; سنڌي شخصيتون: پارو چاولا - ڊاڪٽر قاسم راڄپر

04 August, 2017

پارو چاولا - ڊاڪٽر قاسم راڄپر

پارو چاولا
سڄي حياتي سنڌيت کي ارپيندڙ
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪا، شاعرا ۽ سماجي ڪارڪن ۽ ڳائڻي پارو چاولا، ۱۹ جولاءِ ۱۹۳۲ع تي سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو. سندس والد ڏيپچند لالواڻي اصل ۾ سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ ريلوي ۾ ملازم هو. پارو چاولا جو ننڍپڻ سيوهڻ ۾ گذريو. هن جو اصل نالو پاروتي آهي.


هوءَ ۱۵ سالن جي عمر ۾ ملڪ جي ورهاڱي وقت ڀارت هلي وئي، جتي سندس ٺاڪر چاولا سان ۱۹۴۹ع ۾ شادي ٿي. پارو چاولا، مئٽرڪ پاس آهي. سندس مشغلو شاعري ڪرڻ ۽ مضمون لکڻ رهيو. سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ’ساهڙ لهج سنڀار‘، (۱۹۶۸ع)، ’جيئري لاهه زنجير‘، ’پوءِ پروڙيم پنڌ‘، ’رک جهولڻ تي‘ (۱۹۸۸ع)، ’آءٌ اڪيلي‘، (۱۹۹۲ع)، ’چونڊ سنڌي ڪلام ۽ ڏوهيڙا‘ (۱۹۹۲ع)، ’ستر مڻڪا‘، (۲۰۰۰ع) ۽ ‘Drashand- Drashand’. انهن مان ڪجهه سندس شاعريءَ جا مجموعا ۽ ڪجهه صوفي ڪلامن جي سهيڙ تي مشتمل نثري ڪتاب آهن. سندس ڪتاب ’آءٌ اڪيلي‘ تي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ طرفان انعام مليل آهي. پارو چاولا کي راڳ ۽ سنگيت سان وڏو چاهه هيو.
هن ممبئيءَ ۾ باقاعدي سنگيت جي سکيا ورتي. شاهه لطيف، سچل سرمست، بلهي شاهه، سامي، شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ ڪيترن ٻين شاعرن کي ڳايو اٿس. هن ۱۵ سالن تائين انڊيا ريلوي ۾ هيڊڪلارڪ طور ملازمت ڪئي. ان کان سواءِ هندي ٻوليءَ جي انسٽرڪٽر پڻ رهي. جهڙيءَ ريت رام پنجواڻي سنڌيت کي ترقيي وٺرائڻ لاءِ گهڻ رخو ڪم ڪيو، ساڳئي ريت هن به سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ گهڻ پاساوان ڪم ڪيا آهن.

رام پنجواڻيءَ جي مرتيي کانپوءِ هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ’سيتا سنڌو ڀون‘ ممبئيءَ جو وهنوار هلائيندي هئي، هن اُتي هر پندرهين ڏينهن سنڌي ثقافتي شو ڪرائڻ جو سلسلو جاري رکيو، پر ٺاڪر چاولا جي لاڏاڻي بعد ان سلسلي ۾ ڪجهه ماٺار آئي.پر هوءَ ضعيف هئڻ جي باوجود سنڌيت جي لاٽ هٿ ۾ کنيو ويٺي رهي. هاڻي سندس ڌيءُ شوڀا سيتا سنڌو ڀون جو وهنوار هلائيندي آهي. -پارو چاولا- جا ڪيترا سنڌي ڪلام ڀارت ريڊيو ۽ ”دور درشن“ ٽي ويءَ تان هلي چڪا آهن. سندس ڪلامن جون پنج آڊيو ڪيسٽون آيل آهن. پارو ۽ ٺاڪر چاولا فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اڌ صديءَ جي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجو وطن سنڌ گهمڻ آيا هئا.

No comments:

راءِ ڏيندا