; سنڌي شخصيتون: مختيار سمون، زاهد منگي، اشوٿاما، وحيد محسن، مشتاق راڄپر، پرديپ گلاب، ياسر قاضي،
Showing posts with label مختيار سمون، زاهد منگي، اشوٿاما، وحيد محسن، مشتاق راڄپر، پرديپ گلاب، ياسر قاضي،. Show all posts
Showing posts with label مختيار سمون، زاهد منگي، اشوٿاما، وحيد محسن، مشتاق راڄپر، پرديپ گلاب، ياسر قاضي،. Show all posts

24 December, 2023

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

مظلومن جي نمائندگي ڪندڙ شاعريءَ جو سرجڻهار

پروفيسر مختيار سمون



سياست، ادب ۽ صحافت، انهن ٽنهي مان ٻه شعبا يعني سياست ۽ صحافت ته رياست جا ٿنبا ليکجن ٿا پر ٽيون جيڪو آهي يعني ادب، جيڪو شاعري به آهي ته نثر بہ، اهو ان رياست ۾ رهندڙ عوام جي زندگين جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي، آئينو هوندو آهي، انهن جو ڀرجهلو هوندو آهي، ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي سکن جو ساکي ۽ انهن جي دردن جي دانهن هوندو آهي، تاريخ هوندو آهي. اهي ٽئي دڳ يعني سياست، ادب ۽ صحافت هڪ ٻئي سان سلهاڙجي رياست کي رهڻ جوڳو بڻائيندا آهن يا مثبت تبديليءَ لاءِ انقلاب آڻيندا آهن ۽ قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيندا آهن. اسان جو ڊاڪٽر آڪاش انهن ٽنهي دڳن تي سرواڻي وارو علم کڻي اڳتي وڌيو آهي ۽ اڄ جيڪا نوجوانن ۾ سياسي جاڳرتا، قومي ڪاز لاءِ قرباني وارو جذبو، ڌرتي ۽ ٻولي سان محبت، پاڻ ۾ پختو ويساھ، جيجل جي جهولي لاءِ احترام ۽ اتساھ نظر اچي ٿو، ان ۾ ٻين سان گڏ اسان جي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سياسي، صحافتي جدوجهد سان گڏ سندس شاعري جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام آهي سو صاف ۽ چٽو آهي. اهو ڪنهن مصلحت، ڪنهن اگر مگر ۽ شڪ کان ماورا هڪ اهڙي اٽل فيصلي يا وچن جيان آهي جنهن کي صادر ڪرڻ لاءِ ڪونڌر ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ته تيار هوندا آهن پر پير پوئتي ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيندا آهن. اهڙي وچن جو هڪ مثال سندس هيٺئين شعر مان به پسي سگهجي ٿو: