; سنڌي شخصيتون: سڪندر شيخ، لاڙڪاڻو، ساغر صديقي، استاد خالد چانڊيو،
Showing posts with label سڪندر شيخ، لاڙڪاڻو، ساغر صديقي، استاد خالد چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label سڪندر شيخ، لاڙڪاڻو، ساغر صديقي، استاد خالد چانڊيو،. Show all posts

18 November, 2017

سڪندر شيخ - استاد خالد چانڊيو

سڪندر شيخ
لاڙڪاڻي جو ساغر صديقي
استاد خالد چانڊيو
اڄ دل چيو ته ڪجھ لکجي پر ڇا لکجي ڪنهن تي لکجي. لاڙڪاڻي شھر جي رستن تي موٽر بائيڪ ڊوڙائيندي سوچيندو رهيس ته لاهوري محلي جي روڊ تان گذرندي هڪ سٻاجهڙي ۽ جهونڙي ادبي ساٿي سان ملاقات ٿي وئي. ذھن جنبش کاڌي. مٿيون عنوان لکجي ويو. دوست به سوچيندا هوندا ته آخر لاڙڪاڻي ۽ ساغر صديقي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق. پر ڪڏھن ڪڏھن ڪي شخصيتون، فطرتن ۽ عادتن، هڪجهڙيون لڳنديون آھن. ايئن ئي لاڙڪاڻي شھر جي ادبي ماحول ۾، ھو مون کي ساغر صديقي جهڙو لڳندو آھي. جيئن لاهور جي فٽ پاٿن تي، ساغر کي چانھ چڪي پيئاري، سندس محنتن مان ڪيترا ئي ادب جا وڏا نالا ٿي ويا، تيئن ئي هتي لاڙڪاڻي ۾ هن فقير صفت انسان سان لاهوري محلي جي هڪ ننڍڙي هوٽل تي ويٺي ويٺي، ڪيترا ئي دوست، شاعريءَ جي ميدان ۾ صاحبِ ڪتاب ٿي ويا.