; سنڌي شخصيتون: حيات علي شاهه بخاري

18 August, 2017

حيات علي شاهه بخاري

حيات علي شاهه بخاري
بهترين ليکڪ ۽ مٺڙو ماڻهو - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا
مٺل جسڪاڻي
ڪهڙي نه ستم ظريفي آهي ته پاڻ وٽ جيڪو ماڻهو خوش طبيعت، زندهه دل ۽ با اخلاق شخصيت جو ڌڻي هوندو آهي، ان کي مسخرو، ڀوڳائي، چرچائي ۽ اهڙن هم معنى لفظن ۽ لقبن سان نوازيو ويندو آهي!
حيات علي شاهه بخاري، جيڪو اڄ ڪلهه عبرت اخبار جو سينيئر ڪارڪن طور اتي ترجمي نگار هجڻ سان گڏوگڏ هفتيوار کيتي سر سيتي ۽ سندر صفحي جو سرجيندڙ به آهي، ته هفتيوار فري پيريڊ ڪالم جو ليکڪ به آهي، ان جي شخصيت جو جيڪڏهن گهڻ پاسائون جائزو وٺبو ته سندس حوالي سان خوش طبيعت، زندهه دل ۽ با اخلاق شخص لکي ڄڻ ته سندس اڻ پوري سڃاڻپ ڪرائي ويندي.


ٻين جي نظر ۾ حيات علي شاهه ڀلي تمام عام قسم جو شخص هجي، پر منهنجي نظر ۾ حيات علي شاهه بخاري گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ، هڪ با همٿ، غير روايتي شخصيت جو ڌڻي آهي.
سندس ننڍپڻ ته ٺهيو، سندس ڦوهه جواني به نه، سندس موجودهه وهي، ٽهي جي حوالي سان به، جيتوڻيڪ ساڻس منهنجي ايتري ججهي ويجهڙائي نه رهي آهي، جو سندس هڪ مڪمل تعارف پيش ڪري سگهان. پر سندس مستقل پڙهندڙ جي حيثيت ۾ ايترو ضرور ڄاڻان ٿو، ته هن ننڍي نيٽي نوجواني واري وهي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان صداڪار طور پنهنجو پاڻ مڃرائڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي جتي پهتو آهي، اتي بهترين اداڪار، سٺو ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار به آهي ته سٺو ليکڪ به آهي.
اوهان مان ڪهڙو پراڻو پڙهندڙ آهي، جنهن سندس مستقل ڪالم مائينڊ يوئر لينگويج، شگر فري ڪالم ۽ چهنڊڙيون نه پڙهيو هوندو، ڪنهن کي خبر نه آهي ته سندس هفتيوار سلسلو سنڌي فلمن جي تاريخ جاري آهي، پاڻ هڪ سؤ کان وڌيڪ ريڊيو ڊراما لکي چڪو آهي، جيڪي حيدرآباد، ڪراچي ۽ خيرپور اسٽيشن تان نشر ٿيا. سندس ڪيترا ئي ڊراما پي ٽي وي، سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي، ۽ مهراڻ ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. ڪافي سنڌي فلمن سان گڏوگڏ هڪ سرائيڪي فلم جي ڪهاڻي لکيائين ۽ ڪيترين فلمن لاءِ ڊائلاگس به لکيا. هدايتڪاري سان گڏوگڏ اداڪاري پڻ ڪئي، ته ڪورس جي انداز ۾ ڳايل گانن ۾ شريڪ ٿي ڳائڻو به ٿي چڪو! (اڳواٽ معذرت قبول پوي ته مون کي آس آهي ۽ رهندي به، ته سندس مٺڙي آواز ۾ ڪڏهن لائيو گانو ٻڌي سگهان. ڪو ٻيو نه ته ..، منهنجي پسند تي ”هڪ ”.......“ رنگي منهنجي دل کي وڻي“، يا وري ”باءِ گاڊ وئي آر ويچارا“، يا وري ڳائي سائين، وات آئون چوريان ۽ گانو يا ڪلام هجي ”دفتر ۾ مان افسر آهيان، گهر ۾ کاوان دڙڪا“....، ...)
محبوب مٺا، پيار تان صدقي، رت جي راند، رت جا رشتا، جيجل ماءُ، پوتي ۽ پڳ، سنڌو جو قسم سندس يادگار ۽ منهنجي پسند جون فلمون رهيون آهن. هنن فلمن جا ڪجهه گانا پنهنجي منهن اڄ به ڳائيندو آهيان. جڏهن ته اهي گانا چٺين ۽ خطن ۾ لکڻ جي شاهدي ٻيا ڏيندا... سندس پنجابي فلم دوغله جا پوسٽر ياد پون پيا. ڏسي نه سگهيو هئس. جڏهن ته مصطفى قريشي، سلطان راهي، سڌير جون گهڻيون پنجابي فلمون ڏٺيون هيون...
جيتوڻيڪ مون کي حيات علي شاهه جي نجي زندگيءَ بابت نه لکڻ گهرجي، پر پوءِ به دل گهري پئي ته ٿوري گستاخي ڪريان ۽ لکان ته هي سٺو گهر هلائيندڙ اهڙو والد به آهي، جنهن پنهنجي وت ۽ وس آهر اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي به ايتري توجهه ڏني آهي، جو حيدرآباد جهڙي ڏکئي ضلعي جو رهواسي هجڻ باوجود، سندس فرزند ميرٽ جي بنياد تي مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ داخلا حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اتي جو سند يافته انجنيئر ٿي، پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پير پائي چڪو آهي. اها ٻنهي والدين ۽ اولاد جي گڏيل ڪاميابي آهي.
حيات علي شاهه جنهن شوق جي بنياد تي فلمي دنيا ۾ شامل ٿي وڃي لاهور وسايو، ان ڪراچيءَ سان به نڀايو ته پنھنجي جنم ڳوٺ هٽڙي ۽ حيدرآباد سان به نڀايو آهي. هن نه رڳو پنهنجو گهر ياد رکيو ۽ اولاد سنڀاليو، پر مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ سان پڻ نڀايو. اهو ڪو عام رواجي ۽ معمولي ڪم نه آهي، جيڪو هن ڪيو ۽ ان تي ٻه اکر نه لکجن! فلمي دنيا کي شوبز جي دنيا چئبو آهي. ان دنيا جي ماڻهن لاءِ، ڪو مثال ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. پر حيات علي شاهه بخاري ۾ اهڙو ڪجهه به نه هو، شايد جنهن ڪري سندس لاءِ ڪو اسڪينڊل پڙهڻ لاءِ نه مليو. جنهن ڪري هو پنهنجي ڪالمن وسيلي پنهنجي خلاف پاڻ اسڪينڊل پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ باوجود ڪامياب نه ٿي سگهيو! (معذرت سائين).
حيات علي شاهه بخاري سنگت ساٿ جي حوالي سان پڻ انتهائي پيارو ماڻهو آهي، جنهن جو مون کي اندازو سندس هفتيوار ڪالم فري پيريڊ پڙهي به ٿيو ته مختلف موقعن تي، مختلف حوالن سان، مختلف ماڻهن، شخصيتن جو ذڪر ٿيڻ دوران حيات علي شاهه جو ذڪر نڪرڻ تي جيڪا موٽ ملندي رهي اٿم، ان مان به سٺو اندازو ٿيو اٿم. پاڻ وٽ اڪثر منهن تي خوشامد ۽ پرپٺ گلا غيبت ٿيندي آهي، پر حيات علي شاهه جي مون تعريف گهڻي ٻڌي آهي. جڏهن به، جتي به ذڪر نڪتو، ته اڳئين شخص سندس عزت ۽ احترام ۾ کيس سٺن لفظن سان ياد پئي ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ سندس ڪالمن ۾ سنگت ساٿ ته رهي، پڙهندڙن جي به دل ڏکوئيندو رهيو آهي. هيءَ به هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته مڪمل ڪير به ڪونهي. ڪامل ٿيڻ ۽ رهڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن آ سچ لکڻ جو حق ادا به ڪريان، ته سوين ڀيرا سون جي تعداد ۾ ماڻهن سان سائين جو ذڪر نڪرڻ کان پوءِ، جيڪڏهن سائينءَ لاءِ ڪا سٺي راءِ نه ملي، ته مون کي منهنجي سامهون، سائين لاءِ صرف هڪ شخص، کيس سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيو، جنهن جو سبب ڪو ته هوندو! ٿي سگهي ٿو ان جو ڪنهن ڪالم ۾ ذڪر نه ڪيو هجيس، يا کيس چانهن ٻانهن جي صلاح نه ڪئي هجيس، وغيره وغيره، پر ڪو ته سبب هوندو.... البت، ان هڪ کانسواءِ، باقي سڀني، جن جو چڱو موچارو تعداد آهي، تعريف ڪئي. جڏهن ته حيات علي شاهه جو ذڪر نڪرڻ جو سبب، سندس تڪ تور ڪرڻ نه هو، سندس گڻ اوگڻ جاچڻ مقصد به نه هو. پوءِ به کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويو. اهو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي.
اعزاز تان ياد آيو، حيات علي شاهه بخاري کي سندس خدمتن عيوض ڪافي مڃتا ايوارڊ مليا آهن. ڪي ملڻ گهربا هئا، پر نه مليا. ان جو به ڪو ڪارڻ هوندو. اھا خبر وري ايوارڊ ڏيندڙن کي... آ کيس کي ڪهڙو ٿو ايوارڊ ڏئي سگهان! مون وٽ ڀيٽا لاءِ چند لفظ آهن، جيڪي ۱۲ اپريل تي سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي پيش خدمت آهن. اميد ته پهرين پبلشر (ڇپيندڙ) کي ۽ پوءِ کيس (حيات علي شاهه بخاري کي) قبول پوندا....


(هفتيوار ادبي صفحو ڏات، سهيڙيندڙ ساجد سنڌي، روزاني سڪار ڪراچي، خميس ۱۱ اپريل ۲۰۱۳ع)



حيات علي شاهه بخاري
جنم ڏينهن مبارڪ
مٺل جسڪاڻي
حيات علي شاهه بخاري سان به نفس نفيس، روبرو ملاقات صرف هڪ دفعو ٿي، اها به عبرت آفيس ۾ ۽ شام، سج لڙئي مهل، يعني ان وقت، جنهن گهڙي ڪنهن به اخباري دفتر ۾ واندڪائي جو تصور به غلط ٿيندو. ان ڪري مون کي ته ٺهيو، پر ڪنهن کي به هي ملاقات ڳڻپ ۾ نه آڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان مهل هو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو ۽ مون کي ساهه ستي ويل گهر پهچڻ جي اون هئي، ان ڪري بس رڳو اها آس پوري ٿي ته اسان ملياسين، ڪچهري ڪئي سين، ٻيو مڙئي خير...
حيات علي شاه سان ڪي گهڻا واسطا به نه آهن، ته پوءِ مون کي سندس جنم ڏينهن جي خبر ڪيئن پئي؟ اها چغلي ٻوٿ ڪتاب (سائين فيس بوڪ جو سنڌي ترجمو ٻوٿ ڪتاب طور ڪيو آهي ۽ آئون ساڻس متفق هجڻ ڪري اهو ئي لفظ استعمال ڪندو آهيان) هئين، جنهن تي هاڻي اسان پاڻ ۾ اهڙا سست دوست آهيون، جو.... سڀ سچيون ڪو نه ڪبيون.... بهرحال ٻوٿ ڪتاب موجب سائين ۱۲ اپريل ۱۹۷۰ تي جنم ورتو...
بهرحال منهنجي ان وضاحت مان ثابت ٿيو ته اسان هڪ ٻئي لاءِ ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل آهيون. جهڙا به آهيون، جيئن به آهيون، حيات علي شاهه مون کي پاڻ ڏانهن متوجهه تڏهن ڪرايو، جڏهن هي عبرت ۾ روزانو (ڪڏهن ڪڏهن نه به) ”چهنڊڙيون“ جي عنوان سان لکندي، ڪڏهن ڪنهن کي ته ڪڏهن ڪنهن کي مٺيون، کٽيون، ڪساريون، بي سواديون چهنڊڙيون هڻندو هو.
