اختر درگاهي
گيڙو شام جهڙي شاعري
سرجيندڙ
حسن شيخ
اختر
درگاهي سنڌ جو اهو خوشنصيب آرٽسٽ آهي جنهن جي تربيت هڪ خالص فنڪار ۽ ادبي گهراڻي ۾
ٿي آهي. سندس ڏاڏي، سانئڻ بيگم فقيرياڻي، پنهنجي دور جي هڪ مڃيل صوفي ڪلاڪاره ۽
شاعره هئي جڏهن ته سنڌ والد، سائين درگاهي ميراڻي، انگريزيءَ جو پروفيسر هوندي،
بهترين شاعر ۽ نثر نويس به رهيو آهي. اختر درگاهي شاعري، موسيقي، تحقيق ۽
نثرنگاريءَ سان ائين عشق ڪندو آهي جيئن روسي ليکڪ اَنتون چيخوف ڪهاڻيءَ سان ڪندو
هو. اختر جي شاعري عاشقن جي دل جي ساهيڙي آهي، اها اسان جي من تي ائين اثر ڪندي
آهي جيئن “ديوداس” جي هيروئن پارو جا موهيندڙ ڊائلاگن دل ۾ لهي ويندا آهن.
۱۹۴۸ع ۾ ادب جو Nobel Prize ماڻيندڙ عظيم شاعر ۽ تنقيد نگار T. S.
Eliot چواڻي:
“Genuine Poetry is
understood before it is communicated”
اختر
جي شاعري ٽي_ايس_ايليٽ جي ڏنل وصف تي پوري لهي ٿي. اختر جي ڪوتا صوفياڻي رنگ،
رومانويت، جماليات، موضوعاتي نواڻ ۽ ٻين فني زيورن سان سجايل ان خوبصورت ڇوڪريءَ
جو ڏيک ڏيئي ٿي جنهن کي ڏسندي عاشق دنگ رهجي ويندا آهن. نيون نڪور ترڪيبون،
خوبصورت قافيا، سگهاريون تشبيهون، دلڪش منظر نگاري، بي انتها موسيقيت، وڻندڙ اسلوب
۽ خيال جي نُدرت سندس شاعريءَ کي مڃتا جي آبشار ۾ وهنجارن ٿا.
هو
پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ چوي ٿو:
درد
سان دل لڳي ضروري آ
ائين
جيئن زندگي ضروري آ
**
ٿوري ڪاوڙ
ڪرين ته پوءِ تنهنجا
لفظ
ناهن پرين ڪُهاڙا هن
**
ٿي ڇُلي
هن جي جواني سمنڊ جيان
جا
سندءِ پهراڻ ۾ ماپي نٿي.
“ٿي ڇُلي هن
جي جواني سمنڊ جيان” ڪيڏي نه نئين ۽ موهيندڙ تشبيھ آهي. سمنڊ سدائين جواني جي وهڪرن
۾ رهندو آ. شعر جي انهيءَ پر اثر سِٽَ ۾ “لفظي معنيٰ” موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ سان
سمنڊ جي ڇولين جو تيز تر اُڀارُ ڪنهن جي جوڀن جي سونهن ۽ مستيءَ کي وڌيڪ چِٽو بيان
ڪري ٿي. هن شعر ۾ خوبصورت عڪس Image ڏنل آهي، جيڪو ايزارا پائونڊ جي
عڪسي تحريڪ Imagism جي ياد ڏياري
ٿو. ايزرا پائونڊ ان شاعريءَ کي جاندار ۽ سگهارو سڏي ٿو جنهن ۾ ڪو خوبصورت عڪس چٽيل
آهي. سنڌ ۾ ڪي ٿورا خوبصورت شاعر آهن جن جي شاعريءَ ۾ لفظن سان گڏ موسيقيءَ جي
لَئه ۽ سُرَ جو حسين سنگم آهي. اختر درگاهيءَ جو شمار به انهن ئي شاعرن ۾ ٿئي ٿو
جن جون سٽون پنهنجي اسلوب ۽ لهجي سان گڏ موسيقيءَ جو رَسُ چَسُ به ساڻ ساڻ تخليق ڪن
ٿيون. شاعريءَ جي سٽن جو اندروني ترنم ۽ راڳداري جي رمز اختر جي هنن سٽن ۾ ڏسي
سگهجي ٿو.
