; سنڌي شخصيتون: وفا مولابخش قنبراڻي- مٺل جسڪاڻي

19 August, 2017

وفا مولابخش قنبراڻي- مٺل جسڪاڻي

وفا مولابخش قنبراڻي
انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
ڳالهيون ڪي روبرو، ته ڪي پرپٺ ٿينديون آهن. اڄ ڪلهه ڳالهيون ڪرڻ جا ٻيا به ذريعا بنجي پيا آهن. ڪجهه ڳالهيون آواز وسيلي، ته ڪي وري لکي پڙهي ڪبيون آهن. لک پڙهه جو پراڻو طريقو هڪ ٻئي ڏانهن خط لکڻ وارو آهي. جديد طريقن ۾ اڄ ڪلهه هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائيل ۽ لکيل پڙهيل وٽ انٽرنيٽ جو ذريعو آهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ دنيا جهان لاءِ انتهائي ڪم واري ايجاد آهي، پر پاڻ وٽ انهن ٻنهي بهترين ايجادن جو غلط استعمال عام آهي. البت ڪجهه ماڻهو، ان جو ڪنهن حد تائين سٺو، ڪارائتو استعمال به ڪندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ، آئون پنهنجي گهر اڱڻ ۾ ويٺو هئس ۽ وفا مولابخش قنبراڻي به شايد ان ويل مون وانگر واندو ويٺو هو. هن مون ڏانهن شيخ اياز جو غزل موبائيل نياپي طور موڪليو، اتان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ هڪ عجيب ۽ غريب، بي ترتيب ڪچهري شروع ٿي وئي.


وفا مولابخش سان روبرو منهنجي صرف هڪ مختصر ملاقات آهي، اها به سنڌ جي مشهور شاعر آسي زميني جي والده ماجده جي وفات تي، دعا گهرڻ لاءِ تڏي تي ٿي ۽ پوءِ ٽنڊوقيصر کان ٽنڊوڄام گڏجي اچڻ تائين هلي. ان کانپوءِ هاڻي ڪنهن مهل فيس بوڪ، ته ڪنهن مهل موبائيل وسيلي رابطو آهي. ان ڏينهن، اسان بنا ڪنهن ارادي جي هڪ ٻئي سان ڪجهه سوال جواب ڪيا، جن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به ڪيون، جيڪي اوهان مهربان پڙهندڙن جي پڙهڻ لاءِ مون کي ڪارائتيون لڳيون، ان ڪري هتي حاضر خدمت آهن. هي ڳالهيون ڪجهه چڱيون لڳن ته هينئين سان هنڍائجو، نه ته وساري ڇڏجو، اسين ٻئي، وقت ڪڍي هي ڪچهري پڙهڻ تي، اوهان جا اڳواٽ ٿورا مڃي ٿا ڇڏيون.
سوال: ”اوهان ادب ۾ ڪڏهن پير پاتو ۽ اديبن بابت ڪڏهن کان ڄاڻڻ شروع ڪيو؟“
جواب: ۶ ڪلاس ۾ ۱۹۹۳ع ۾ ٻاراڻو ادب پڙهڻ سان شروعات ٿي. سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن جو سرواڻ سائين اسرار شام ادب طرف وٺي آيو. ان سان گڏ رهڻ ڪري مختلف اديبن سان ملاقاتون ٿيون. ان کان پوءِ ۱۹۹۴-۹۵ ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوقيصر جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيو. جتي استاد آسي زميني کان گهڻو سکڻ جو موقعو مليو.“
سوال: ”ادب ۾ اوهان نظم يا نثر کي ويجها رهيا؟ اوهان ڇا ڇا ۾ ڇپيا، ڪنهن ڳايو، اوهان جو ڪو ڪتاب يا مجموعو آيو آهي؟
جواب: ”لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي. ڪهاڻيون به ڪجهه ٻارن لاءِ لکيون آهن. اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڪجهه مضمون به لکيا پر گهڻو رجحان شاعري طرف آهي. ڪتاب اڃا ڇپيو ناهي. سنڌي ٻولي اختياري پاران ٻاراڻي شاعري جو هڪ مجموعو ”پوپٽ رنگ رنگيلا“ ڇپائي هيٺ آهي.“ وفا اهو به لکيو ته ”منهنجون لکڻيون سنڌي ٻارڙا، ماهوار گلڙا، ماهوار روشن دنيا، ادا سائين، ماهوار گلستان، ساٿي، ٽماهي مهراڻ، ماهوار سوجهرو، ماهوار امرتا، پچار، عبرت ميگزين، هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، هالار ڊائجيسٽ، ادبي منظر، سوڀ سنڊي ميگزين، سارنگا، ماهوار ادب، ماهوار ڪينجهر، روزاني ڪاوش، هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، عبرت، سنڌو، خبرون، سڪار، فيصلو، مهراڻ، سنڌ نيوز وغيره وغيره ۾ ڇپيون آهن. ان کان علاوه مهراڻ ٽي وي جي ادبي پروگرام ”ساهت رس“، ڪي ٽي اين تي محفل مسالمه ۽ محرم الحرام جي حوالي سان ٿيل پروگرامن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ادبي پروگرامن ۾ به بحيثيت شاعر جي شاعري پڙهي اٿم.
سوال: اوهان کي پهريون مجموعو ڇپجڻ جون مبارڪون. اوهان جي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو سلسلو سُست يا چُست، جاري يا ساهين سان پيو هلي؟“
جواب: ”خير مبارڪون. ۲۰۰۱ کان اخبارن ۽ ۲۰۰۹ کان سنڌي ٻولي اختياري ۾ نوڪري جي ڪري، لکڻ جو سلسلو ٿورو سُسُت ٿيو آهي، پر هلي پيو ۽ هلندو رهندو. وڏن لاءِ به شاعري جو مجموعو تيار آهي. ڪمپوز ٿيو پيو آهي. انشاءَلله اهو به جلد امرتا يا ڪويتا پبليڪيشن طرفان اچي ويندو“.
سوال: ”اظهار جسڪاڻي اڪثر پڇندو آهي ”وفا“ تخلص ججهن شاعرن جو آهي، تخلص وارا وفا گُهرن ٿا يا ڪرڻ جا خواهشمند هوندا آهن، ڇا چاهيندا آهن؟ اوهان جو جواب ڪهڙو هوندو؟“
جواب: ”ڏاڍو دلچسپ سوال ڪيو اٿو. وفا تخلص وارن ٻين شاعرن بابت مونکي خبر ناهي، ته اُهي ڇا ٿا چاهين، پر آئون ذاتي طور ٻنهي شين جو قائل آهيان. وفا جو گهرجائو به آهيان، ته وفا ڪرڻ به چاهيان ٿو.
سوال: ”ليکڪ، شاعر ۽ عام ماڻهو ۾، اوهان جي نظر ۾ ڪو فرق آهي يا نه، هجڻ کپي يا نه؟“
جواب: ”جسماني لحاظ کان ليکڪ، شاعر ۽ عام ماڻهو ۾ ڪو فرق نه آهي، اهي هڪ جهڙا آهن. فقط هڪ شي آهي، جيڪا عام ماڻهو ۽ ليکڪ ۾ فرق ڪري ٿي. اهو آهي سوچڻ جو انداز. جي، ها، اهو فرق هجڻ کپي، جي ختم ٿي ويو ته پوءِ ليکڪ ۽ شاعر به عام ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندا.“
سوال: سندن اظهار ڪرڻ جي انداز ۾ به فرق آهي... اوهان جو ڪو اهڙو اظهار (نظم يا نثر)، جنهن تي بحث گهڻو ٿيو هجي، يا پسند گهڻو ڪيو ويو هجي، يا وري اوهان جي نظر ۾، اوهان جو ڪو شاهڪار نظم، مضمون يا ڪهاڻي؟“