اهو سلسلو رڪيو ته ڪجهه ساهيءَ کان پوءِ هن هر آچر تي ”فري پيريڊ“ لکڻ شروع ڪيو. جنهن ڪري آچر جون ڪجهه ساعتون سٺيون گذرنديون هيون. جڏهن آچر تي هي سلسلو بند ٿيو ته ٻين جي خبر نه آهي، مون عبرت وارن کي منٿ ڪئي هئي ته اهو سلسو ٻيهر شروع ٿيڻ گهرجي. ان کانپوءِ هي سلسلو هر جمع تي شايع ته ٿيو، پر جمع موڪل جو ڏينهن نه هجڻ ڪري، فري پيريڊ مون کي جهڙو آچر جي ڏينهن تي وڻندو هو اهو مزو نه ڏيڻ لڳو!؟ جڏهن ته هر ڪالم ڇپبو آهي ته پاروٿو ئي سهي، پر پڪ سان پڙهبو آهي، ان مان پرائبو آهي.
حيات علي شاهه فري پيريڊ ۾ به اڪثر چهنڊڙيون ئي هڻندو آهي. ٻين جي مون کي خبر نه آهي، پر آئون ذاتي طور حيات علي شاهه لاءِ اها راءِ رکان ٿو ته سائين جو هٿ تمام ڳرو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس ٻه چار چهنڊڙيون مون کي به لڳيون ۽ اهڙيون ته لڳيون، جو انهن جا نشان مون سان گڏ ئي مات ٿيندا.
حيات علي شاه کي آئون صرف انهن ٻن سلسلن يعني چهنڊڙيون ۽ فري پيريڊ معرفت سڃاڻان. ۽ منهنجو اندازو هيءَ آهي ته هن به جيئڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي ۽ سندس اها جاکوڙ جاري آهي. جهڙي به حال ۾ آهي، پر پنهنجي منهن مست آهي. مون وانگر يا ٻين گهڻن وانگر مايوسي ور وراڪا ڏيندي هوندس، پر مون کي هي اهڙو بردبار ٿو محسوس ٿئي، جو مون کي پڪ آهي ته مايوسي پاڻ هن مان مايوس ٿي، ڀڄي پري بيهندي هوندي.
منهنجي دل ٿي گهري ته سندس چند ”چهنڊڙيون“ ۽ ڪجهه ”فري پيريڊ“ مان ٽڪڙا پڙهندڙن لاءِ هتي لکان، پر نه، اهو حيات علي شاه سان انصاف نه ٿيندو. منهنجي دل ٿي گهري ته سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس کي لفظن جي ڀيٽا ڏيان، پر آئون ته اهڙو ليکڪ به نه آهيان جو ساڻس انصاف ڪري سگهان.
آئون سندس اڪثر ڪالمن ۾ لکجندڙ هيءَ جملو دهرائڻ ضروري ٿو سمجهان ”اجازت ڏيندا، پاڻ سان گڏ منهنجو به خيال رکندا !“ ڇاڪاڻ ته آخر ۾ آئون به اجازت وٺندي سائين حيات علي شاهه کي منٿ ڪندس ته پنهنجو خيال رکي، اسان پنهنجي حال ۾ اهڙا بي حال آهيون جو اسان جو به اوهان کي (سائين حيات علي شاهه سميت اوهان سڀني کي) ئي خيال رکڻو آهي...





حيات علي شاهه بخاري
ڪجهه کٽيون مٺيون، ڪجهه ڪڙيون ڪساريون ڳالهيون!
مٺل جسڪاڻي
حيات علي شاهه بخاري کي مون هڪ عام فرد جي حيثيت ۾ ڪجهه اهڙي طرح ڏٺو آهي، جو هڪ دفعي نه، ڪيترا ئي دفعا سوچيم، ويچاريم، ته ساڻس ويهي ڪچهري ڪريان. اها ڪچهري قلمبند ڪري، ٻين جي نظر ڪريان، ته جيئن حيات علي شاهه بخاري کي سڃاڻيندڙ توڙي نه سڃاڻيندڙ به اهو ڄاڻي سگهن، ته حيات علي شاهه بخاري ڪير آهي؟ ڇا آهي؟
اڌڙوٽ عمر کان به اڳتي وک وڌڻ باوجود منهنجي سمجهه جي آئون ڪهڙي ڳالهه ڪريان!؟ حيات علي شاهه بخاري سان ڪچهري ڪرڻ جو سوچيم، فيصلو ڪيم، وٽس وڃي پهتس، ته مُنجهي پيس! مون کي اهڙو ڪو سوال ئي نه پيو سُجهي ته کانئس پهريون سوال ڪهڙو پڇجي، ان کان پوءِ ڪهڙا سوال پڇجن؟ ڇو ته حيات علي شاهه سالن کان لاڳيتو لکندو پيو اچي. سندس اڪثر لکڻيون يادگيرين تي مشتمل هونديون آهن. يادگيرين مان هو سندس بابت به ايترو ته گهڻو لکي چڪو آهي، جو سندس پڙهندڙن لاءِ منهنجي ڪچهري فضول هجڻ جو شڪ وڌي ويو! بهرحال، ساڻس ڪچهري ڪندي هن ٻڌايو ته سندس اباڻو ڳوٺ هٽڙي آهي، پر سندس جنم حيدرآباد شهر ۾ ۱۲ اپريل ۱۹۴۹ع ٿيو. هن هٽڙي جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي ته سندس پهريون اُستاد صاليح محمد شاهه (فتح خان) هو. نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪري، سچل ڪاليج مان انٽر ڪيائين ۽ اديب عالم فاضل جو ڪورس به ڪيائين.
