; سنڌي شخصيتون: منظور ميراڻي، الطاف پيرزادو، رشيد راڄڙ، علي ڏنو جروار، صالح بلو، معصوم مصطفيٰ ڪنڀر
Showing posts with label منظور ميراڻي، الطاف پيرزادو، رشيد راڄڙ، علي ڏنو جروار، صالح بلو، معصوم مصطفيٰ ڪنڀر. Show all posts
Showing posts with label منظور ميراڻي، الطاف پيرزادو، رشيد راڄڙ، علي ڏنو جروار، صالح بلو، معصوم مصطفيٰ ڪنڀر. Show all posts

23 November, 2017

رشيد راڄڙ


رشيد راڄڙ
سنڌ جو ارڏو ڪردار
علي ڏنو جروار
هونئنءَ ته سنڌ ۾ ڊسمبر جا وڇوڙا مشهور آهن، ڇو ته ڊسمبر ۾ اسان سنڌ واسين کان بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين انسان وڇڙي ويا آهن. پر هن سال نومبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي اسان کان سائين محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو ۽ اڄ وري سنڌ جو هڪ سينئر ۽ بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رشيد راڄڙ جو سنڌ جي صحافت ۾ تمام وڏو نالو آهي. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا صحافي، سياسي ڪارڪن، کاٻي ڌر جا سياسي ورڪر توڙي قومپرست سڀئي ڏکويل آهن، لطيف سائين جون اهڙي موقعي بابت سٽون آهن ته