جواب: ”ٻارن جي ليکڪن جي هڪ مقابلي ۾ ”ننڍي عمر ۾ شادين“ جي موضوع تي هڪ ڪهاڻي لکي هئي ”ننڍڙو گهوٽ“. ان مقابلي جو جج عبدالقادر جوڻيجو صاحب هو. ان ڪهاڻي کي تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ پهريون نمبر قرار ڏنو. عورتن جي مسئلن تي هڪ ٻئي مقابلي لاءِ مضمون لکيو هو. ان کي سائين تاج جويو صاحب تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ پهريون نمبر قرار ڏنو. منهنجي شاعري اڃا ڪنهن به نه ڳائي آهي. مونکي پنهنجي شاعري الاهي وڻي ٿي، چونڊ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.“
سوال: ”هي سوال جواب الائي ڇو ٿيا؟ مونکي عجب آهي، اوهان کي ڇا پيو لڳي؟“
جواب: ”مون ان باري ۾ ڪجهه سوچيو ئي نه. اوهان سوال پڇيا، ته جواب ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا.“
سوال: ”ڪا مڃتا، ڪا سَنَد يا ڪو ايوارڊ مليو آهي؟“
جواب: ”جي ها. ماهوار ساٿي طرفان ۲۰۰۳ ۾ بهترين ٻاراڻي شاعر جو ايوارڊ، ماهوار نٽ کٽ طرفان. بهترين ڪهاڻي ۽ بهترين مضمون نگار جي شيلڊ. سنڌي ٻولي اختياري پاران بهترين ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ تي مڃتا سرٽيفڪيٽ. ٻالڪ ادب فورم سنڌ، سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن ۽ گل ڦل پاران پڻ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آهن.“
سوال: ”مٽي مائٽي، سنگت ساٿ، سماجي لاڳاپن ۽ سرگرمين، عام ماحول، موبائل، انٽرنيٽ، پرائيويٽ ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڪردار ۽ عام ماڻهو تي اثر بابت، ليکڪ ۽ پڙهندڙ هڪ ٻئي جي گهرجن کان ڪيترو واقف آهن ۽ هڪ ٻئي جي ضرورت پوري ڪن پيا يا نه؟“
جواب: ”ادب سماج ۾ ٿيندڙ وارتائن جو عڪس آهي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا هلندڙ دور جي اهم ضرورت بڻجي ويا آهن. مٽن مائٽن، دوستن کان ويندي پڙهائي جهڙن اهم ڪمن تي، ٽي وي، نيٽ ۽ موبائيل جو اثر واضع آهي، اسان جا ليکڪ ان کان باخبر آهن. ان جو مثال هن دور ۾ ٽي وي تي هلندڙ ڊرامن ذريعي سمجهي سگهجي ٿو.“
هن ڪچهري دوران مون کي خبر پئي ته وفا جو پسنديدهه ليکڪ امر جليل ۽ پسند جو ڪتاب ”دل جي دنيا“ آهي. وڻندڙ فنڪار عابده پروين، دل گهريو فڪر، نظريو اٿس ”انسان دوستي“. رنگ بِلُو، موسم سيارو، خوشبو Eternal Love، وڻندڙ منظر ”پهاڙن پويان سج لهڻ جو منظر“، ميڙاڪو پڇيم ته چيائين ”دل واري دوست سان ڪچهري“. لباس بابت وراڻيو ”جيڪو موقعي جي مناسبت سان بهتر لڳي“، خوراڪ ۾ ”چانورن جي ماني ۽ مڇي جو ٻوڙ“ وڻيس ٿو...
اسان وچ ۾ ٿيل هي يادگار ايس ايم ايس ڪچهري جنهن سوال پڇڻ تي بيهجي وئي، اهو هو ”آئون الائي ڇو ايترا سوال پڇي ويس، هاڻي اوهان سمجهو ته مون اوهان کان ڪو سوال پڇيو آهي، اُن جو جواب ڏيو. منهنجو مطلب آهي ته اوهان پاڻ کان مٺل ٿي ڪو سوال پڇيو ۽ پوءِ وفا ٿي جواب ڏيو.“ وفا ورندي ۾ لکيو ”ها، سوچيان پيو، سمجهه ۾ نه پيو اچي، ته ڪهڙو سوال پڇان؟“ مون سندس مدد نه ڪئي، هو وڌيڪ نه ڪڇيو، هاڻي جتي هجي، خوش هجي، آمين.
وفا کي ڀلي ته سندس هر شعر (گيت، غزل، وائي، نظم، آزاد نظم وغيره) وڻي، پر اوهان سندس هي غزل پڙهو:
ڀيد الفت جو نه ڪو ڄاڻي سگهيو
۽ ڇنل دل کي نه ڪو واڻي سگهيو
ڪوششون ڪيڏيون ڪيون سج ڀي مگر،
تو اڳيان سينو نه هو تاڻي سگهيو.
ويا ته پروانا جلي سڀ خاڪ ٿي،
شمع کي ڪو به نه ماڻي سگهيو.
ڪيترو مون هو چيو يارن کي پر،
ڪو به دلبر نه هتي آڻي سگهيو.
منهنجي جيون جي مٽيءَ ۾ ڏک مليل،
ڪو مسيحا ڀي نه آ ڇاڻي سگهيو.
عشق هي جو آ ازل کان ڀي اڳي،
سو نه سمجهي آ ”وفا“ هاڻي سگهيو.
***
سنجها جي بدن تي ستارا ٿا سُڏڪن.
ستل سمنڊ جاچي ڪنارا ٿا سُڏڪن.
سنڌوءَ جي ڪناري ڏسي هيڪلو اڄ،
سنڌوءَ جا سمورا نظارا ٿا سُڏڪن.
جڏهن چنڊ چوڏهينءَ جو روشن ٿئي ٿو،
چٽي چاندنيءَ منجهه چارا ٿا سُڏڪن.
دنيا جي، هٿان جي، مليا جي، اُڌارا،
ٻه ٽي ٽهڪ سي ئي اُڌارا ٿا سُڏڪن.
ڏسي مسجدن ۾ نمازين جا لاشا،
هي محراب منبر مُنارا ٿا سُڏڪن.
سندءِ آس ۾ اڄ به ڪيئي او سائين!
”وفا“ پارا پاڳل پيارا ٿا سُڏڪن.
***
مهربان صبح شام نيڻن جا
روز آڇين ٿي جام نيڻن جا
جن نه ڄاتو ڪڏهن محبت کي،
سي ڪيئن پڙهندا پيام نيڻن جا.
روز ڳڙکيءَ مان ٿي مُڪين مون ڏي،
سونهن مُرڪي سلام نيڻن جا.
چهري چهري جو ورق واريندي،
مون پڙهيا پي ڪلام نيڻن جا.
حافظي ۾ اچي رهيا آهن،
اڄ به ڪيئي غلام نيڻن جا.
شعر جيڪي ”وفا“ لکيا آهن،
سي ته آهن انعام نيڻن جا.
***

(سندر صفحو، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۱۸ جون ۲۰۱۳ع)

1 comment:

  1. تمام بھترين قابليت جي شخصيت وفا مولا بخش صاحب آھن الله رب العالمين سائين کي وڏي ڄمار۽ عزت ترقي عطا فرمائي آمين

    ReplyDelete