; سنڌي شخصيتون: حاجي ذوالفقار علي تمراڻي - خدا بخش تمراڻي

18 November, 2017

حاجي ذوالفقار علي تمراڻي - خدا بخش تمراڻي

حاجي ذوالفقار علي تمراڻي
خدا بخش تمراڻي
اڇي واري جي وڏن وڏن دڙن کي کنڀ چيو ويندو آھي. کنڀ مان ڪنب ٺھيو. ڪنب کي، شهر ڪرڻ ۽ شهر کي ترقي ڏياريندڙن ۾ مرحوم حاجي ذواالفقار احمد  تمراڻي جو وڏو ڪردار آهي.


ڪنب ۾، ٻه سؤ سال پهريان اڇي واري جا وڏا وڏا دڙا هوندا هئا ۽ هتي هڪ تمراڻي جي اٽي جي چڪي لڳل هوندي هئي ۽ ڪو به پڪو رستو ٺهيل نه هوندو هيو. هتي تمراڻي ڪميونٽي جا ماڻهو آباد هئا ۽ هتي تمراڻي قبيلي جا ماڻهو ڪمند، ڪڻڪ ۽ ڦٽين جو واپار ڪندا هئا ۽ هتان جا ماڻهو غريب مزدور ماڻهو رستا ۽ گاڏيون نه هجڻ ڪري جنس يعني ان ۽ ڦٽيون ۽ ٻيو سامان اٺن، گهوڙن ۽ ڏاند گاڏين تي ڏورانهن علائقن ڏانهن کڻي ويندا هئا ۽ اتان خريد ۽ وڪرو به ڪندا هئا. جتي سامان کڻي ويندا هئا، اتي دوستي جو هٿ وڌائيندا هئا ۽ هفتن جا هفتا رستن ۾ مسافر ٿي رهندا هئا ۽ اتي اتان جي ماڻهن سان دوستي جا تعلقات ٿيندا هئا ۽ اهي هڪٻئي وٽ مهمان ٿي رهندا هئا.
حاجي ذوالفقار احمد هڪ سخي دل انسان ۽ مهمان نواز هجڻ جي ڪري وٽس هر رات مسافر مهمان سون جي تعداد ۾ رهائش ڪندا هئا ۽ اهو هر ايندڙ مهمان کي وڏي عزت ڏيندڙ شخص هيو.
هي شخص بلوچ خان تمراڻي جي گهر ۾ پئدا ٿيو هيو ۽ هي ننڍپڻ کان ئي سچو، همٿ ڀريو ۽ تمام گهڻو ڏاهو ۽ سٺي سوچ وارو انسان هوندو هيو. اڇن دڙن کي شهر ڪرائڻ لاءِ حاجي ذوالفقار احمد تمراڻي جو اهم ڪردار آهي. ھن ٻين ڪميونٽين جي ماڻهن کي ٻين علائقن کان لڏائي (آڻي) انهن کي مفت ۾ پلاٽ ڏئي انهن کي جهوپڙيون ٺهرائي ڏنيون ۽ انهن کي آباد ڪيو ۽ هندو برادري جي ماڻهن کي ڪاروبار ڪرڻ آندو هيو ۽ اهي آهستي آهستي آبادي وڌندي وئي ۽ دڙا هڪ آبادي ۾ تبديل ٿيندا ويا ۽ انهن واري جي دڙن تي گهاٽا گهاٽا کبڙ جا وڻ هوندا هئا ۽ ڳوٺاڻا انهن کڀڙن جي وڻن مان پيرون پٽيندا هئا واري جي وڏن وڏن دڙن کي کنڀ مشين سڏيندا هئا ڏورانهن علائقن کان ايندڙ مهمان واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي پنهنجن ڳوٺاڻن کي هتان جي حاجي ذوالفقار احمد جا احوال ٻڌائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ادا اڙي اديون اسان جو کنڀن واري علائقي ۾ اسان جو سٺو دوست آهي ائين ئي هن دڙن واري علائقي کي بيڊي اليڪشن کان پوءِ کنڀ کي يونين ڪائونسل جي نالي تي آندو ويو ۽ اهو آهستي آهستي آبادي وڌڻ جي ڪري شهر ٿيندو ويو ۽ ماڻهن جي آدم شماري وڌڻ ۽ انهن جي زبان جي ٻولي جي ڪري کنڀ مشين مان ڪنب مشين ٿي ويو ۽ اهو هاڻي  تعلقي ڪوٽڏيجي جو دل رکندڙ شهر بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي هي شهر آبادي جي لحاظ کان به وڏو شهر آهي ۽ هن وقت هي شهر پيپلزپارٽي جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي.
