الطاف حسين خواجه
لاڙ جي آبادگار ۽ شاعر
جون ڳالهيون...
ڳالهه ٻولهه: محمد مٺل جسڪاڻي
لاڙ جي
آبادگار ۽ شاعر الطاف حسين خواجه سان ڪا ميل ملاقات نه آهي، البت عالمي اوطاق (فيس
بوڪ) تي ساڻس رابطو ٿيو، جيڪو اڃا هلي پيو. مون کي خبر پئي ته هي ميرپوربٺوري کان ۱۶
ڪلوميٽر تي ڳوٺ شاهنواز لغاري ديهه ڇاڱاڻي جو اهڙو
آبادگار آهي، جيڪو پنهنجي زمين پاڻ سنڀالي ٿو ۽ ڪجهه زمين مقاطعي ۾ کڻي آباد ڪري
پيو. منهنجي دل گهريو ته ساڻس زرعي ڪچهري ڪجي. ان ڪري کيس ٻڌائڻ کانسواءِ سوال
جواب هلندا رهيا. اڳتي هلي ارادو ڪيم ته اهي ڳالهيون کيتي سر سيتي لاءِ سهيڙجن.
اسان ٻنهي وچ ۾ ٿيل سوال جواب دلچسپي رکندڙن لاءِ حاضر آهن:
