زيب سنڌي
گهڻ صلاحيتو ۽ متحرڪ
اديب
رضوان گُل
سنڌي ڪهاڻي
جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ
کي نئون جنم ڏئي ان کي جوان جماڻ بڻايو. جن همعصر ڪهاڻيڪارن جديد انداز ۾ ڪهاڻي
قافلي کي اڳتي وڌايو، انهن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتي جو ٽائيٽل مليو، جن ۾ ڊاڪٽر
اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ جمال ابڙو شامل آهن. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ جمال ابڙي
جو تعلق وري لاڙڪاڻي سان هئڻ به اتفاق جي ڳالهه آهي پر اهو اتفاق هو يا لاڙڪاڻي جي
مٽيءَ جي زرخيزي جو سنڌي ڪهاڻي جي ٽه مورتيءَ جا ٻه فرد هن تَر جا هئا. ان ڳالهه
جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺبو ته لاڙڪاڻو جيڪو سياست کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي
شعبن ۾ اڳرو رهيو آهي، ڪهاڻي واري شعبي ۾ به سموري سرهاڻ واسيل سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين
ضلعن کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جو هتي اياز قادري ۽ جمال ابڙي واري ٽهيءَ ۽ ان کان
پوءِ ڪيترن ئي اهڙن ڪهاڻيڪارن جنم ورتو، جن ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو نالو مڃرايو.
نه صرف
سنڌ پر سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر به لاڙڪاڻي جي ڪهاڻيڪارن کي مڃتا ۽ مانُ مليو. اهڙن
لاڙڪاڻي واسي ڪهاڻيڪارن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، انيس انصاري، ملڪ آگاڻي، روشن
تنيو، سليم ڪورائي، مهتاب راشدي، طارق عالم ابڙو، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، اختر
جانوري، منظور ڪوهيار، بدر ابڙو، ڪليم لاشاري، انور پيرزادو، درمحمد پٺاڻ، اسحاق
انصاري، مقصود گل، محمد علي پٺاڻ، اخلاق انصاري، عنايت ميمڻ، احسان دانش، رياضت ٻرڙو،
ايوب گاد، غلام نبي گل، محمد هاشم حامي، سڪندر عباسي، ادا قاضي، جهانگير عباسي،
جهان آرا سومرو، ممتاز ابڙو، نسيم پارس، ممتاز عباسي، ۽ ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار،
شاعر، مترجم، ايڊيٽر، براڊڪاسٽر، پبلشر، استاد ۽ ڪمپيئر زيب سنڌي شامل آهن. انهن
کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻيڪار آهن جن سڀني جا نالا هتي شامل ڪرڻ ممڪن نه آهي.
اها ڳالهه ڪري اهو تاثر قائم ڪرڻ مقصود نه آهي ته ڪو فقط لاڙڪاڻي ئي ڪهاڻيڪار پيدا
ڪيا آهن، پر اسان جي سڄي سنڌ اهڙن ڪيترن ئي تخليقڪارن سان مالا مال آهي، جن سڀني
تي اسان کي فخر آهي. هتي ادبي دنيا ۾ شهرتون ۽ محبتون ماڻيندڙ اهڙي ئي پياري ماڻهوءَ
زيب سنڌيءَ جي لاڙڪاڻي واسي هئڻ جو حوالو آيو ته اها ڳالهه ٿي، جنهن سان اهو اندازو
ڪري سگهجي ٿو ته ڪهاڻي کيتر ۾ لاڙڪاڻي به پاڻ ملهايو آهي. هونئن ليکڪ ڪنهن به خطي
جي ميراث نه ٿا هجن. هنن جي سڃاڻپ رڳو علائقائي سطح تي نه، پر سرحدن پار به هجي ٿي.