هتان گهڻو ٽائيم اڳي بيڊي اليڪشن ۾ حاجي ذوالفقار احمد خان تمراڻي کٽيو هيو ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪنب جو چيئرمين حاجي ذوالفقار احمد تمراڻي ٿيو هيو جنهن 1984ع ۾ ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ ڪچهري حال يعني ٽائون ڪاميٽي جي بلڊنگ ٺهرائي جيڪا اڃان تائين زبون حالت ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ شخص ڪنب شهر کي وڌائڻ لاءِ ٽائون جا سرڪاري دڪان ٺهرائي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي ڌنڌي ڪرڻ ۽ پيٽ پالڻ جي لاءِ ڏياريا هئا ۽ سرڪاري پلاٽ ۾ جانورن جي واپار ڪرڻ لاءِ مال پڙي ٺهرائي هئي جيڪا اڄ اها هڪ سال جي ٺيڪي تي هڪ ڪروڙ کان مٿي وڃي ٿي ۽ ٽائون جي سرڪاري دڪانن جي پڻ ٽائون کي مسواڙ ملي ٿي، اهڙي طرح هن ٽائون ڪاميٽي ڪنب جي شهرين کي فائدا پڻ ڏياريا هئا.اسان سڀني تمراڻي برادري جو پيارو ماڻهو هيو ۽ اهو پير سائين پاڳاري ڇت ڌڻي جو مريد هيو اسان جيتري به ان جي تعريف ڪيون پر اها گهٽ آهي. گندگي کان بچائڻ ۽ گهرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه جيلاني کان ڊرينيج جون اسڪيمون ڏياريون هيون ۽ ماڻهن کي تڪليفن کان بچايو هيو.
مرحوم حاجي ذوالفقار احمد تمراڻي شهر ۾ رهندڙن ۽ ان جي پسگردائي جي رهواسين کي پيئڻ لاءِ مٺو ۽ صاف پاڻي مهيا ڪيو هيو ڇو جو شهر جو پاڻي کارو هيو انهي جي ڪري هن ڪوشش ڪري شهر جي ٻاهريان مٺي پاڻي لاءِ واٽر سپلاءِ جي اسڪيم 1987ع ۾ سيد غوث علي شاهه جيلاني کان ورتي هئي ۽ ان مان شهرين کي مٺو پاڻي پهچائڻ لاء پائيپ لائين وڇائي شهرين کي مٺو ۽ صاف پاڻي مهيا ڪيو هيو اهي مٺي پاڻي وارن پائيپ لائينن کي تقريبن 30سالن کان مٿي وقت گذري چڪو آهي ۽ اهي پائيپ لائينون پراڻيون ٿي ڀري ويون آهن ۽ شهر جي ڪافي علائقن  ۾ مٺي پاڻي واريون پوريل لائينون ناڪاره بڻجي چڪيون آهن.

حاجي ذوالفقار احمد تمراڻي ڪنب شهر ۽ ان جي پسگردائي جي ڳوٺاڻن جي اولاد کي تعليم جهڙي زيورن سان سينگارڻ لاءِ بوائز پرائمري اسڪول مڊل بوائز اسڪول ۽ گرلس پرائمري اسڪولن جون بلڊنگون 1987ع ۾ وڏي وزير سيد غوث علي شاهه جيلاني کان ڏياري شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان سينگاريو. ڪنب جو هي عوام دوست اڳواڻ اسان کان سال 1994ع ۾ وڇڙي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا