; سنڌي شخصيتون: محمد عظيم رند، ناصر پنھور،
Showing posts with label محمد عظيم رند، ناصر پنھور،. Show all posts
Showing posts with label محمد عظيم رند، ناصر پنھور،. Show all posts

05 September, 2017

محمد عظيم رند

محمد عظيم رند
ٽھڪ ڪڏھن به ناھن مرندا
ناصر پنھور
ڪالهه محمد عظيم رند به گذاري ويو. جيتوڻيڪ هو سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف انتظامي عهدن تي رهيو، ڪجهه عرصو پبلڪ رليشن آفيسر طور ڪم ڪيائين، پر سندس اصل سڃاڻپ هڪ طنز و مزاح جي ليکڪ هئڻ سان گڏ هڪ سماجي ڪارڪن واري آهي. بدين ضلعي جي ٽنڊي غلام علي جي ڀرسان ڳوٺ حاجي جاني رند ۾ جنم وٺندڙ عظيم رند هڪ ليکڪ طور ڄڻ ته علي احمد بروهي ۽ حليم بروهي جو تسلسل هئو. هو سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ڪارڪنن مان هڪ هو. سندس دوستن ۾ شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، عابد مظهر ۽ بلبل کورواهي شامل هئا. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ماهوار پارس جي اوائلي سٿ جو حصو رهيو. انهيءَ سٿ ۾ قاسم حيدر، نياز پنهور، ڊاڪٽر بدر سومرو، شفيع چانڊيو ۽ سريش ماکيجاڻي شامل هئا. پارس ۾ ئي هن باقاعده لکڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ طنز و مزاح تي مبني سندس ڪيتريون ئي لکڻيو ڇپيون.