حيات علي شاهه بخاري
بهترين ليکڪ ۽ مٺڙو ماڻهو
- جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا
مٺل جسڪاڻي
ڪهڙي
نه ستم ظريفي آهي ته پاڻ وٽ جيڪو ماڻهو خوش طبيعت، زندهه دل ۽ با اخلاق شخصيت جو ڌڻي
هوندو آهي، ان کي مسخرو، ڀوڳائي، چرچائي ۽ اهڙن هم معنى لفظن ۽ لقبن سان نوازيو
ويندو آهي!
حيات
علي شاهه بخاري، جيڪو اڄ ڪلهه عبرت اخبار جو سينيئر ڪارڪن طور اتي ترجمي نگار هجڻ
سان گڏوگڏ هفتيوار کيتي سر سيتي ۽ سندر صفحي جو سرجيندڙ به آهي، ته هفتيوار فري
پيريڊ ڪالم جو ليکڪ به آهي، ان جي شخصيت جو جيڪڏهن گهڻ پاسائون جائزو وٺبو ته سندس
حوالي سان خوش طبيعت، زندهه دل ۽ با اخلاق شخص لکي ڄڻ ته سندس اڻ پوري سڃاڻپ ڪرائي
ويندي.
