; سنڌي شخصيتون: اختر درگاهي، رکيل مورائي، حسن شيخ،
Showing posts with label اختر درگاهي، رکيل مورائي، حسن شيخ،. Show all posts
Showing posts with label اختر درگاهي، رکيل مورائي، حسن شيخ،. Show all posts

04 August, 2017

اختر درگاهي

اختر درگاهي
منهنجا-دوست تو کي جنم ڏينهن مبارڪ
رکيل مورائي
اڄ سنڌ جي ان نوجوان شاعر، محقق ۽ مرتب ۽ موسيقيءَ جي علم جي ڄاڻوءَ جو جنم ڏينهن آهي. جيڪو هاڻ پنهنجي جوانيءَ جون حدون پار ڪري بزرگن جي حدن ڏانهن وڃي رهيو آهي. ان جي سٺائي اها آهي ته اڄ تائين هن کي علم ۾ ادب ۾ جيڪو مرتبو مليو آهي، ان ۾ فقط ئي فقط هُن جون محنتون شامل آهن. هو ڪنهن به علمي ادبي مهم جوئيءَ جو حصو نه رهيو ۽ نه ئي هن پنهنجي شخصيت کي ٺاهڻ ۾ ڪي علمي ادبي گروپ استعمال ڪري پنهنجي علمي ۽ ادبي سڃاڻپ کي سوال جي نشاني بڻايو آهي، هن سدائين پاڻ پوين سيٽن تي رهي دوستن لاءِ اڳيون سيٽون خالي رکي انهن کي آبرو ڏني آهي.