; سنڌي شخصيتون: حاجي، مولا بخش بوزدار، احسان علي لغاري،
Showing posts with label حاجي، مولا بخش بوزدار، احسان علي لغاري،. Show all posts
Showing posts with label حاجي، مولا بخش بوزدار، احسان علي لغاري،. Show all posts

05 September, 2017

حاجي مولا بخش بوزدار - احسان علي لغاري

حاجي مولا بخش بوزدار
ناليوارو سگهڙ ۽ شاعر - ستاويھين ورسيءَ جي مناسبت سان
احسان علي لغاري
منهنجو بزرگ دوست فقير ولي محمد هنڱورو، پنهنجي ڪچهريءَ ۾ جڏهن به سگهڙن ۽ شاعرن بابت ڳالهائيندو هو ته پنهنجي مُربي استاد صادق فقير ڀنڀري ۽ ڪجهه ٻين سٺن شاعرن، جن سان هن گهڻو وقت گذاريو ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، يا جن سٺن ماڻهن جي صحبت کيس نصيب ٿي، انهن جو  ذڪر ڪندو هو، ته حاجي مولابخش بوزدار جو ذڪر ضرور ڪندو هو. استاد ولي، معاشي طور غريب هوندي به علم ۽ ڄاڻ جي معاملي ۾ سندس دل اڇڙي ٿر جي واريءَ جي ڀٽن وانگر آهي، جيڪا سدائين پئي موجون هڻندي آهي، ڪنهن به موضوع تي ڳالهائبو ته ٻئي جي ڳالهه روڪي به پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندو ۽ اهڙي ته معلومات ڏيندو جو وڃي ٿئي خير، ۽ وري جي خبر نه هوندس ته صفا هٿ مٿي کڻي سڌو ڪندو ۽ چوندو بابا ان بابت خبر ناهي. مون سميت ادبي دنيا جو وڏو حلقو کيس چاهي ٿو، ۽ سڀني کي خبر آهي ته استاد ولي پنهنجي ڳالهين ۽ ڄاڻ ۾ صفا کرو ماڻهو آهي. مون کي به سندس انهيءَ ادا متوجه رکيو آهي، ۽ خوش نصيبي آهي جو سندس صحبتين ۾ شامل آهيان.