مراد فقير
صوفي راڳي سان رهاڻ
مٺل جسڪاڻي
صوفي
به گهڻا، صوفي راڳي به ججها، صوفي راڳي مراد فقير به ڪو هڪ نه آهي! منهنجي جنهن
صوفي راڳي مراد فقير سان ڪچهري ٿي، ان سان منهنجي ملاقات جهمپير ۾ سائين رسول بخش
درس وٽ ٿي. جنهن وٽ روزاني روز ڪو نه ڪو اديب، شاعر، راڳي، علم ادب سان چاهه رکندڙ
مهمان هوندو ئي هوندو آهي. سندس سڄو نالو علي مراد ولد فقير بچل مڱڻهار آهي. هن ٻڌايو
ته هو ٿاڻو بولا خان لڳ مهندا پالاري ڳوٺ جو رهواسي آهي.