حيات علي شاهه ٻڌايو ته هن عملي زندگي جي شروعات ريڊيو حيدرآباد تان ۱۹۶۷ع کان ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما ليکڪ طور ڪئي. اڄ ڪلهه پروگرام صبح مهراڻ جي ڪمپيئرنگ ڪري ٿو. جڏهن ته ريڊيو حيدرآباد، خيرپور ۽ ڪراچي لاءِ ٽي سو ڊراما لکيا ۽ ڪيا، ڪجهه اسٽيج ڊراما به ڪيا. پي ٽي وي لاءِ ٻه سيريل ۽ ڪيترا ئي سولو پلي به لکيائين. مهراڻ، سنڌ ۽ آواز ٽي وي لاءِ پڻ ڪافي سيريل، سولو پلي ۽ ڪاميڊي پروگرام لکيائين به، ڊائريڪٽ به ڪيائين. سنڌي فلمن ۾ ڪم جي شروعات فلم ”محبوب مٺا“ ۾ اسسٽنت طور ڪيائين. ان کان پوءِ فلم ”پيار تان صدقي“، ”رت جي راند“، ”جيجل ماءُ“، ”رت جا رشتا“ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين. فلم ”جيجل ماءُ“ ۽ ”رت جا رشتا“ جون ڪهاڻيون لکيون. لاهور ۾ سنڌي فلم ”پوتي ۽ پڳ“ ۽ هڪ پنجابي فلم ”دوگلا“ ڊائريڪٽ ڪئي.
حيات علي شاهه اهو به ٻڌايو ته هن پي ٽي وي لاءِ ڊراما به لکيا، پر سوين ڪمرشل پروگرام به لکيا. هن صحافت جو آغاز روزاني نجات سکر ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪيو. هن چيو ته کيس روزاني ڪاوش ۾ سب ايڊيٽر طور پهريون ايڊيشن ترتيب ڏيڻ جو اعزاز حاصل آهي. روزاني خادم وطن ۾ به ڪم ڪيو. ڪيترن ئي سالن کان روزاني عبرت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. اتي ڪجهه سال ”سندر“ ۽ ”کيتي سر سيتي“ صفحا ترتيب ڏنا. ڪيترا ئي مضمون ۽ ڪالم، خاص طور مزاحيا ڪالم به لکيا. ”اف يو ڊونٽ مائينڊ“، ”چنهڊڙيون“، ”فري پيريڊ“ ۽ ڪجهه ٻيا مسلسل ڪالم تمام گهڻا مقبول رهيا. پاڻ روزاني عبرت ۾ انگريزي ۽ اردو مان ترجمي جو ڪم به ڪندو رهيو آهي. ان ڪري مون پڇيو ته ”اوهان جي تعليم ته ڪا خاص نه آهي، پوءِ ترجمو ڪيئن ڪندا آهيو؟“ جواب ڏنائين ته ”ترجمي ۾ الله مدد ڪندو آهي. الله تي توڪل ۽ يقين آهي“. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيائين ”هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو هئم، پر شرميلي طبيعت جي ڪري سٺا سٺا چانس وڃائي ڇڏيم“.
حيات علي شاهه کان سندس ڇپيل ڪتابن جو پڇيم ته وراڻيو ”ڪو ڪتاب اڃان ناهي ڇپيو. شو بز جي يادگيرين تي ڪتاب لکيو، جيڪو لينگويج اٿارٽي وارن موٽائي ڇڏيو. اهو ئي ڪتاب امرتا پبليڪيشن وارن ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو آهي“. هن چيو ته ”شاعري لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ٻوٽو نه ٻريو“. جڏهن ته سندس هڪ ڪالم ۾ ڪجهه ائين لکيو هئائين ته استاد بخاري جي شاعري پڙهي، ٻُڌي، شاعري جو شوق جاڳيو ته ”شاگرد بخاري“ ٿي شاعري شروع ڪيم، پر صرف هڪ ٽيڙو لکي سگهيس، جيڪو هن ريت آهي:
اڄوڪي ياري نسورو گھاٽو،
ڪيڏو به سون ٿين دلبر،
ڪـم لٿـو ۽ ڪاڳـر ڦـاٽو.
سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو ته هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين ”مون ڪڏهن به اِهو ناهي چيو ته مان ڪو وڏو عقل جو اڪابر آهيان يا قابليت ۽ اهليت جو سج رڳو مون تي لهي ۽ اُڀري پيو، نه بابا، مان صفا ڳوڀ ماڻهو، سهي جي کل“. هن چيو ”ڪالم ۾ منهنجو موڊ ليڪچر ڏيڻ جو نه هوندو آهي، جڏهن به ڪالم لکڻ ويهندو آهيان، ته ڪو به موضوع ذهن ۾ نه هوندو آهي. اِن ڪري شروعاتي طور تي ڪي به ٻه ٽي سٽون لکي، بنا سيلف جي پاڻ کي ڌڪي اسٽارٽ ڪندو آهيان. ان کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ جيڪو ڪجهه به ايندو آهي، گوش گذار ڪندو آهيان. ائين بلڪل ناهي ته ڪو مون وٽ موضوعن جي کوٽ آهي هرگز نه. هيءَ سڄي حياتي لاهن ۽ چاڙهن تي مشتمل آهي، ڏک به آهن ته خوشيون به آهن، ڪاميابيون آهن ته ناڪاميون به آهن. حمايتون به آهن ته مخالفتون به آهن“.
ڏک سک جون ڳالهيون ٿيون ته مون کانئس سندس سنگت ساٿ جو پڇيو. ان تي جواب ڏنائين ته ”فلمن جي دور ۾ اداڪار محبوب عالم ۽ ظفر جهنڊير گهاٽا دوست رهيا. ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي دور ۾ مالي حالت اهڙي هوندي هئي، جو ٻه ٻه ڏينهن ظفر ۽ مان بکيا هوندا هئاسين!“ هن چيو ته ”اهڙا دوست به اٿم، جن کي هرو ڀرو منهنجو ٻوٿ نٿو وڻي ۽ اهڙا ماڻهو مون کي نقصان پهچائڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ ناهن ڏيندا ۽ منهنجي توڪل الله تي آهي، اِن ڪري منهنجو وار به ونگو ناهي ٿيندو. منهنجي چهري تي اطمينان ۽ مُرڪ ئي سندن لاءِ موت هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته مان سندن هانوَ تي مُڱ ڏرڻ لاءِ ويٺو هوندو آهيان، منهنجي دعا آهي ته الله پاڪ اهڙن ماڻهن کي نيڪ هدايت ڪري، منهنجون نيڪ تمنائون انهن لاءِ آهن.“
مون موضوع تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سوال جو رُخ بدلائڻ لاءِ نئون سوال ڪيو ته چيائين ”عام حالتن ۾ صبح جو اٺين وڳي اٿندو آهيان، پر جنهن ڏينهن ريڊيو تي ”صبح مهراڻ“ لائيو پروگرام ڪرڻو هوندو آهي، ان ڏينهن صبح جو ستين وڳي اٿندو آهيان ۽ رات جو هڪ وڳي سمهندو آهيان“. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيائين ته ”آئون پاڻ ته ماڻهن سان ڪو ڊرامو نه ڪري سگهيس، پر مون سان ڪيترن ئي ماڻهن ڊراما ڪيا“. مون پڇيو ”اوهان ڪيترن ۽ ڪيترين جي پٺيان لڳا ۽ اوهان جي پٺيان ڪيترا ۽ ڪيتريون لڳيون“ ته وراڻيو ”ائين ناهي، اپڻي گهوٽ نه نشا ٿيوئي...“ هُو گهڙي سوا خاموش ٿيو ته مون نئون سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي سوال کان اڳ چوڻ لڳو ”هاڻي اوهان اِهو سوچيندا هوندا ته اڄ اوچتو ئي اوچتو مون کي ڇا ٿيو آهي، جو سُتل سور جاڳايا اٿم. منهنجي خيال ۾ ته سُور سمهندا ناهن، جاڳندا ۽ ڳائيندا رهندا آهن ۽ اهڙي قسم جون وارداتون سڀني سان ٿينديون آهن. ڪي دل جو حال اوريندا آهن، ته ڪي وري ”آهه نه سلين عام کي“ وانگر دل جو سُور دل ۾ ئي سانڍي، اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ لڪائي، چپن تي ڪوڙي مُرڪ سجائي، پيا جيئندا آهن“.
هڪ سوال جو جواب ڏيندي، هُن چيو ته ”اِن ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته هي جيون مسئلن، غمن ۽ ڏکن ڏونگرن جو مجموعو آهي ۽ ان ۾ ئي گذارو ڪرڻو آهي، ان ۾ ئي لڙڪ ۽ مرڪ آهي، مرڪن ۾ ته هرڪو جيئندو آهي، لڙڪن ۾ جيئڻ وڏي بهادري آهي“. ۽ چوڻ لڳو ”لڳي ٿو ته مان ڪجهه وڌيڪ ئي جذباتي ٿي ويو آهيان ۽ پاڻ سان گڏ توهان کي ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي به اُداس پيو ڪريان. سوري (انگريزي ۾ ساري“، هٿ ادب جا ٻڌي معافي ٿو چاهيان، منهنجو هرگز اهو مطلب ڪو نه هو، ته اوهان کي اُداس ڪريان يا پنهنجي مظلوميت ۽ محروميت جي احساس سان پاڻ کي ”ويچارو“ ثابت ڪريان. مون کي رب پاڪ ايتري همت ڏني آهي، جو هر مشڪل جو مقابلو ڪري سگهان“.
مون وري به موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته حيات علي شاهه چيو ”منهنجي ڪالمن ۾ جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ۽ کل ڀوڳ يا وري شوبز جي معلومات هوندي آهي، ان کي ڪافي دوست پسند ڪندا آهن. هڪ ڏينهن آفيس ۾ ويٺو هئس، هڪ دوست آيو، کيڪار کانپوءِ چوڻ لڳو ته آئون اوهان جا ڪالم شوق سان پڙهندو آهيان، وڏي معلومات ۽ سٺيون ڳالهيون هونديون آهن“. هن چيو ته ”جڏهن ڪي دوست منهنجي لکڻيءَ جي واکاڻ ڪندا آهن، ته تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي ۽ سڀ ڏک سُور لهي ويندا آهن. هر ماڻهوءَ کي سندس ماضي سٺو لڳندو آهي، يادن ۾ گذارڻ سٺو لڳندو آهي، آئون به اهڙن ئي ماڻهن مان آهيان. منهنجو پنهنجو ماضي دلچسپ ۽ مختلف واقعن جي ڪري رنگين ۽ سنگين رهيو آهي. ان ڪري پنهنجي ماضيءَ جون اڪثر جهلڪيون ڪالم ۾ هونديون آهن. هونئن به پڙهندڙ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ آتا هوندا آهن ۽ منهنجي ماضيءَ جون يادون منهنجي دل تان لهي پنن تي اچي جهرمر ڪنديون آهن ۽ باوجود بيزاري جي منهنجي چپن تي به مرڪ پکڙجي ويندي آهي“.
حيات علي شاهه کان زندگي بابت پڇيم ته وراڻيو ”زندگيءَ... ڪجهه آسون ۽ ڇانئون ائين ئي ڪڪرن وانگر لنگهي وينديون آهن، ڪڏهن ڪي ڦڙيون دل کي آٿت ڏينديون آهن ته ڪڏهن وري ڪو وڏو وسڪارو به دل کي تسلي ناهي ڏئي سگهندو، ائين ڇو ٿيندو آهي، ان جو جواب مون وٽ ناهي هوندو. آئون انهن مونجهارن ۾ مبتلا رهندو آهيان ۽ منهنجي ان پريشانيءَ کي منهنجو ڪالم دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪجهه گهڙين لاءِ ئي سهي اُداسيءَ جي ڄار مان نڪري نروار ٿيندو آهيان ۽ پوءِ خوشيءَ مان کينچل ڪندو آهيان“.
مون سندس مسئلن بابت ڄاڻڻ چاهيو ته چيائين ”منهنجو ڪو به مسئلو ”وڪي ليڪس“ يا ”پاناما ليڪس“ جهڙو ناهي، جيڪو حل نه ٿي سگهي. مان اهڙو ماڻهو آهيان، جو ڪيڏو به ڏکارو ڇو نه هجان، ڪو ڪتڪتائي ڪندو ته ٽهڪ ڏئي کلي پوندس“. ڪتڪتائي تي مون ڪتڪتائي ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو ته کلي ڏنائين. مون کيس مليل مڃتا جو پڇيو ته چيائين ”پڙهندڙن وٽان ۽ ٽي وي ناٽڪ ڏسي موٽ ڏيندڙن کان مڃتا ملندي رهي آهي. هونئن نه ته ريڊيو پاڪستان پاران بهترين ڊراما رائيٽر جو ايڪسيلينس ايوارڊ مليو هو. پي ٽي وي تي ايوارڊ لاءِ نا مزدگي ٿي هئي. ٻيا به ڪافي ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن“.
اولاد متعلق پڇيم ته وراڻيو ”چار نياڻيون آهن، جن مان ٻه گريجيوئيٽ آهن. هڪ نياڻي اسرا ۾ ۽ ٻيءَ نياڻي ميٽرڪ ۾ پڙهي ٿي. هڪ پُٽ مهراڻ مان بي اِي ڪئي ۽ هاڻي دبئي ۾ انجنير آهي“. پڙهندڙن لاءِ پيغام پڇيم ته چيائين ”سنڌي پڙهو ۽ سنڌي ڳالهايو“. کل ڀوڳ ۾ آخري خواهش پڇيم ته چيائين ”انٽرويو جي ڪاپي سردار شاهه ڏي ضرور موڪلجو، جنهن ثقافت کاتي پاران ڊراما فيسٽيول ڪرايو، جن جون ڊراما جي فيلڊ ۾ زندگيون ڳري ويون، تن کي نظر انداز ڪيو ويو، ذاتي دوستن کي نوازيو ويو، اها سخت زيادتي آهي“.
(عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۱۷ع، ص: ۸)




سائين حيات علي شاھه بخاريءَ جي سياڻپ!
مٺل جسڪاڻي
جيتوڻيڪ سائين حيات علي شاھه بخاريءَ جو تعارف ڪرائڻ ڪو گھڻو ضروري نه آھي، پر نون پڙھندڙن، ٿورو پڙھندڙن، ٿوري سڌ ٻڌ رکندڙن جي سُڌ لاءِ گھڻو نه سھي، ٿورو تعارف ڪرائڻ گھڻو ضروري ٿو سمجھان.
سائين حيات علي شاھه بخاري ھڪ اندازي مطابق گذريل چوٿائي صديءَ کان روزاني عبرت حيدرآباد جو ڪارڪن آھي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام ڪندڙ آھي. ڪالم نويس آھي. آف دي رڪارڊ ترجما تمام گھڻا ڪيا اٿس، ڇو ته ريڊيو ۽ مختلف اخبارن ۾ مزدوري ملڻ عيوض ترجما گھڻا ڪيل اٿس.. ناٽڪي ته تمام گھڻو آھي. سندس ڪيترائي اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪ، ڪجھه فلمون به لکيل آھن، ھدايتڪاري، صداڪاري، اداڪاري به ڪندو رھيو آھي. ڪتابن جا به اُٺ پڙھيل اٿس. گھڻن ڪتابن جو تعارف، ڪتابن تي تبصرا به لکيل اٿس. سندس ڪالم پڙھندي، مون کي سندس لکيل اڪثر ڳُجھن جي خبر آھي، ڪجھه لکيا نه اٿس ۽ گھڻا ڄاڻي ٻُجھي نه لکندو!
چوڻي، ڪھاوت، پھاڪو، محاورو يا اصطلاح ڀلي ته ”طاھر، سدائين ٻاھر“ ھجي، پر سائين حيات علي شاھه جو ناڙو خبر ناھي ڪٿي ۽ ڪيئن ھٿيڪو ڪيو ويو، سائين جي حياتي جو سڌو ليکو ڪبو ته گھر ۾ پير گھٽ، ٻاھر گھڻو چست رھيا اٿس.
ھاڻي اوھان پاڻ اندازو ڪريو يا اندازو لڳايو، اھا اوھان جي مرضي، مون کي يا ٻئي ڪنھن کي به ٻڌايو يا پنھنجي من اندر ۾ رکو، اھا به اوھان جي مرضي، پر اھو اوھان ئي طئه ڪريو ته سائين حيات علي شاھه بخاري ڪيترو سياڻو ھوندو؟
مٿيون سڀ سٽون مون کان، سندس ھيٺيون ڪالم پڙھڻ جي ردعمل ۾ لکجي ويون. اھي ڪھڙيون سٽون ھونديون، جن مون کان ھي سٽون لکرايون، اھي سائين حيات علي شاھه پاران گھڻو ڄاڻي ٻُجھي نه لکڻ جي بدلي، ڏنڊ طور آئون به نه ٿو لکان، ان جو اندازو پڙھندڙ ۽ سائين حيات علي شاھه پاڻ ڪري.
”اک پٽ، چنڊ ڏس“ عنوان سان سائين حيات علي شاهه بخاري جو ھي ڪالم خميس ۰۳ مئي ۲۰۱۹ع جي روزاني عبرت حيدرآباد ۾ شايع ٿيو آھي، اوھان به پڙھي وٺو:
ننڍي هوندي ماڻهن کان مذاق ۾ ٻڌندا هئاسين ته اک پٽ، چنڊ ڏس، وري اهو به چوندا هئا ته اک لڀي ڪانه، کٻڙ خان چنڊ ڏٺو“. هاڻي اهو ڪهڙو کٻڙ خان آهي، جنهن بنا اک جي چنڊ ڏٺو، بهرحال چنڊ ڏسڻ سٺو سئوڻ آهي، چوندا آهن ته چنڊ ڏسڻ سڀاڳ جي نشاني آهي.