زيب سنڌيءَ
جو اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ آهي. هو سيپٽمبر جي ۷ تاريخ سن ۱۹۵۷ع تي ميرن واري خيرپور ۾ ڄائو،
جو ان وقت سندس والد جي پوسٽنگ اتي هئي. ٻال وهيءَ کان ويندي جوڀن ڏينهن تائين زيب
سنڌي لاڙڪاڻي جي گهٽين ۽ روڊن رستن تي دوستن سان گهمندو رهاڻيون ڪندو ۽ تعليمي سفر
اڳتي وڌائيندو رهيو. ديني مدرسي ۽ پائليٽ اسڪول مان پڙهائي بعد بي اي سچل ڪاليج ۽
سنڌي ادب ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين.
زيب سنڌي
شروع کان وٺي ئي متحرڪ ماڻهو رهيو آهي، سندس طبعيت ۾ واندو ويهڻ شامل ئي نه آهي.
هن لڳاتار ڪم ڪيو آهي. سندس قائم ڪيل ”سڳنڌ پبليڪيشن“ طرفان شيخ اياز، امر جليل،
اياز گل، ادل سومري، شبنم گل، گوبند مالهي، ذوالفقار راشدي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن
جا معياري ڪتاب ڇپيا جنهن جو ڪريڊٽ زيب سنڌي ڏي وڃي ٿو. هن سڳنڌ پبليڪيشن طرفان
شاعري، ڪهاڻيون، ترجما، ڪالم، مضمون، آتم ڪهاڻيون مجموعي طور ادب جي مڙني شعبن جا ڪتاب
شايع ڪرايا. هن نه صرف سينيئر ليکڪن بلڪ ان وقت جي نوَن اديبن جا به ڪتاب ڇپرايا.
سڳنڌ پبليڪشن پاران ڇپايل ڪتابن کي ان دَور ۾ ڪمال جي موٽ ملي. جهڙي ريت ۱۹۸۲ع کان ويندي ۱۹۸۶ع
تائين لاڙڪاڻي مان زيب سنڌيءَ تقريبن ۳۰ کان مٿي
ڪتاب ڇپرايا، اها کوٽ اڄ تائين زيب سنڌيءَ جي حيدرآباد لڏي وڃڻ بعد ڪو به پوري
ناهي ڪري سگهيو.
زيب سنڌي
جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن ۽ سندس هر پهلو شاندار آهي. هن هر شعبي ۾ پاڻ ارپي ڪم
ڪيو آهي. هر شعبي ۾ هن پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي. پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ئي
لکارين جي ڀيٽ ۾ کيس گھڻو مانُ ۽ مڃتا ملي آهي. انهيءَ مانائتي موٽ جي نتيجي ۾ هو
پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي درميان ئي رهيو آهي. ڪڏهن ڪهاڻين ته ڪڏهن سنڌي ۽ اردو ڊرامن
جي ذريعي، هن ماڻهن سان پنهنجو سٻنڌ قائم رکيو آهي. ڪهاڻيڪار کان ويندي هڪ ڀلوڙ ڊرامي
نويس تائين پاڻ مسلسل تخليقي سفر جو پانڌي رهيو آهي. سندس اهڙي اورچائي جي نتيجي ۾
کيس اڄ نه صرف سنڌ پر ملڪ ۽ ملڪي سرحدن کان ٻاهر به هڪ برجستي ڊرامي نگار طور ڄاتو
وڃي ٿو. پي ٽي وي کان ويندي پاڪستان جي نجي سنڌي ۽ اردو ليڊنگ چينلز تي زيب سنڌي
جي ڊرامن کي شهرتون مليون آهن. جن ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيل اردو ڊرامي ”جانشين“ تي
کيس تمام گهڻي موٽ ملي. سندس پهريون ٽي وي ڊرامو ”وڃايل ٻار“ ۽ پهريون ريڊيو ڊرامو
”سمجهوته“ آهي. ٽي وي تي نشر ٿيل سندس ٻين ڊرامن ۾ ”ماءُ“، ”خالي گهر“، ”خالي ڪاغذ“،
”ڇوڏو“ ، ”سمنڊ جون سرحدون“، گهر ڀاتي“، ”چال“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن. اڄ ڪلهه
سندس اڪثر ڊراما پرائيويٽ اردو چينلز تان نشر ٿي رهيا آهن.
زيب سنڌي
۱۹۸۸ع ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروڊيوسر
مقرر ٿيو، جتي هن ريڊيو ڊراما لکيا ۽ ڪمپيئرنگ سان گڏ صداڪاري به ڪئي. بعد ۾ ۱۹۸۹ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار طور چونڊجي ويو ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جو
استاد آهي. ڪجهه وقت تائين هو پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پاران شايع ٿيندڙ
”اڪيڊمي نامه“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هفتيوار ”سنڌو“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر جي
حيثيت ۾ هن يادگار ڪم ڪيو. ان دؤر وارو هفتيوار ”سنڌو“ پنهنجي دلچسپ سلسلن ڪري اڄ
به ليکڪن کي ياد آهي. جيتوڻيڪ زيب سنڌي بنيادي طور هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي پر هن ڪيترائي
بهترين ترجما به ڪيا. هونئن به ترجمو ڪنهن تخليقڪار کي ئي ڪرڻ ٿو سونهين، جو لکڻيءَ
جو اصل روح به ڪو اصلوڪو ليکڪ ئي پرکي، پرجهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب
ترتيب پڻ ڏنائين، جيڪي ”سڳنڌ پبليڪيشن“ پاران شايع ٿيا.
۱۹۷۴ع ۾ زيب سنڌي جي پهرئين ڪهاڻي ”زخمي دل“، رهبر ڊائجسٽ ۾ شايع ٿي. سندس ڪهاڻين
جا چار مجموعا ”گهٽيل خواهشون“ ۱۹۷۷ع ،
”زندگي درد جي ٻانهن ۾“ ۱۹۸۱ع، ”ڌنڌ
۾ گم ٿيل منظر“ ۽ ”حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر“ ۲۰۱۰ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان
علاوه مترجم ۽ مرتب جي حيثيت ۾ سندس ڏهه کن ڪتاب پڌرا ٿيل آهن. ۱۹۹۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان پاران کيس بهترين ريڊيو ڪمپيئر جو ايوارڊ مليو. جڏهن ته
سنڌي ادبي سنگت پاران ۱۹۹۹ع ۾
کيس ڪارڪردگي ايوارڊ پڻ حاصل ٿيو. بحيثيت شاعر زيب سنڌي جي نظم ۽ هائيڪن کي ڪافي
پذيرائي ملي آهي.
سندس ڪهاڻين
جا پلاٽ اسان جي ئي سماجي مسئلن ۽ مونجهارن تي مشتمل آهن. هن اهڙن ڪردارن تي به
لکيو آهي جن کي اڪثر نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب هو معاشري ۾ احساسِ ڪمتري جو
شڪار رهن ٿا. پيار کان ويندي پرماريت تائين هن ڪيترن ئي انوکن موضوعن تي لکيو آهي،
انهن لکڻين جي موٽ ۾ زيب سنڌيءَ کي سندس پڙهندڙن پاران مانَ ۽ عزتون مليون آهن.
کيس جيڪي شهرتون پنهنجي پڙهندڙن پاران مليون آهن، اهي سندس مسلسل محنتن جو ئي سِلو
آهن ۽ ڪنهن به ليکڪ لاءِ ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هن پنهنجي لکڻين
ذريعي پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون هجن.
زيب سنڌي
وقت سان وِکَ ملائيندڙ ليکڪ
نور گهلو
وقت وقت جي پنهنجي اهميت ۽
پنهنجا فيصلا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن انسانن جي عروج ۽ زوال جو سبب به بڻجي
ويندا آهن. وقت جو اهڙو دوستاڻو ۽ جارحاڻو عمل سدائين جاري رهي ٿو، جنهن کي روڪي
نٿو سگهجي. پر جن انسانن ۾ خود اعتماديءَ جي سگهه موجود هوندي آهي، اهي وقت جي
فيصلن تي به اثر انداز ٿيڻ جي سگهه رکندا آهن. اهڙا ماڻهو وقت جي فيصلن ۾ ترميم
ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مڃتا جي منزل ماڻي وٺندا آهن. منهنجي خيال ۾ زيب سنڌي به، اهڙو
ئي پختي ارادي وارو شخص آهي.
ڪنهن به ليکڪ جي شخصيت ۽ فن تي
پوري ايمانداريءَ سان لکڻ اڄڪلهه ڏاڍو
ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيڪڏهن اها ادبي شخصيت دوست به هجي ته پوءِ اهو ڪم وري هڪ
امتحان جهڙو لڳي ٿو، پر زيب جيڪا سدائين محبت ڏني آهي ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو
آهي، تنهن ڪري اهو ڄڻ قرض ٿي پيو آهي ۽ پراڻي دوستيءَ سبب فرض به ٿي پيو آهي ته اڄ 7 سيپٽمبر 2016ع تي سنڌي ادبي سنگت
(مرڪز) پاران زيب سنڌيءَ سان سندس سالگرهه جي موقعي تي ساڻس رچائجندڙ رهاڻ جي
موقعي تي سندس فن ۽ شخصيت کي محبتن جي ڀيٽا ڏجي.
هي 1974ع جي انهن ڏينهن جي
ڳالهه آهي، جڏهن اسان ادبي دنيا ۾ نئون نئون داخل ٿيا هئاسين ته سڀ کان پهرين اسان
جي ڏيٺ ويٺ لاڙڪاڻي جي دوستن ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ، واجد ناز ۽ زيب
سنڌيءَ سان ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ اسان جون ڪجهه تخليقون رسالن ۾ ڇپبيون هيون. مون
1980ع ۾ زيب جي هڪ ڪهاڻي پڙهي کيس چيو هو، ”ڪهاڻي لکڻ تو کان زور آهي. تون ڪهاڻي
لکڻ بند ڪري شوبز جي حوالي سان وڃي آرٽيڪل لِک.“ تڏهن هن مرڪي وراڻيو هو؛ ”اهو
فيصلو ته وقت ڪندو ته مان سٺي ڪهاڻي لکي سگهان ٿو يا نه!“
وقت زيب جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ ۾ ڪا
گهڻي دير نه ڪئي. پنهنجي ڪمٽمينٽ سبب، ادبي دنيا ۾ اڄ زيب مون سميت الائي ڪيترن
همعصرن کي پوئتي ڇڏي، انهن کان اڳتي نڪري ويو آهي، جتي هن کي عزت احترام ڀري مڃتا
ملي آهي. ان جي باوجود هو اڄ به پُٺي ورائي پوئتي ضرور ڏسندو آهي ته ڪٿي ڪو دوست
اڪيلو ته نه رهجي ويو آهي! هتي اها ڳالهه به ڪندو هلان ته 1980ع ۾ سندس جيڪا ڪهاڻي
پڙهي کيس ڪهاڻي لکڻ کان روڪيو هو، هن انهيءَ ساڳئي ڪهاڻيءَ جي مرڪزي خيال تي
اردوءَ ۾ بلاڪ بسٽر ڊراما سيريل ”جانشين“ لکي هئي، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو
هو.
زيب سنڌي پنهنجي طبيعت سبب
ڪيتريون ئي آفرز ملڻ جي باوجود پنهنجي ڪتابن جا مهورت ڪرائڻ، شامون ملهائڻ يا
رهاڻيون رچائڻ کان لنوائيندو رهيو آهي، جو هن نمائش بجاءِ سدائين خاموشيءَ سان
لکندو رهڻ کي ئي ترجيح ڏني آهي. اڄ اهو ڪريڊٽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري
جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن ئي وڃي ٿو جو زيب سنڌي پنهنجي جنم ڏينهن جي حوالي سان
رچايل رهاڻ ۾ اسان جي سامهون اسٽيج تي موجود آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا