; سنڌي شخصيتون: مشهود قاضي - ڊاڪٽر قاسم راڄپر - اسد ممتاز رڏ

07 August, 2017

مشهود قاضي - ڊاڪٽر قاسم راڄپر - اسد ممتاز رڏ

مشهود قاضي
ڪئناڊا ۾ اچڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي
ملاقات: ڊاڪٽر قاسم راڄپر - اسد ممتاز رڏ
سوال: وقت وڏو قيمتي آهي توهان آءِ ٽي جا ماهر آهيو پر اهو ڪهڙو جذبو آهي جو توهاڻ چاهيو ٿا ته توهان هر وقت پنهنجن ماڻهن سان گڏ هجو؟؟
جواب: ڏاڍو سٺو سوال آهي، ڪافي ماڻهو اهو سوال ڪندا آهن، پر مان اهو ئي چوندو آهيان ته توهان جي زندگيءَ جا ٽي اهم فيز آهن.


پهريون فيز، جڏهن توهان عملي زندگيءَ ۾ ايندا آهيو ته توهان پنهنجي باري ۾ سوچيندا آهيو، ته ڪيئن بهتر ڪم ڪيان، ڪيئن گھڻو پڙهان، ڪيئن وڌيڪ پيسا ڪمايان. مطلب ته پنهنجي پاڻ کي بهتر کان بهتر ڪيان.
ٻيو فيز، اهو هوندو آهي جنهن ۾ توهان پنهنجن ٻارن جي باري ۾ سوچيندا آهيو ته انهن کي بهتر تعليم ڪيئن ڏيارجي، انهن جي روشن مستقبل لاءِ قدم کڻڻ گھرجن، وغيرھ وغيرھ.
ٽيون اهو فيز آهي، جيڪو ٻئي فيز سان گڏو گڏ هلي ٿو. هڪ سوچ توهان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندي آهي ته پنهنجي پاڻ لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو آهي پر منهنجي ذات مان ڪنهن ٻئي کي ڪهڙو فائدو ٿيو آهي ۽ اها سوچ جڏهن توهان تي مسلط طاري ٿي وڃي ته پوءِ ائين ٿيندو آهي، مون 2002 ۾ اهو سوچيو ته خدا مون کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، اسان ۽ اسان جي والدين جيڪا غربت واري زندگي گذاري. اسان انهن لارين تي سفر ڪيوسون جن لارين تي ٿر جا غريب ماڻهو سفر ڪندا آهن. اڄ به مون کي ان غربت واري زندگي تي فخر آهي. ان جي باوجود، اسان جي والدين اسان کي ڪيڊيٽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ لاءِ موڪليو ۽ حيدرآباد ڪاليج ۾، انهيءَ وقت اسان جهڙن ماڻهن لاءِ حيدرآباد ڪاليج وڏي ڳالهه هئي.
هاڻ جڏهن مان پنهنجي ٻارن کي ڏسان ٿو ته انهن کي هن کان به بهتر تعليم ڏياريان. انهيءَ سلسلي ۾ ڪينيئڊا وياسون، اتي انهن کي بهتر تعليم ملي ٿي، بهتر رهنمائي ٿئي ٿي، پر منهنجي ٻارن سان گڏ سنڌ جي ٻين ٻارن جو به حق آهي ته انهن کي بهتر تعليم ملي، بهتر رهنمائي ملي، جئين انهن جو به مستقبل روشن ٿئي. انهيءَ سوچ جي ڪري منهنجو سماجي ڪم ڏانهن لاڙو وڌندو ويو.
سوال: قاضي صاحب، مون سميت هر ماڻهوءَ جي خواهش آهي ته هو ٻاهر زندگي گذاري پر انهيءَ لاءِ سڌا ۽ صاف رستا ڪهڙا آهن؟؟
جواب: انهيءَ لاءِ ٽي رستا آهن. هڪڙو اهو جو توهان هائير ايجوڪيشن لاءِ وڃو. ڪئنيڊا هڪ لبرل ملڪ آهي، اتي اسٽيٽ ايجوڪيشن آهي، اگر توهان ۾ ٿوري به ميرٽ آهي ته پوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا جو به ڪو ايڏو مسئلو ڪونهي. هاڻ توهان آيا، سال يا ٻن سالن لاءِ. پر ڪئينيڊا جي حڪومت طرفان هڪ قانون اهو به آهي ته اگر توهان جي پوسٽ گروئجيٽ ٿيل آهي ۽ توهان کي سال يا ٻن سالن جو تجربو آهي ته ڪئنيڊا حڪومت توهان کي ٻن سالن لاءِ ورڪ پرمٽ جاري ڪندي. انهيءَ دوران توهان اميگريشن لاءِ درخواست ڏيو، ڇهن مهينن يا سال اندر، توهان جي اميگريشن ٿي ويندي.
ٻيو رستو اهو آهي ته؛ هاڻ ڪئيندا ۾ اسڪلڊ ورڪرز ايميگريشن جو سلسلو هلي پيو، جنهن ۾ مختلف شعبن جي ماڻهن جي ڪئينڊا کي هميشه ضرورت رهي آهي. جنهن ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، فنانس جا ڄاڻو، آئي ٽي ماهر، نرسنگ وغيره وغيره. توهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڪئينيڊا جي ايميگريشن جو فارم ڀريو. انهي لاءِ ڪنهن ٺڳ کان صلاح وٺڻ جي بجاءِ توهان پنهنجو پاڻ فارم ڀريو. هتي جيڪي ٺڳ آهن سي توهان کي وڏا خواب ڏيکاريندا ته بس رڳو ٽي لک رپيا ڏيو توهان جو ڪم ٿي ويندو. انهن ٺڳن کان بچڻ گھرجي. ان ۾ ڪا راڪيٽ سائنس ڪونهي، اسان جا دوست انهيءَ سلسلي ۾ مشوري لاءِ هر وقت موجود آهن. ٽيون آهي واپار جي ڪم جي حوالي سان. اگر توهان وٽ ايترا پيسا موجود آهن ۽ توهان پنهنجي واپار جي سلسلي ۾ اتي اچڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پنج لک ڪئنيڊين ڊالرز ۾ توهان کي ايميگريشن ملي ويندي. پر ان لاءِ ڪجهه شرطون موجود آهن. جنهن ۾ جڏهن توهان پنهنجو پهريون ڪاروبار شروع ڪندا ته توهان کي ٻه يا ٽي ڪئينڊين کي نوڪري ڏيڻي پوندي. پوءِ سالياني، انهيءَ جي آڊيٽ ٿيندي ته توهان ڪهڙي نموني سان واپار ڪريو پيا. پوءِ جيئن انهن جون گھرجون پوريون ٿينديون آهن ته پوءِ توهان کي شهريت ملي ويندي آهي. اهو به ڪو برو سودو ناهي.
سوال: ڪئنيڊا ۾ ماسٽر پروگرام، اي ۽ بي ڪيٽيگري، جي يونيورسٽين جي ڪيتري فيس آهي؟؟
جواب: آمريڪا جيان ڪئينڊا ۾، خانگي يونيورسٽيون ڪو نه آهن. ٻاهرين شاگردن لاءِ، منهنجي خيال ۾ پنجويهن کان ٽيهه هزار ڊالرز آهي. انهيءَ ۾ ڪن جاين تي رهائش هوندي آهي ۽ ڪن جاين تي رهائش جو بندوبست پاڻ کي ڪرڻو پوندي آهي.
سوال: ٻن سالن جي تعليمي پروگرام دوران ڪيتري عرصي کان پوءِ ان شاگرد کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت ملندي آهي؟
جواب: نوڪري ته هو پهرئين ڏينهن کان ڪري سگھي ٿو. اها مان سمجهان ٿو مهيني ۾ چاليهه ڪلاڪ جو شرط آهي. توهان ايترا ڪلاڪ ڪم ڪري سگهو ٿا.
سوال: ڪهڙن شعبن جي ڪئنيڊا ۾ وڌيڪ ضرورت آهي؟
جواب: سائين ڪنهن دور ۾ البرٽا جي صوبي ۾ چوندا هئا ته تيل ۽ گيس جي شعبي جي ماڻهن لاءِ جنت آهي. جنهن ۾ سول انجنيئر به کپن، ميڪينيڪل انجنيئر به کپن، پر هن وقت جيئن پوري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي جي ڪري انهن شعبن ۾ به گھٽتائي آئي آهي، پر تنهن هوندي به انهن شعبن جي اهميت برقرار آهي. پر فنانس ۽ آءِ ٽي اهڙا شعبا آهن جنهن ۾ هينئر تائين ڪا گھٽتائي ڪونهي آئي.
سوال: جيئن ته توهان آءِ ٽي جا ماهر آهيو ته اهو ٻڌايو ته اسان جي شاگردن ۾ ڪهڙيون گھٽتايون آهن ۽ انهن کي ختم ڪئين ڪرڻ گھرجي؟؟
جواب: سائين ڳالهه آهي ڏک جي پر چوڻ به ضروري آهي، مان هتي مهراڻ يونيورسٽي ۾ آءِ آٽي جي شعبي ۾ صحلاڪار طور رهيو آهيان. اسان فائنل سال جي نوجوانن جون ٿيسزز ڏسندا هئاسين ۽ پوءِ وري انهن کي نوڪريءَ جي آڇ به ڪندا هئاسين. مون هتي اسان جي نوجوانن ۾ ٻه شيون ڏٺيون، جيڪي فقط آءِ ٽي جي نوجوانن ۾ نه بلڪ سمورن شعبن جي نوجوانن ۾ اهي ساڳيون گھٽتايون موجود آهن.
پهريون اهو آهي ته، اسان جي سنڌي نوجوانن ۾ اعتماد جي ڪمي آهي ۽ ٻيو انگريزي بهتر ناهي. هو انگريزي ائين ڳالهائيندا آهن جيئن فرينچ ڳالهائيندا هجن.
هاڻ اسان جا ڪمال جا شاگرد به پنهنجي ڄاڻ بيان نه ڪري سگھن ته اهو بهتر ناهي. توهان جي قابليت ۾ اگر ٿوري ٿڪي گھٽتائي به هلي ويندي پر اگر توهان پنهنجي قابليت جو اظهار ئي نه ڪري سگھو ته اهو ڏاڍو پوءِ مشڪل ٿي وڃي ٿو.
سوال: قاضي صاحب ان ڪمي کي ختم ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟
جواب: اها ڪمي ختم ڪرڻ انهن ادارن جي ذميواري آهي، جن ادارن ۾ اهي نوجوان پڙهن ٿا. اسان کي ڪتاب رٽڻ واري سوچ ختم ڪرڻي پوندي. برطانيه جي تعليمي سسٽم جيان اسان کي پنهنجو تعليمي سسٽم به تبديل ڪرڻي پوندو.
سوال: ڪئينڊا اندر ڪهڙن شعبن جي وڌيڪ کپت آهي؟
جواب: هڪ ته يونيورسٽي جي سڀني شعبن جي کپت آهي. ٻيو جنهن اسڪلڊ جا شعبا آهن جيئن وڏين گاڏين جا ڊرائيور، نرسنگ، پلمبر، واڍو وغيره وغيره انهن شعبن جي وڌيڪ کپت آهي.
سوال: قاضي صاحب! ڪئنيڊا جهڙي مصروف ملڪ ۾ توهان تمام گھڻا متحرڪ آهيو. توهان اتي وقت ميئنيج ڪيئن ڪندا آهيو؟
جواب: اهو ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. پر اگر توهان جي ڪنهن مقصد سان ڪمٽمينٽ آهي ته توهان لاءِ اهو سڀ ڪجهه آسان ٿي ويندو آهي.
سوال: ڀلا ڪئينڊا ۾ سنڌ جي ڪهڙي شيءِ ڏسي توهان بيچين ٿي ويندا آهيو؟
جواب: ماڻهن جي مسڪيني، غربت، ڪڏهن آءٌ اهڙا فوٽو ڏسندو آهيان ته ڪو ٻار وڻ جي هيٺان پيرن اگھاڙو ويٺو آهي ۽ پڙهي ٿو، يا ڪو ٻار خيرات وٺي ٿو، ته سوچيندو آهيان؛ انهن ٻارن جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ ٻيو اسان جو سسٽم انهن لاءِ ڇا پيو ڪري، افسوس ٿيندو آهي.
سوال: قاضي صاحب! توهان جا سنڌ اندر، ڪهڙا پروجيڪٽ هلن پيا؟
جواب: ڪافي سارا پروجيڪٽ هلن پيا. ڪجهه سانا جي پليٽ فارم تان ۽ ڪجهه وري ٻين پليٽ فارمس تان. ٿر اندر تقريبن پوڻا چار سو نلڪا لڳايا ويا آهن. سنڌ اسڪلڊ ڊولپمينٽ پروگرام، سنڌ اسڪول سسٽم، سنڌي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو پروگرام هلي رھيا آھن ۽ ٻيا به ڪجهه پروگرام آهن.
سوال: سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟؟؟

جواب: توهان وٽ صلاحيتون تمام گھڻيون آهن. توهان جي سامهون هڪ پرائمري جي بنچن وارو ڇوڪرو اگر ڪئينڊا ۾ ڪامياب زندگي گذاري سگھي ٿو ته توهان به اهو سڀ ڪجهه ڪري سگھو ٿا. پنهنجي مقصد سان سچائي هجڻ گھرجي، انگريزي سٺي ڪريو. ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيڻو.

No comments:

راءِ ڏيندا