اسان جي ملڪ ۾ هر عيد تي ٻه چنڊ نظر ايندا آهن، هڪ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي وارن کي ٻيو چنڊ پشاور جي مسجد قاسم جي مولانا پوپل زئي کي نظر ايندو آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن پشاور ۾ عيد ٿيندي آهي ته ٻئي ڏينهن ملڪ جي ٻين حصن ۾ عيد ٿيندي آهي، هاڻي اها خبر نٿي پوي ته چنڊ ڏسڻ شرط آهي يا ٻين شهرن مان شهادتون ملڻ ڪافي هونديون آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي تي ۴۵ لک روپيا خرچ ٿين ٿا ۽ آئون قمري ڪئليندڙ تيار ڪرايان ٿو، جنهن سان چنڊ ڏسڻ وارو معاملو حل ٿي ويندو، ان تي هڪ مولانا صاحب چيو ته چنڊ اکين سان ڏسڻ ضروري آهي، ٻڌل يا ٻڌايل ڳالهين تي چنڊ جو فيصلو نٿو ٿي سگهي، هاڻي فواد چوڌري چوي ٿو ته قمري ڪئلينڊر موجب پنجين جون تي عيد ٿيندي، عوام حيران ۽ پريشان آهي ته مولانا صاحبن جي چوڻ تي عيد ڪريون يا فواد چوڌري جي چوڻ تي عيد ڪريون، يا وري کٻڙ خان کي عرض ڪريون ته چنڊ ڏسي ڏئي.
تازي خبر اها ته ڪابينه ڏي موڪليل قمري ڪئلينڊر تي عيد کانپوءِ غور ٿيندو ۽ عيد جو چنڊ مفتي منيب الرحمان ڏسندو.
هاڻي ته نيل آرمسٽرانگ به جيئرو ناهي جنهن کان ان سلسلي ۾ مدد وٺجي، فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ۾ سوال ڪيو ويو ته ”چنڊ تي پهريون قدم نيل آرمسٽرانگ رکيو هو، ڀلا ٻيو قدم ڪنهن رکيو“ مون جهڙا بي عقل منجهي پيا پر پوءِ مسئلو هيئن حل ٿيو ته ٻيو قدم به نيل آمسٽرانگ رکيو هو ڇو جو هو منڊو ڪون هو“.
چنڊ جي حوالي سان ڳالهيون ڪبيون ته موضوع عيد جي چنڊ کان ڦري ٻئي پاسي هليو ويندو ۽ ڏانٽن جيان ڪيترا چنڊ اُڀا ٿي ويندا، سهڻا، خوبصورت، منهن جا موچارا چنڊ، زرق برق لباس ۾ ملبوس، گفٽ مليل پرفيوم لڳايل، سرهاڻ واسيل، اهڙا چنڊ جڏهن موقعو ملندو آهي، نڪري نروار ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪنهن پڪنڪ پوائنٽ تي ڪڏهن ڄامشوري جي المنظر تي، ته ڪڏهن وري ڪنهن سٺي هوٽل تي، ۽ پوءِ عيدون هونديون آهن، ديدون ديدن سان ملنديون آهن، اهڙي موقعي تي چنڊ ڏسڻ لاءِ نڪو چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ۽ نه وري فواد چوڌري جي قمري ڪئلينڊر جي ضرورت پوندي آهي، بس کيسو گرم هجي، ٻول وچن پڪا هجن ته کوڙ چنڊ اچي نڪرندا.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ همراهه ڪنهن هوٽل ۾ ويو، اتي سڀ ٽيبلون ڀريون پيون هيون، سڀني تي جوڙا ويٺا هئا، اکين سان اکيون مليون پيون هيون ۽ چپن تي مرڪ هئي، ايترو ته آهستي پئي ڳالهايائون جو ڀر واري کي ڀڻڪو به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو، همراهه چوطرف نگاهه ڊوڙائي ۽ کيسي مان موبائل ڪڍي ڪوڙ پچاڻي ڪال ملائي چيائين؛ ”اڙي يار، تو واري ته ڪنهن ٻئي ڇوڪر سان ويٺي آهي“. اهو ٻڌڻو هو ۽ اڌ کان وڌيڪ ڇوڪريون حيران ۽ پريشان ٿي، تڪڙيون هوٽل مان هليون ويون، اهڙا چنڊ گهوريا جن ۾ وفاداري نه هجي، لنچ، ڊنر ۽ شاپنگ لاءِ ظاهر ٿيندڙ اهڙن چنڊن کان سج جي تپش وڌيڪ سٺي آهي، گهڙي کن اکين جو ڍئو ڪنهن ڪم جو ناهي هوندو،
شاعر ويچارا به چنڊن تي شاعري ڪري ٿڪجي پيا آهن، ڪن ته ڪبوترن وانگر چنڊ کي نياپا موڪلڻ جو ذريعو بڻايو آهي، مثال طور ”اي چاند ان سي جا ڪر ميرا سلام ڪهنا“ هاڻي نڪو ڪبوترن جو لاچار آهي ۽ نه وري چنڊ کي منٿون ڪرڻ جي ضرورت آهي فيس بڪ تي اوهان کي اهڙا اهڙا چنڊ ملندا، جو ڇا کڻي چئجي، ٻيو ته ٺهيو خوبصورت شڪل ۽ صورت وارا سج به چنڊ جي صورت ۾ اوهان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا، هڪ ڀيري فيس بڪ تي خوبصورت ڇوڪري جي تصوير ڏسي آئون هرکي پيس، رڪويسٽ موڪليم، قبول پئي، خوش خير عافيت کان پوءِ مون کان تعارف پڇيو ويو، مختصر تعارف ڪرايم، اتان جواب آيو ته ”سائين معاف ڪندا، هيءَ فيڪ آئي ڊي آهي، آئون اوهان کي سڃاڻان ٿو، وڌيڪ تڪليف نه ڪريو ۽ مون کي معاف ڪريو“ ٺهيو، مون به دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکي ڇڏي، اوهان به مهرباني فرمائي احتياط ڪندا، ته سکيا رهندا، نه ته سنگت جا حال ڏسيو ويٺا آهيو.
ايڊوانس ۾ عيد مبارڪون، ٿي سگهي ته پنهنجي خوشين ۾ ٻين کي به شريڪ ڪندا ته الله اجر ڏيندو، موڪلائڻ کان اڳ شاهه سائين جو هي بيت ملاحظه ڪندا.
هئي هئي ڪري هليا، آديسي اُٿيا،
جوڳين جا جهان ۾، خيما ڪين کُتا،
مُنهن ويڙهي مڙهين ۾، سامي ڪين سُتا،
پورب سي پهتا، ڏئي اوجاڳو اکين کي.



