شبير ڪنڀار
سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار
نظام الدين ڪاڪا
سنڌي ٻولي
۽ سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترا ئي تمام وڏا، وڏا ۽ چڱا، چوکا نالا آهن جن پنهنجي مادري
ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو آهي تـ چڱي خاصي مڃتا بـ ماڻي آهي. ڪي ماڻهو
پريس وارن کي ويجهو هجڻ جي ڪري پيا ڇپبا ۽ ڳائبا آهن تـ ڪي سٺا تخليقڪار هجڻ جي باجود
ايتري مڃتا نـ ماڻي سگهيا آهن يا انهن کي نالي ڪڍرائڻ جو شوق نـ آهي، انهن کي صرف
۽ صرف پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ، ويجهـ جو اونو رهندو آهي، اهڙن املهه انسانن مان سائين
”شبير ڪنڀار“ به آهي.