پدمڻي
پيرَ کڻي پايل سان
نِرت ڇَن
ڇَن ڇَنَنِ سان گڏ رکجو
اختر
درگاهيءَ جي انهن سٽن ۾ “ڇن ڇن ڇنن” جو اظهار نرتڪيءَ جي پايل مان نڪتل موسيقيءَ
جو آواز هڪ وڻندڙ ماحول پيدا ڪري ٿو، جنهن کي هر شاعراڻي دل رکندڙ سونهن پرست خاص
طور تي راڳ شناس دل جي گهراين سان محسوس ڪري ٿو.
ڪربلا ڪوفي
۽ شام وانگي آ
سنڌ ڄڻ
قيدي امام وانگي آ
اختر
درگاهي سنڌ ڌرتي سان ڀرپور پيار ڪري ٿو. سنڌ کي مليل عذابن ۽ اهنجن هن جي اندر کي
چيري ڇڏيو آهي. هو هڪ سڄاڻ ۽ باشعور تخليقڪار جي حيثيت سان خاموش ويهي ڪوسا ڳوڙها
نٿو هاري بلڪ ڌرتيءَ سان ٿيل ذيادتي ۽ استحصال هن جي اندر ۾ مزاحمتي باھ ٻاري آهي.
هو اڻ ڇهيل تشبيھ جي روپ ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو ته جهڙيءَ طرح حضرت امام حسين عليه
السلام سان يزيد ظلم ۽ زيادتي ڪئي، وقت جي حڪمرانن اسان جو جيئڻ به ائين جنجال ڪري
ڇڏيو آهي.
آ سڄو
ماحول گيڙو ٿي ويو
تو جڏهن
ڪلياڻ ڳايو شام جو
اختر
درگاهيءَ جي انهن شعرن ۾ شاعريءَ جون هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خوبصورتيون وڏي
تخليقي سگھ ۽ فني ڪاريگريءَ سان بيان ڪيون ويون آهن. گيڙو رنگ، ڪلياڻ راڳُ، شام جو
پهر اهي ٽيئي اهڙا ته پُر اثر ۽ خوبصورت اُهڃاڻ آهن جيڪي سُونهن، اُميد، اَمن ۽
پيارَ جو تاثر ۽ احساس بخشن ٿا. اهڙي شاعري اختر درگاهيءَ کي هڪ فطرتي شاعر ۽
منفرد لهجي جي شاعر طور سامهون آڻي ٿي.
گيڙو
رنگ هڪ اهڙو رنگ آهي جنهن سان فطرت جي خوبصورتين جو احساس پيدا ٿئي ٿو. سج جو اڀرڻ
هُجي يا شام جي شفق اها ڌرتيءَ تي گيڙو رنگ وکيري ٿي ۽ جڏهن انهيءَ وقت محبوب جي
ياد اچي واسو ڪري ته هر عاشقاڻي دل اهڙي ماحول ۾ پاڻ سمائجي وڃي ٿي. ٻي طرف جڏهن
اهڙي ماحول ۾ ڪلياڻ راڳ جو تاثر شامل ٿي وڃي جيڪو راڳ خود اَمنَ، آشتي ۽ سُڪون جي
علامت آهي ته پوءِ يقينًا سڄي ماحول جو گيڙو ٿي وڃن اڻٽر آهي ۽ پوءِ شعر جي انهن
صرف ٻن سٽن ۾ انهيءَ سڄي سُونهن ۽ لطيف احساسن کي اختر درگاهيءَ جهڙو سُڄاڻ شاعرُ
ئي ڪاميابيءَ سان بيان ڪري سگهي ٿو.
اختر
جي گهڻ رخي شخصيت آرٽ جي هر ميدان ۾ معيار تي پوري لهي ٿي. تحقيق جي حوالي سان جن
موضوعن تي لکيو آهي، انهن موضوعن کي جديد فڪري ۽ سائنسي انداز ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري، نوان
نتيجا ڪڍيا آهن. بيدل، بيڪس، سيد جان الله شاھ، سچل سرمست ۽ نانڪ يوسف ۽ ٻين صوفي
شاعرن تي لکيل سندس ڪتاب ۽ مقالا تحقيقي ۽ تخليقي رنگن سان رچيل آهن. سنڌ جي
مانائتي ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي انداز سان “شاھ، سچل، سامي” جي ٽمورتيءَ
کي پهريون ڀيرو فڪري ۽ علمي انداز سان پيش ڪيو. تيئن اختر درگاهي به صوفياڻي
شاعريءَ جي هڪ ٻي ٽمورتي “بيدل، بيڪس ۽ سِڪايل” کي پڻ نئين انداز سان نروار ڪري،
سنڌي ادب جي قديم عمارت ۾ هڪ پائيدار ۽ سهڻيءَ سِرَ جو اضافو ڪيو آهي، جيڪو تحقيقي
۽ ادبي حلقن ۾ بي انتها ساراهيو وڃي ٿو.