حيات علي شاهه بخاري

جنھن کي به اسان وساري ڇڏيو

نور سنڌي

هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ حيات علي شاهه بخاري بهترين ليکڪ، صحافي، مزاحيه نگار، ڪالم نگار ناٽڪ نويس، فلمساز، اداڪار، هدايتڪار، سماجي ورڪر هو. هن جي ورسي ته ۲ نومبر تي ھئي، جيڪا خاموشيءَ سان گذري وئي. اڄ جڏھن حيدرآباد ويندي ھٽڙيءَ ڀرسان گذر ٿيو ته ھميشه وانگر گاڏي روڪي حيات علي شاھ جي ايصال ثواب لاءِ ٻه قل پڙھيا. سوچيان ٿو اڳ اسان مرده پرست قوم سڏبا ھياسين جو ڪنھن کي سندس حياتيءَ ۾ مانائتو ڪرڻ بجاءِ انھن جون گلائون ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪندا ھياسين پر سندن مرڻ بعد وري سندن ڏھاڙا ملھائيندا ھياسين، پر ھاڻ ته اها روايت به ختم ٿي وئي آهي. اسان سائين حيات علي شاھ جھڙي پياري ماڻھوءَ کي ويساري ڇڏيو آھي. سندس دوست وڏي تعداد ۾ آهن، پر ڪنهن به هُن کي ورسيءَ واري ڏينهن ياد نه رکيو. حيات علي شاهه بخاريءَ سان ريڊيو پروگرامن جي حوالي سان غائبانه تعارف ته ڪافي عرصي کان ھو پر ساڻس پھرين ملاقات ۸۸ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٿي، بعد ۾ جڏھن انھيءَ دور ۾ صحافت ۾ آيو ته ھڪ صحافيءَ جي حيثيت سان نيازمندي ٿي، جيڪا دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. حيات علي شاھ جو ڏاڏو افغانستان مان سنڌ ۾ آيو هو ۽ هٽڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيو، اتي پنهنجو سيڌي جو دڪان کوليو ۽ لاشاري ذات مان شادي ڪيائين. حيات علي شاهه بخاري ۱۲ اپريل ۱۹۴۹ع تي سيد غوث علي بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ھٽڙيءَ ۾ مڊل ۽ سيڪينڊري نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد، انٽر سچل سرمست ڪاليج مان ڪئي. بعد ۾ هُن زمين سنڀالي، پرائمريءَ ۾ سندس استاد سيد صالح محمد شاهه جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳوٺاڻي ڪچهري پروگرام ۾ فتح خان جي نالي سان مشهور هو، هيڊ ماستر سيد خدا ڏنو شاهه هو، جيڪو بعد ۾ پوليس ۾ آيو ۽ ايس ايس پي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. پنهنجي استاد سيد صالح محمد شاهه جا ريڊيو تي پروگرام ٻڌي کيس ريڊيو جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو. ان وقت فنڪارن ۽ اداڪارن کي ريڊيو پروگرامن ۾ اچڻ لاءِ آڊيشن ڏيڻو پوندو هو. ۱۹۶۷ع ۾ آڊيشن پاس ڪري ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، سندس پهريون پروگرام مزاحيه ڊرامو گلدستو هو. هُن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، خيرپورميرس لاءِ به ڊراما لکيا. ريڊيو لاءِ مجموعي طور ۵۰۰ کان وڌيڪ ڊراما لکيا. سندس ريڊيو ڊراما سڀ مقبول ٿيا پر نواب سراج دولها، ٽيپو سلطان ۽ ٻيا تاريخي ڊراما ڏاڍا مقبول ٿيا. هُن لاتعداد مزاحيه ڊراما به لکيا، هارون رند کيس فلمي دنيا ۾ وٺي ويو ۽ ڪراچي اسٽوڊيو ۾ اي ڪيو پيرزادي سان ملاقات ڪرائي ۽ ان جي فلم محبوب مٺا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. بعد ۾ فلم جيجل ماءُ جي ڪهاڻي لکي، انهيءَ فلم ۽ رت جي راند فلم جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ ٿيو ۽ انهن فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي. ان سان گڏ پي ٽي وي تي پهرين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ ڊراما لکيا. ۸۸ع ڌاري صحافت ۾ پير پاتائين، روزاني نجات ۾ نيوز ايڊيٽر رھيو، ٻين به سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيائين، بعد ۾ ۹۰ع ڌاري روزاني عبرت حيدرآباد ۾ آيو، جتي آخري دم تائين سب ايڊيٽر رھيو. عبرت ۾ زرعي صفحو، کيتي سرسيتي ۽ سندر صفحو پڻ ڪيترائي سال ڪڍيو. جڏهن ته عبرت ۾ ۳۰ سالن کان مزاحيه ۽ سماجي قسم جا ڪالم ۽ آرٽيڪل لکندو رهيو. کيس ريڊيو پاڪستان جو بهترين ڊراما ليکڪ جو ايڪسيلينس ايوارڊ ملڻ کانسواءِ سڄي سنڌ مان علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي تنظيمن پاران ايوارڊ مليا. شروع ۾ شاگرد بخاريءَ جي نالي سان شاعري به شروع ڪئي، ڪجهه شعر به لکيا پر ان فيلڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. شاگرديءَ واري دور کان کيس ادب سان شوق رهيو.

سيد حيات علي شاھ پراڻو ھجتي دوست ھو سندس عبرت ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار مزاحيه ڪالم خاص طور تي سنگت وارن تي مزاحيا انداز ۾ لکندو ھو. سندس پنھنجو انداز ھو. مرحوم مونکي ڪافي دفعا چيو ته نور اوھان جي ثقافت کاتي ۾ سٺي ڄاڻ سڃاڻ آھي منھنجا لکيل ڪتاب ڇپرائي ڏي. مون سندس ڪتاب ڇپائي ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪاميابي نه ٿي. هن ۲ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس آخري آرام گاهه ھٽڙي ويجھو قبرستان ۾ سندس والد ۽ امڙ جي پيرانديءَ کان آھي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا