الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ
نج سنڌي کاڌن جي ماهر ۽ ان تي پهريون بلاگ ٺاهيندڙ
ثريا ڪپري
(هي اليڪٽرونڪ انٽرويو مون نيو جرسي آمريڪا مان
ادي الڪا ڪيسواڻي کان هندوستان جي مکيه شهر ۽ واپاري مرڪز ممبئي مان ورتو آهي. هوءَ
سنڌي کاڌن کي انٽرنيٽ تي سهڻي نموني سهيڙي، ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جو فرض سرانجام ڏيڻ ۾ 2008 کان رڌل آهن.)
کاڌو ڪنهن
به قوم جي رهڻي ڪهڻيءَ جي سڃاڻپ هوندو آهي،سنڌ ۾ گهٽ ماڻهن کي ان جو اونو آهي، اسان
جو ايندڙ نسل صرف ٽي وي تي انڊيا جي اتر پرديش ۽ بِهار صوبن، يا مغلن جا کاڌا يا وري
اولهه جي ملڪن جا کاڌا ٺاهڻ جون ترڪيبون ڏسي وڏو پيو ٿئي، اهو اڳتي هلي اهي مصالحا
سنڌي کاڌن ۾ استعمال ڪندو ۽ پنهنجي سنڌي کاڌا ٺاهڻ جو طريقو وساري ويهندو. ڪنهن کي
به ان ڳالھ جي ڳڻتي ناهي ته سنڌي کاڌا اسان جي ثقافت جو اهم جز آهن. نج سنڌي کاڌا ٺاهڻ
جا طريقا ۽ انهن جي تصويرون ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ۽ انٽرنيٽ تي رکجن ته جيئن ايندڙ نسل
پنهنجي ثقافت کي نه وسارين.
