نسيم بلوچ
ڪي ويجها پر ڏور- ڪي ڏور
به اوڏا سپرين
مٺل جسڪاڻي
سنجيدگي
به سٺي آهي پر ماڻهو هجي خوش طبيعت، کلڻو ملڻو. سنجيدگيءَ جي برعڪس، منهن چڙهه ماڻهو
مان ڪنهن کي ڇا ٿو ملي! پاڻ به، ته ملندڙ به، ٻئي ڪيفيتن جي ڪُن ۾!...نسيم بلوچ
سان منهن مقابل ملڻ جي آس ضرور آهي، پر اڃا روبرو ملاقات نه ٿي آهي، پوءِ به ”ڪي
ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، هو ويجهو آهي. گهڻو ويجهو پوندو پيو وڃي.
