏانهن
هُو ٻار کي ڇا پياري،
ڇاتي
کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي!
هيڏانهن
هزارن جو جوڙو،
شاهي دڪان
تان،
شام
تائين پسند نه آيو،
هوڏانهن
جوڙي جي چَتين کي،
ٽاڪيندي،
ٽاڪيندي،
بخين
جي جڳهه نه رهي!
هيڏانهن
لاشن کي به تحفا ملن،
هوڏانهن
بي ڪفن لاشا ڍَڪيا وڃن!
اسان
کي نه خبر آهي،
غمِ
جانان جي،
نه خبر
آهي،
اسان
کي اسان جي!
دردن
مان فرصت ملي ته،
نئين
به ٻُڌائينداسين،
پُراڻي
به ٻڌائينداسين...