اختر
درگاهي تصوف جي موضوع تي به ڀرپور دسترس رکي ٿو. هن نه صرف صوفي شاعرن تي ڀرپور
مقالا ۽ ڪتاب سهيڙيا آهن بلڪ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تصوف جي حوالي سان ڪافي ڄاڻ ڏيندڙ
ليڪچر پڻ ڏنا آهن جن مان ڪجھ سال اڳ سچل چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ پاران
تصوف تي ڏنل سندس ليڪچر اڄ تائين اسان جي ڪنن ۾ گونجار ڪري ٿو. جنهن ۾ هن ؛ “سچل
سائينءَ ۽ وحدت الوجود” جي موضوع تي پنهنجي ڀرپور مطالعي جي بنياد تي پاڻ ملهايو.
اختر
درگاهي تحقيق جي فيلڊ ۾ دقيانوسي ۽ پراڻي تقليد ڪرڻ بجاءِ جديد ۽ فڪر انگيز تحقيق
جي انداز کي اپنايو آهي ۽ هر ڀيري سچل ادبي ڪانفرنس توڙي سنڌ ۽ پنجاب ۾ منعقد ٿيندڙ
ملڪي ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ ڪن نون موضوعن تي مقالا پڙهي، بي انتها داد حاصل ڪيو آهي.
بهرحال هڪ محقق جي حيثيت ۾ اختر درگاهي جي هر لکڻي تخليقي نواڻ جي آبشار سان وهنتل
هوندي آهي.
تمام
گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته “راڳ جي راڻي” عابده پروين اختر درگاهيءَ جي شاعري
۽ شخصيت سان ڀرپور پيار ڪندي آهي. وڏي ڳالھ ته هوءَ هُن کي پنهنجو اُستاد مڃيندي
آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته گذريل ٻاويهن سالن کان وٺي سانئڻ عابده پروين جي راڳ
جي سفر ۾ اختر درگاهيءَ جو ساٿ هڪ راڳ جي ڄاڻو، صوفياڻي شاعريءَ جي پارکو ۽ سنڌ جي
صوفياڻي ۽ لوڪ راڳ جي نين ۽ گمنام ڌنن کي ٻيهر جيئارڻ طور رهيو آهي.
اختر
جي آواز ۾ ايترو ميٺاج ڀريل آهي جو هو جڏهن ڳائيندو آهي ته شاعري، موسيقي ۽ تحقيق
جي جهان جو جرڪندڙ موتي لڳندو آهي. هن جو وسيع مطالعو، گهرو مشاهدو ۽ لکڻ جو وڻندڙ
انداز هن جي لکڻين ۾ بي پناھ تخليقي حُسن پيدا ڪندو آهي.
شخصي
حوالي سان اختر درگاهي انتهائي قربائتو، سَٻاجهو ۽ دلبر انسان آهي، هُن جي دل جي
آسمان تي پيار جا گيڙو رنگَ هيرن وانگي جرڪندا آهن. اختر جي شخصيت استاد بخاريءَ
چواڻي: “مرڪڻ موتيو، ٽهڪڻ ٽانگر، خاموشي هُٻڪار يار” وانگي آهي. مان ذاتي طور تي
اختر درگاهيءَ جي شاعري ۽ شخصيت سان پيار ڪندڙ آهيان. ۽ هو مونکي پنهنجو ننڍو ڀاءُ
سڏيندي بي حد مانُ ڏيندو آهي. ان کانسواءِ مان سندس ادبي ڪچهرين مان ڪافي ڄاڻ به
حاصل ڪئي آهي. سچ پچ اختر درگاهيءَ جو نالو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خوبصورت شاعر، جديد
محقق، راڳ ۽ تصوف جي ڄاڻو طور اهم جاءِ والاري ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا