; سنڌي شخصيتون: وفا، مولابخش، قنبراڻي، انٽرويو، مٺل جسڪاڻي،
Showing posts with label وفا، مولابخش، قنبراڻي، انٽرويو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label وفا، مولابخش، قنبراڻي، انٽرويو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

19 August, 2017

وفا مولابخش قنبراڻي- مٺل جسڪاڻي

وفا مولابخش قنبراڻي
انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
ڳالهيون ڪي روبرو، ته ڪي پرپٺ ٿينديون آهن. اڄ ڪلهه ڳالهيون ڪرڻ جا ٻيا به ذريعا بنجي پيا آهن. ڪجهه ڳالهيون آواز وسيلي، ته ڪي وري لکي پڙهي ڪبيون آهن. لک پڙهه جو پراڻو طريقو هڪ ٻئي ڏانهن خط لکڻ وارو آهي. جديد طريقن ۾ اڄ ڪلهه هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائيل ۽ لکيل پڙهيل وٽ انٽرنيٽ جو ذريعو آهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ دنيا جهان لاءِ انتهائي ڪم واري ايجاد آهي، پر پاڻ وٽ انهن ٻنهي بهترين ايجادن جو غلط استعمال عام آهي. البت ڪجهه ماڻهو، ان جو ڪنهن حد تائين سٺو، ڪارائتو استعمال به ڪندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ، آئون پنهنجي گهر اڱڻ ۾ ويٺو هئس ۽ وفا مولابخش قنبراڻي به شايد ان ويل مون وانگر واندو ويٺو هو. هن مون ڏانهن شيخ اياز جو غزل موبائيل نياپي طور موڪليو، اتان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ هڪ عجيب ۽ غريب، بي ترتيب ڪچهري شروع ٿي وئي.