; سنڌي شخصيتون: امير احمد کوسو- مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

امير احمد کوسو- مٺل جسڪاڻي

امير احمد کوسو
مجبوري ۾ نوڪري ۽ شوق ۾ شاعري ڪندڙ شاعر
انٽرويو: مٺل جسڪاڻي

منهنجي نظر ۾ امير احمد کوسو عام فيس بوڪ شاعر آهي، ڪڏهن ٻار ٿو لڳي، ڪڏهن ٻڍو ٿو محسوس ٿئي، اڪثر روايتي عاشق مزاج ڇڇورو نوجوان ٿيو پوي. مون سندس انٽرويو کيس کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ وٺڻ پئي چاهيو. مون اڪيلي انٽرويو وٺڻ جو ارادو ڪيو هو، پر سوچيم ته ڪو ٻيو دوست به سوال ڪري ته بهتر ٿيندو، ڇو ته آئون ڪو گهڻو ڄاڻو ۽ هوشيار نه آهيان. بهرحال، کانئس پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب اوهان جي نظر...


تعارفي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اميراحمد کوسو ولد ڳهڻو خان کوسو، پيدائش جو هنڌ: ڳوٺ رئيس قربان علي خان کوسو، لڳ درگاهه سمن سرڪار، پنگريو شهر، ضلعو بدين، پيدائش جي تاريخ ۰۳ آگسٽ ۱۹۵۶ع آهي.
هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول پنگريو، ۰۷ ۽ ۰۸ ڪلاس هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان ۽ مئٽرڪ تلهار مان ڪئي. فرسٽ ييئير ۽ انٽر ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ڪئي. غريبي حالتن کيس نوڪري ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
هن ٻڌايو ته پهرين باواني شوگرمل ۾ سيزنل ڪلرڪ ڀرتي ٿيس. ۱۹۷۹ع ۾ ٺٽو شوگرمل جوائن ڪيم. ان دوران بي اي ۽ ايم اي ڊگري ڪاليج ٺٽو مان پاس ڪيم. ۱۹۹۶ع ۾ ڊگهڙي شوگر مل جوائن ڪيم، جتي اڄ به چيف اڪائونٽنٽ جي ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو آهيان.
هن چيو ته شاعري الله جي ڏات آهي. ان ۾ ڏانءُ جي به ضرورت هوندي آهي. شاعراڻي ۽ عاشقاڻي مزاج جو مالڪ آهيان. ۱۹۷۳ع کان ڪچي ڦڪي شاعري ڪندو اچان پيو. مون ڪڏهن به پنهنجي شاعري کي محفوظ نه رکيو، اها منهنجي غلطي آهي. ۱۹۹۰ع کان پوءِ تقريبن ۵۰ يا ۶۰ غزل ۽ گيت نوٽ بوڪ تي لکي رکيم. اها ڪاپي به ۲۰۱۱ع واري ٻوڏ ۾، گهر جي ٻئي سامان سان گڏ پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي وئي.
امير چيو ته مون پنهنجو ڪلام سائين ماڪن شاه رضوي جي مهرباني سان ريڊيو حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪرايو. جنهن ۾ انور حسين وسطڙو صاحب جي آواز ۾ ”پيار ڪيو اٿم پياري سان“... قمر سومرو صاحب جي آواز ۾ ”رمجهم رمجھم بادل برسن نيڻ اسان جا تو لئي ترسن، آ تون ساجن سانوڻ آيو“ ۽ صادق فقير جي آواز ۾ ”پيار پراڻا ياد جو آيا، روئي اکڙين پاڻ پسايا“ شامل آهن. ڪيسٽ ۾ به انور وسطڙو صاحب جي آواز ۾ ڪلام رڪاڊ ٿيا جن ۾ ”مڃان ٿو مان تنهنجو گنهگار آهيان“، ”تنهنجي تصوير ڏسي پيار ڪرڻ ياد اچي ويو“، ”تئڏي در تي جنهن محل ڄاڃي پئي ڳائيسن“ (سرائڪي)، ”ھُڻ ميڏي موت تي ماتم ڪريسي ڪير“ (سرائڪي)، ”تو لاءِ رات ڏنو مون روئي“، ”مان سُٺو ماڻهو آهيان يا ڪنو، ماڻهو آهيان“ وغيره شامل آهن.
امير احمد ٻڌايو ته شادي پنهنجي ئي خاندان مان ڪيم ۽ ان کي ئي دل و جان سان چاهيم، پر بدقسمتيءَ سان اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهيان، جيڪا الله جي مرضي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوڪري جي مجبوري سبب ڪا ادبي سنگت جوائين نه ڪري سگھيس. فيس بوڪ جوائن ڪرڻ سان تصويرن ۽ لفظن جي دنيا ۾ ڪافي دوستن سان واسطو پيو. انهن دوستن کان شاعري جي متعلق ڪافي ڄاڻ ملي. جنهن ۾ اعجاز علي ڪٽپر صاحب، شبير احمد صاحب، مٺل جسڪاڻي صاحب، ريحان ابڙو صاحب ۽ مظفر منگي صاحب شامل آهن. شاعري ۾ غزل ۽ گيت لکندو ۽ پسند ڪندو آهيان. مون قومي غزل ۽ گيت به لکيا آهن ۽ عاشقي وارا به لکيا آهن.
امير کي سندس شاعري مان چونڊ شاعري پڙهائڻ جو چيم تي هي غزل لکي موڪليائين، اوهان به پڙهو:
هُت هُن جي در تي شهنائي
هِت مان ۽ منهنجي تنهائي
هت موت جو منظر آ سامهون
هُت روح رهاڻ ۽ رعنائي
چند ڦوٽو پراڻا ٽيبل تي ڏسي
اکڙين بارش برسائي
ڏسي جيون منهنجو اونداهو
اڄ رات به آهي شرمائي
مليا امير احمد کي محبت ۾
ڏک درد روئڻ ۽ سوائي
سندس هي غزل به هن پاڻ منتخب ڪيو:
نه سون آ نه چاندي نڪي هار مون وٽ
مان مسڪين ماڻهو نجو پيار مون وٽ
اسان وٽ ملاوٽ بناوت نه ملندي
وفا جو کرو آ وکر يار مون وٽ
اسان وٽ نه دوکو نه ڪا هيرا ڦيري
نه لفظن جو جادو چمتڪار مون وٽ
منهنجو گھر ڪکائون ووڻاٺين جي جھوپي
نه گاڏي نه بنگلو نڪي ڪار مون وٽ
محبت سچائي آ منهنجو اثاثو
امير آهي دلڙي شاهوڪار مون وٽ
کيس سندس هي شعر به پسند آهي:
ڪو چنڊ تي پڳو ڪو ستارن مٿي
اسان جو مقدر اتي جو اتي
هي غزل به سندس چونڊ ۾ شامل آهي:
تو سوا آزار هاڻي زندگي
ڪيئن گذاريان ڌار هاڻي زندگي
منهنجي جيون ۾ انڌيرا ئي رهيا
ڇا ڪيان بيڪار هاڻي زندگي
مان اڪيلو ۽ سفر آهي ڪٺن
ٿي پئي آ بار هاڻي زندگي
جاءِ هن جي تي ڀلي حورون اچن
مان ڪندس انڪار هاڻي زندگي
ساه جا سڳڙا وڃن ٽٽندا امير
موت جي آچار هاڻي زندگي
امير احمد کوسو چوي ٿو ته ڪتابن جا نالا ياد نه اٿم، پر ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل، شاعرن ۾شيخ اياز، لطيف سائين، استاد بخاري، وقت حاضر جي شاعرن ۾ تبسم، اعجاز ڪٽپر، نياز پتافي، جميل سومر، درد هوش محمد، مايا ساگر اوڏ، رخسانا پريت، منظور منگي، مصطفى آڪاش ۽ ٻيا به ڪافي دوست آهن، جن جا نالا هينئر ذهن ۾ ناهن، پسند اٿم. ڳائڻن ۾ انور حسين وسطڙو، صادق فقير، سرمد سنڌي، احمد مغل، عابده پروين، پر ڪيترن جا نالا وٺان سڀ ئي سٺا آهن.
کاڌي ۾ ساڳ ۽ ماني وڌيڪ پسند ڪندو آهيان. رنگن ۾ اڇو ۽ ڳاڙهو ٻئي رنگ وڻندا اٿم. مزاج ۾ کل ڀوڳ پسند به ڪندو آهيان، ان ڳالهه تان ڪجھ دوست ناراض به ٿيندا آهن، جن دوستن وٽ معافي جو آپشن آهي، اهي معاف ڪري ڇڏيندا آهن، جن وٽ معاف ڪرڻ وارو آپشن ناهي، سي ڪاوڙيل ئي رهندا آهن، پر اهڙن دوستن کي انشا الله پرچائي وٺبو.
هن ٻڌايو ته سندس ڪو به مجموعو نه ڇپيو آهي. في الحال مواد گڏ پيو ڪريان. پئسي جو زور هوندو ته ضرور چپرايندس، انشاءَالله. هن چيو ته ڪجھه شاعرن جي ٿوري مدد ڪيم، سندن ڪتاب چپرائڻ لاءِ ۽ ڪو خاض پرگرام نه ڪري سگھيو آهيان، نوڪري جي مجبوري جي ڪري.
روبرو ذاتي لڳ لاڳاپي ۾ رهندڙ شاعرن ۽ اديبن جو ٻڌائيندي چيائين ته: نياز پتافي سان روبرو ۽ اعجاز ڪٽپر، جميل سومرو صاحب ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان فيس بوڪ يا فون تي رابطا رهندا آهن.
مون پڇيو اوهان کي ڪا مڃتا، ڪو ايوارڊ مليو: جواب ۾ ”نه سائين“ چيائين ۽ اهو به ٻڌايائين ته گھڻو وقت شهرن ۾ گذريو اٿم. سچ ٻڌايان ته ڳوٺاڻي زندگي وڻندي اٿم. خاندان ۾ تعليم جو رجحان تمام گھٽ آهي. اڪثريت اڻ پڙهيل آهي. هن چيو ته منهنجا مٽ مائٽ ٻهراڙي جا آهن. منهنجو پنهنجو زمينداري يا زراعت سان ڪو تعلق ناهي.
فيس بوڪ سنگت مان محمد دين راڄڙي سوال ڪيو: توهان پنهنجو پاڻ کان ڪهڙو سوال پڇندا؟ جواب ۾ لکيائين: مان پنهنجي پاڻ کان زندگي جي تلخ تجربن مان پرائڻ بابت پڇڻ پسند ڪندس. جنهن جي جواب ۾ چوندس ته جيڪي ماضي ۾ غلطيون ڪيم سي وري نه ڪرڻ عزم آهي ۽ بقايا زندگي ۾ سوچي سمجھي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.
کانئس سوال پڇيم ته عام پڙهندڙ کي اوهان پنهنجون ڪهڙيون خصوصيتون ٻڌائڻ پسند ڪندا؟ جواب ۾ لکيائين ته سائين الحمدُ لله ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ناهي، پوءِ کڻي ڪيڏو به نقصان ٿي پوي. سادگي پسند ڪندو آهيان. ڪير رُسي وڃي ته جيسين ان کي نه پرچايان، تيسين سک نٿو اچي، پوءِ ان ۾ ڏوهه به ڀلي ته رُسڻ واري جو هجي. جنهن کي چاهيو اٿم ته دل و جان سان چاهيو اٿم. الحمدُلالله ڪڏنهن ڪنهن سان ٺڳي نه ٿو ڪيان. سونهن منهنجي ڪمزوري آهي. ڳاڙهو ۽ سفيد رنگ پسند اٿم. کاڌي ۾ ساڳ ماني شوق سان کائيندو آهيان.
فيس بوڪ تي مُرڪ لغاري جو سوال مليو: جهيڙو لفظ جي معنا ڇا آهي؟ جواب ۾ امير لکي موڪليو آهي ته جهيڙو معنيٰ جھڳڙو، ويڙھ، فساد.
پڙهندڙن لاءِ پيغام طور لکيائين ته ”پنهنجي پاران سڀني والدين کي گذارش ڪندس ته علم پرائڻ خاطر پنهنجا ٻار پڙهايو ۽ نوجوان شاگردن کي پيغام ڏيندس ته دل لڳائي پڙهو، ڪاپي ڪرڻ واري لعنت خلاف آواز اٿاريو، ڪاپي پاڻ به نه ڪريو ۽ ٻين کي به روڪيو، ڪاپي ڪلچر علم جي تباهي آهي.


(سندر صفحو، انچارج: حيات علي شاهہ بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۲۴ فيبروري ۲۰۱۵ع)

No comments:

راءِ ڏيندا