; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

09 October, 2016

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
هڪ فرد- هڪ ادارو
عيسيٰ ميمڻ
جڏهن سماج ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري، اڳتي وڌندا آهن، تڏھن اهي سماج فردن کان وڌيڪ ادارن تي ڀروسو ڪندا آهن. دنيا جا سمورا ترقي يافته سماج، ادارن جي ڪم کي ئي ڀروسي جوڳو سمجهندا آهن. پسمانده سماجن ۾، وري ڪي فرد ادارن جي حيثيت رکندا آهن، جيڪي سماج جي گهڻ-طرفي اڏاوت ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته سماج جي ترقي، چاھي ارتقائي هجي يا انقلابي، ٻنهي صورتن ۾ فرد جو ڪردار اهميت لھڻي ٿو. سنڌي سماج جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ ۾ ادارن کان وڌيڪ فردن جو ڪم رهيو آهي ۽ اهڙا ئي فرد پنھنجي ذات ۾ انجمن جي حيثيت رکندا آهن. اهڙن فردن مان سنڌ جي انتھائي پسمانده علائقي جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو به هڪ آهي. هن جنھن ماحول ۾ اک کولي اهو ماحول سردارن، جاگيردارن، وڏيرين ۽ قبائيلت جي ور چڙهيل هو ۽ آهي. جتي شعور، علم ۽ ادب جي ڳالهه ڪرڻ ڪنھن چڪور جو انڌياري ۾ اڏرڻ ۽ نيل ڪنول جو گندي پاڻيءَ ۾ وجود رکڻ برابر هو ۽ آهي. مون سان ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جو پھريون تعارف ۲۰۰۱ع ۾ تڏهن ٿيو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران ڏوڪريءَ ۾ ليڪچر ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي دعوت ڏني ويئي هئي. ڊاڪٽر صاحب ٻه ڏينھن ڏوڪريءَ ۾ رهيو هو. تڏهن ٻئي ڏينھن ساڻس گڏ هوندي، ڊاڪٽر صاحب علمي، ادبي ۽ شخصي طور تي ايترو اثر ڇڏيو هو جو اڄ تائين ڊاڪٽر صاحب جي سحر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهيان.


ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جي علمي ۽ ادبي ڪم جو اثر صدين تائين سنڌي ادب تي رهندو. جنھن جو سڀ کان وڏو ڳڻپ جوڳو ڪم شاهه لطيف تي ”شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي آهي، جيڪا هن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. لطيف سائين کي سنڌ ۾ جن شخصن نون رُخن ۽ زاوين کان متعارف ڪرايو انھن ۾ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، بدر ابڙو، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پھريان عالم/ اڪابر هئا، جن لطيف کي روايتي شاعر طور تي ڏسڻ بجاءِ، ترقي پسند ۽ سنڌ جي معروضي حالتن تحت نه صرف ڏٺو جانچيو پرکيو ۽ تشريح ڪئي. ”لطيف سائين جي سموري شاعري علامتن، اشارن سان ڀري پئي آهي.“ اهو نئون رخ کڻي ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ لطيف جو هڪ حقيقي تعارف ڪرايو. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب جو هي تاريخي ڪم اڄ به سنڌ ۾ مناسب عزت ۽ اهميت لهڻي ٿو.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي جي ٻاجهاري طبيعت سنڌ ۾ نون لکندڙن لاءِ سدائين اتساهه، ويساهه ۽ حوصلا افزائي جو سبب رهي آهي. جنھن ڪڏهن به علمي رعب ويھارڻ خاطر نون لکندڙن کي مايوس ناهي ڪيو پر هر اڀرندڙ محقق ۽ لکندڙ کي جيءَ ۾ جايون ڏئي، پنھنجي ڀائرن جيان محبت ڏئي، رهنمائي ۽ سھڪار ڪندو رهي ٿو. جنھن ڪيترا ئي لکندڙ پيدا ڪيا آهن، جيڪو هڪ اداري جيترو ڪم آهي. هن غربت ۽ زندگيءَ جا تلخ ترين تجربا ڏٺا ۽ ڪيا آهن، تنھن ڪري هي نون لکندڙن لاءِ آساني ۽ سھولتون مھيا ڪرڻ پنھنجو فرض سمجهي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب جنھن، سڄي عمر لکڻ جو رياض ڪيو آهي. اهو رياض ئي هوندو آهي، جيڪو هر وقت فن کي تازو رکندو آهي. ستر سالن جي عمر ۾ به هن جو قلم، ڪلهه جيان تيزيءَ سان وهندو رهي ٿو. هن ڪتابن سان دوستيءَ جو ناتو هڪ گهڙيءَ لاءِ به ختم ناهي ڪيو، جيتوڻيڪ هن جا ۲۱ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، جيڪي سنڌي ادب جي املهه ميراث ته آهن ئي پر هن جي اڻ ڇپيل لکڻين جو پڻ وڏو تعداد آهي جيڪو اڃان تائين شايع ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. هن ادب جي مڙني شعبن، تاريخ، تحقيقي، ترجمي، شاعري، ڪھاڻي توڙي تنقيد ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي. سندس هر ڪم الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت رکي ٿو. هن جنھن به صنف ۾ لکيو آهي، اهو ايترو به ڀرپور لکيو آهي جنهن جو ڪو مثال ئي نه آهي. هي نه صرف لکندڙ آهي پر پڙهندڙ به آهي ته هڪ ئي وقت تنظيمي ضابطي ۾ رهندڙ فرد به آهي، جنھن سنڌي ادبي سنگت کي پنھنجي شفقت ۾ رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنھنجي علمي، ادبي ۽ شعوري پورهئي جي ڪري جيڪب آباد جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. جيڪب آباد ڪنھن وڏيري، جاگيردار، سردار سان نه پر ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي سان سڃاتو وڃي ٿو. جيڪب آباد واسي خوشنصيب آهن جن وٽ سنڌ جي تاريخ جي اهم شخصيت موجود آهي، جنھن جي ادبي پورهيي تي هميشه سنڌ کي فخر ۽ ناز رهندو. 





ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
ناميارو عالم، لطيف شناس ۽ هڪَ محبوب شخص
ڊاڪٽر احسان دانش
رجنيش اوشو پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيون جي حقيقت بيان ڪندي چيو هو ته ”جيون هڪ ڪورو ڪتاب آهي. ان کي کولڻ سان ڪجھ حاصل نه ٿيندو. ان ۾ توهان کي ڪو اکر ۽ ڪا سٽ نه ملندي. خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو..... هڪڙي ئي ڳالهه ٿي سگھي ٿي ته ان ڪوري ڪاغذ کي ڏسندا رهو، ڏسندا رهو ۽ هڪ ڏينهن خود به ڪورا ڪاغذ بڻجي وڃو. جيون جي حقيقت کي ڳوليو ويندو آ کوليو نه ويندو آهي. اهو ڪو تالو ناهي جو ان جي ڪا چاٻي هجي. هونءَ ته جيون جي دروازي تي ڪوئي تالو ناهي سڀ ڪجھ کليل آهي ۽ انت تائين کليل آهي.... ڳوليندا رهو ڳوليندا رهو ڪوئي پاتال نه ماڻيندئو اهو اٿاهه آهي، ان جو ڪو ڪنارو ناهي، بي ڪناره آهي. ڪنارو هجي ها ته ماڻهو پار ڪري وڃي ها. گھرو ناهي اٿاهه آهي. گھرو هجي ها ته اسان ماپ ڪري سگھون ها. تنهن ڪري هڪ ڇا هزار سالن تائين به جيون جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته به ڳالهه سمجھ ۾ نه ايندي.“
هومر جي رزميي کان ڪيٽس جي شاعريءَ تائين، شيڪسپيئر جي اوپيراز کان پئبلو نرودا جي مزاحمتي ڪوتائن تائين، رودڪي جي شعرن کان رومي جي رمزن تائين، ڪبير جي دوهن کان ميران جي ڀڄنن تائين، ڀٽائي جي بيتن کان سامي جي سلوڪن تائين ۽ اياز جي نظمن کان اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي سمورن سگھارن آوازن تائين نه رڳو نظم ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين جون عجيب تصويرون چٽيون ويون آهن پر وڏن وڏن فلسفين ۽ ڏاهن جيون جي حقيقت کي بيان ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آهن...... پر ايڏين تشريحن کان پوءِ به ان جي ڪا تشريح حتمي ناهي...... ائين چئجي ته جيون اهو آهي، جيڪو هر تشريح کان بالا آهي..... اهو هڪ ڪورو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به اکر ۽ ڪا به سٽ ناهي. بقول اوشو ”خالي ڪاغذ کي ڪو ئي ڇا پڙهندو.“ پوءِ چوڻ واري ائين ڇو چيو آهي ته ”ڪو ئي خالي سکڻا نهين، سب ڪي اندر لعل“........ اهو لعل اصل ۾ انسان جي اها ڏات آهي جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي ٿي. اهو هنر ۽ ڏات ئي آهي، جنهن سان سندس جيون جي ڪوري ڪتاب ۾ ڪجھ پڙهڻ ۽ سمجھڻ لائق ٿئي ٿو.
هر ماڻهو پنهنجي جيون ڪتاب ۾ عمل جي وکر سان اهي اکر ميڙي ٿو، جنهن سان سندس زندگيءَ کي ڪو مفهوم ملي ٿو....... ها جيون جي ڪوري ڪتاب کي اندر جي اک سان پڙهي سگھجي ٿو...... جيڪب آباد جي سوڙهين گھٽين ۾ جنم وٺندڙ هڪ سماني انسان غلام نبي سڌايو به پنهنجي حياتيءَ جي ورقن کي پنهنجي عمل جي وکر سان پُر مفهوم بڻايو آهي. هن جي جيون ڪتاب جي ورق ورق کي کولڻ ۽ محبت جي اکين سان پڙهڻ جي ضرورت آهي.
جيڪب آباد سان منهنجي شناسائي پراڻي آهي. ڇوته اسان جا ڪجھ ويجھا عزيز جيڪب آباد جي هڪ پوئتي پيل ڳوٺ ۾ رهندا آهن. ڪنهن زماني ۾ اهو ڳوٺ مون کي صديون اڳ جي هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ وانگر لڳندو هيو، جنهن تي نئين صدي جو ماڻهو سوچيندي ڇرڪي پئي. مان اڪثر سوچيندو هيس ته ان ڳوٺ جا ماڻهو غار واري زندگي ڪيئن پيا گھارين. بجلي، گئس، صاف پاڻي، اسڪول، اسپتال ۽ ٽرانسپورٽ جي جديد سهولتن کان وانجھيل ان ڳوٺ تي اڄ به جڏهن مان سوچيندو آهيان ته عجيب گھُٽ جو احساس ٿيندو آهي....... ڏهاڪو سال اڳ جڏهن منهنجو هڪ ويجھو دوست جيڪب آباد ۾ بحريه فائونڊيشن ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ته هن لاڙڪاڻي مان مون سميت چند بي تڪلف دوستن کي ڪجھ ڏينهن جي ڪچهريءَ لاءِ گھرايو. منهنجي هڪ دوست جڏهن کانئس پڇيو ته ”پيارا جيئن سنڌ جا مختلف شهر مختلف شين جي ڪري مشهور آهن، ائين جيڪب آباد کي اسان ڪهڙي شي سان سڃاڻي سگھون ٿا؟“ امالڪ چيائين ”گڏهه گاڏن جي ڪري.....! ڇو ته هن وقت جيڪب آباد شهر ۾ ڏهه هزار گڏهه گاڏا موجود آهن.“ خير اسان جي دوست ته اها ڳالهه مزاق ۾ ڪئي هئي پر حقيقت ۾ جيڪب آباد جان جيڪب، هارس ائنڊ ڪيٽل شو ۽ اتان جي علمي ادبي شخصيتن جي ڪري گھڻو مشهور آهي........... مان جيڪب آباد جي جن ادبي شخصيتن کان بيحد متاثر آهيان انهن مان غريب آباد پاڙي ۾ رهندڙ دل جو امير شخص ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو به هڪ آهي.
مان پنهنجي ذهن مان يادگيريءَ جي دري کولي سوچيان ٿو ته ڊاڪٽر سڌايي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ کي ڀريا ٽي ڏهاڪا گذري ويا آهن. اها ۸۶ ــ ۱۹۸۵ جي ڳالهه آهي، جڏهن مونکي ادب پڙهڻ جو نئون نئون شوق ٿيو هيو. انهن ڏينهن ۾ بابا سائين جي گڏ ڪيل ڪتابن جي خزاني مان مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب شوق سان پڙهندو رهندو هوس. پر خاص ڪري خليل جبران ڏاڍو وڻندو هو. هڪ ڏينهن هڪ ڪرائون سائيز جو ڪتاب ڏٺم جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ تي لکيل هيو، ليکڪ جو نالو غلام نبي صابر سڌايو. بابا کان پڇيم ڇا هي اهو ئي چاچا آهي، جنهن سان جيڪب آباد واري ميلي ۾ ملاقات ٿي هئي. بابا هائوڪار ڪئي. مان ننڍي لاءِ کان سنڌ جي سمورن ادبي ڪاڄن ۾ بابا سائين سان گڏ هوندو هيس. سائين غلام نبي به تنهن وقت ادبي پروگرامن ۾ بنان ناغي شامل هوندو هيو. مان هڪ طالبِ علم وانگر ئي سندس مقالن ۽ تقريرن مان سکندو ۽ ڪچهرين ۽ گفتن مان پرائيندو هيس. انهن ئي ڏينهن ۾ بابا سائين سان جيڪب آباد وڃڻ ٿيو ۽ بابا، سڌايو صاحب ڏانهن سندس گھر وٺي ويو، تنهن وقت سائين پنهنجي پي ايڇ. ڊي وارو ڪم ڪري رهيو هيو. مونکي ياد آهي ته سائين اسان کي پنهنجي ٿيسز جو قلمي نسخو به ڏيکاريو هيو. ڪافي ڪچهري ٿي هئي ۽ پنهنجي پلئن ۾ محبتون ميڙي آيا هيا سين. بابا سائين جي توسط سان سائين سان ڪڏهن جيڪب آباد ته ڪڏهن لاڙڪاڻي، ڪڏهن شڪارپور ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو اهو سلسو جاري رهيو.
۱۹۹۷ ڌاري مان پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو جو ليڪچرار ٿيس ته پيپرن جي سينٽرل اسيسمينٽ جي سلسلي ۾ سائين سان روزانو ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ ڪم دوران سندس گفتن مان به مزو پيو ماڻبو هيو. حقيقت اها آهي ته سڌايو صاحب نهايت ٻاجھاري طبيعت ۽ نرم لهجي وارو هڪ اهڙو انسان آهي، جنهن وٽان مان مختلف وقتن تي گھڻو ڪجھ سکيو آهي. هن جي گفتار مان سدائين صداقت بَکندي آهي. هن جي سيني ۾ هڪ اهڙي دل آهي، جيڪا دکي انسان جي درد کي محسوس ڪري ٿي. هوءَ هڪ اهڙي محبوب ۽ پُرڪشش شخصيت آهي، جنهن لاءِ مان ڀٽائي جي لفظن ۾ ائين چئي سگھان ٿو ته:
ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو.
۱۹۹۵ع واري لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ ڀٽ شاه ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ مونکي پهريون ڀيرو حميد سنڌي صاحب مهرباني ڪري مقاله نگار طور شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، انهن ڏينهن ۾ مان روزاني ”جاڳو“ ۾ لطيف جي شاعريءَ جي حوالي سان هفتيوار ڪالم لکندو هيس. شايد ان وقت لطيف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ منهنجي مئرٽ اها ئي هئي. ان ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ڪئي هئي ۽ محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جهڙن عالمن ان ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهيا هئا. مان انهن جبل جيڏين شّخصيتن جي اڳيان هڪ جيتامڙي وانگر ئي هيس. ان ڪانفرنس جي هڪ ياد جيڪا شايد مون کان ڪڏهن به نه وسرندي ته اسان کي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد واري هاسٽل ۾ ڪانفرنس کان هڪ رات اڳ ترسايو ويو هيو. وڻندڙ موسم هئي ۽ شام ويلي هاسٽل جي لان ۾ اديبن ۽ لطيف شناسن جي ڪچهري شروع ٿي هئي. ڪچهريءَ جو موضوع به لطيف ئي هيو. مان طفلِ مڪتب وانگر ان ڪچهريءَ مان گھڻو ڪجھ پرايو. انهيءَ ڪچهري ۾ ڊاڪٽر سڌائي جا گفتا به اڄ تائين ياد آهن. مونکي ياد آهي ته مان لطيف جي علامت نگاري جي حوالي سان کانئس ڪجھ سوال به ڪيا هئا ۽ هن ڀٽائي جي علامتي شعور تي ڀرپور روشني وڌي هئي. ڀٽائي جي مختلف بيتن جي پڙهڻين تي سڌايي صاحب ۽ شاهه جي رسالي جي هڪ حافظ جنهن جو نالو هن وقت حافظي ۾ نه ٿو اچي جي وچ ڪافي بحث به ٿيو هيو. بهرحال سڌايي صاحب سان ٿيل اها هڪ نه وسرندڙ ڪچهري هئي.
هونءَ ته لطيف، سچل ۽ قلندر ڪانفرنسن ۾ اڪثر ساڻس گڏ شرڪت سبب گھڻيون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن. پر منهنجي لاءِ سڌايي صاحب سان ٿيل اها ڪچهري بيحد يادگار آهي، جيڪا بابا سائين جي ڪتاب ”شاهه لطيف هر دور جو شاعر“ جي مهورت کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گھر ۾ ٿي هئي. اها ۸ جولاءِ ۲۰۰۸ع جي ڳالهه آهي. سخت گرميءَ جا ڏينهن هيا پر سڌايو صاحب کي جيڪب آباد مان بابا جي محبت ڇڪي آئي هئي. ان ڪچهريءَ ۾ سائين قلندر شاهه لڪياري به موجود هيو. لنچ کان پوءِ ٿڌي ڪمري ۾ سائين سڌايو بيڊ تي آهلي مون سان مخاطب ٿيو هو ۽ اهڙا ته نصيحت جا نڪتا ٻڌايا هئا جو مان اهي اڄ تائين وساري نه سگھيو آهيان ۽ شايد ڪڏهن به وساري نه سگھندس. زماني جي روش، عزت ۽ ذلت جا معيار، رشتن جي اهميت، اَڀاءُ ۽ سُڀاءَ جا اثر، زندگي جي سڦلتا جا گُر ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي عنوان ان گفتگو جا موضوع هيا. ان ڏينهن مونکي سڌايي صاحب ۾ هڪ اهڙو همدرد ۽ مشفق انسان نظر آيو هو جيڪو هن ظالم زماني ۾ پيار ڪرڻ لائق هجي. ان گفتگو ۾ هڪ استاد جي ليڪچر کان وڌيڪ مونکي انوکي پيار ۽ پهنجائپ جي خوشبو محسوس ٿي هئي. سائين مونکي محنت ۽ محبت بابت پنهنجي زندگيءَ مان مثال ڏئي سمجھايو هيو. پي ايڇ. ڊي دوران هو ڪهڙين تڪليفن مان گذريو ۽ ڪنهن ڪنهن ساڻس ساٿ نڀايو. سخت مايوسيءَ وارن ڏينهن ۾ هن ڪٿان حوصلو ورتو ۽ ڪيئن پار پهتو..... اهي سڀ ڳالهيون منهنجي لاءِ سچ ته رهنمائي جو باعث هيون، جن کي ڌيان ۾ رکندي جڏهن مون اهو پنڌ شروع ڪيو ته مون لاءِ ڪافي آسانيون پيدا ٿي پيون. سچ ته اهو منهنجي زندگيءَ جو هڪ سڀاڳو ڏينهن هيو.
ڳچ سال اڳ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيندڙ ادبي پروگرام ”رسالو“ لاءِ ميزبان جي حيثيت سان مون ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي کان هڪ انٽرويو ورتو هيو. مون هن وقت تائين ان پروگرام لاءِ سنڌ جي وڏن وڏن عالمن، اديبن ۽ چونڊ شاعرن جا ۱۰۰ کن انٽرويو ڪيا آهن پر مان اها ڳالهه پوري سچائيءَ سان چوان ٿو ته سائين سڌايي وارو انٽرويو انهن مان چند خاص ۽ يادگار انٽرويوز منجھان هڪ آهي. ان ڏينهن اسان هڪ ڪلاڪ تائين دل کولي ڪچهري ڪئي هئي. ان ڪچهري ۾ منهنجي ۽ منهنجي ٻڌندڙن جي رڳو سائين جي ذات جي مختلف حوالن تائين ئي رسائي نه ٿي هئي پر سندس ڏات ۽ ڏاهپ، علم ۽ شعور جي گھراين جي به آگاهي ملي هئي. شاهه جو فڪر جهڙي ريت سڌايي صاحب لاءِ ڪشش جو باعث آهي، تهڙي ريت منهنجو به محبوب موضوع آهي، تنهن ڪري شاهه ان ڪچهريءَ تي ڪارونڀار ڪڪرن وانگر ڇانئيل هيو. سچ ته ان ڏينهن ڀٽائي جي فڪر جي آگم منهنجي اندر جي تل ترائين کي ڀري ڇڏيو هو. گرميءَ جي ڏينهن ۾ سڌايي صاحب جي اها گفتگو سانوڻيءَ جي مينهن جهڙي ئي هئي..... جنهن ۾ هڪ الڳ لطف ۽ لذت هئي.
منهنجي پاند ۾ لطيف سائين سان عشق جي چڻنگ ته انهن ڏينهن ئي پئي هئي جنهن ڏينهن بابا سائين ڀٽائي جا بيت سمجھائڻ شروع ڪيا هيا ۽ اها مچي آڙاهه تڏهن ٿي جڏهن سنڌ سميت دنيا جي عالمن ۽ لطيف شناسن جي شاهه جي شاعريءَ بابت ڪيل ڪم کي غور سان پڙهڻ شروع ڪيو. جيسيتائين ڊاڪٽر سڌائي جي ٿيسز ڇپجي پڌري نه ٿي هئي تيسيتائين مونکي ان ٿيسز پڙهڻ جو ڏاڍو اشتياق هيو پر جڏهن اها ٿيسز ڇپجي پڌري ٿي ته مان ان کي پڙهي پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪيون. شاهه جي شاعريءَ جو علامتي مطالعو ته هن ٿيسز کان اڳ به ٿيو هيو پر ڊاڪٽر صاحب ڀٽائي جي ڪلام جي علامتن ۽ اهڃاڻن کي جن نئين معنائن سان اڀاريو آهي ان جو جواب ناهي. حقيقت ۾ شاهه جي حوالي سان اهڙو جديد مطالعو ئي ڀٽائي جي شاعريءَ جي حقيقي روح کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڊاڪٽر سڌايي پنهنجي ٿيسز ۾ نه رڳو شاهه جي شاعريءَ کي علامتي مطالعي تائين محدود رکيو آهي پر سندس شاعريءَ جي سماجي فڪر کي به ڀرپور نموني اڀاريو آهي. مون جڏهن پنهنجو پي ايڇ. ڊي وارو مقالو لکڻ شروع ڪيو ته سچ پچ مونکي ان مان ڪافي Inspiration ملي. ان اتساهه جي ڪارڻ ئي مون پنهنجي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جو مهاڳ لکڻ لاءِ سائين کي عرض ڪيو. هن وڏي سرهائيءَ سان نه رڳو منهنجو عرض اگھايو پر ڪم جي حوالي سان نهايت سهڻيون صلاحون به ڏنيون. سنڌ ۾ لطيف جي ڪلام تي ٻئي نمبر تي پي ايڇ. ڊي ڪندڙ هن عالم طرفان لکيل اهو هڪ ڀرپور ۽ جامع مهاڳ ته آهي پر ان ۾ مون لاءِ ذاتي طور بيحد اتساهيندڙ ڳالهيون به موجود آهن. خاص طور ڊاڪٽر صاحب جي هي اڳڪٿي ته مان پنهنجي لاءِ اعزاز سمجھان ٿو ته ”بيشڪ ڊاڪٽر احسان دانش جي پنهنجي سوچيندڙ ۽ سرجيندڙ دنيا آهي. پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي ادبي سڃاڻ آهي پر شاهه شناسي واري هن خوبي کيس منفرد، معتبر ۽ وڌيڪ مانائتو بڻائي ڇڏيو آهي. منهنجو ويساهه آهي ته نهٺائي، نماڻائي ۽ خاموشيءَ سان سرجيندڙ هن دانشور جو اڳتي هلي پڪ سان نه صرف لاڙڪاڻي جي وڏن عالمن ۽ اسڪالرن ۾ شمار ٿيندو، بلڪه پوري سنڌ ۾ هن جي علمي ڌاڪ ڇانئجي ويندي. آئون اهو لکندي ڪو مبالغو محسوس نه ٿو ڪريان ته هي لطيف شناس اسڪالر مستقبل جي ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ اڃا به نوان انڪشافات ڪندو ۽ نيون سمجھاڻيون ڏيندو.“
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جي شخصيت هڪ اهڙي گھاٽي بڙ وانگر آهي، جنهن جي قريب اچي زندگيءَ جي پنڌ مان ٿڪل ڪيئي مسافر آنند وٺي سگھن ٿا. هو پاڻ به زندگيءَ جي سفر ۾ اڻ ٿڪ هلندو ئي رهيو آهي. هو مونکي ڀٽائي جي اهڙن کاهوڙي ڪردارن منجھان لڳندو آهي جن لاءِ لطيف چيو هو:
ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ! کاهوڙِي آئِيا؛
مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪَنهن پارَ جِي.
اوشو جي اها ڳالهه درست آهي ته ”جيون جي حقيقت کي ڳوليو ويندو آ کوليو نه ويندو آهي. ڳوليندا رهو ڳوليندا رهو ڪوئي پاتال نه ماڻيندئو...... جيون گھرو ناهي اٿاهه آهي. گھرو هجي ها ته اسان ماپ ڪري سگھون ها.“ سچ ته جيون واقعي اٿاهه آهي، ان جو ڪو انت ۽ پاتال نه آهي۔ خليل جبران به حياتي جو فلسفو سمجھائيندي اهڙي ئي ڳالهه چئي هئي ته ”تون چاهين ٿو ته پنهنجي زندگيءَ جي وقت کي ماپي وٺان....... جيتوڻيڪ اهو ماپي نه ٿو سگھجي.“ ڊاڪٽر سڌايي به پنهنجي جيون جي پلن جي ماپ تور ڪرڻ بنان لطيف جي ڏوٿيئڙن جيان سڄي حياتي مسلسل ڏوريندي گذاريو آهي. هن جي زندگيءَ جو هر پل سڦلتائن جو ساکي آهي.

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي سنڊي مئگزين ۱۴ جولاءِ ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)




ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

شاهه جو پارکو

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

غلام نبي ولد محمد بخش سڌايو جو جنم ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. لطيفي تحقيق ۾ سندن نالو اهم آهي. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا، سندن لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ “سنڌي ڪهاڻيون”، “ٿا چنگ چرن چاهت جا”، “چونڊ سنڌي افسانن جو جائزو”، “سفرِ زندگي”، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري” شامل آهن. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري” پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي رهبريءَ ۾ مڪمل ٿيو. آگسٽ ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي ڪراچيءَ طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڇپيو. جيئن ته اصل ٿيسز ضخيم هئڻ ڪري حميد آخوند ڪتاب جي شروع ۾ ڄاڻايو آهي ته، “سڌايي صاحب جو مقالو تمام وڏو آهي. تحقيق کي ڇيهي رسائڻ کان سواءِ هن کي ڪجهه قدر مختصر شايع ڪري رهيا آهيون“.

علامت نگاريءَ جي اهميت ۽ مقصديت کي ڊاڪٽر سڌايو هن ريت ٿو بيان ڪري: “لطيف سائين جي علامتي شاعريءَ جو اڀياس ڪيترن ئي گم ٿيل مقصدن تائين رسائيءَ جو سبب بڻجي سگهيو آهي. انهيءَ مان ڪجهه اهم مقصد هيءُ آهن؛ ۱. سنڌي ادب ۾ علامت نگاريءَ جي موضوع تي نيون راهون ڏسجن، فني ۽ تاريخي اهميت تي ويچار ڪجي. ۲. اهو ڏسجي ته لطيف جي دور ۾ سنڌي سماج، سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي ۽ تعليمي لحاظ کان ڪهڙيءَ سطح تي هو؟ ۳. اهو ڏسجي ته سنڌي سماج ۽ ڪائناتي مسئلن کي لطيف ڪهڙي بنياد تي پرکيو آهي؟ ۴. سماجياتي لسانيات جي لحاظ کان علامت نگاري جي درجه بنديءَ جي اڀياس سان ڪهڙا نتيجا ظاهر ٿين ٿا؟

۴۱۲ صفحن جي هن تحقيق جا ڪل ٽي ڀاڱا آهن ۽ هر ڀاڱو بابن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾، ٽن بابن تي مشتمل ۾ علامت نگاريءَ جي فن ۽ ان سان واسطو رکندڙ ٻين صنفن جي اپٽار، علامت نگاريءَ جي تاريخ ۽ ان جا قسم ٻڌايا ويا آهن، جيئن؛ انساني شعور جي اوسر، علامت نگاريءَ جي تعريف ۽ علامت نگاريءَ جا قسم ۽ وسعت. ٻيو ڀاڱو، ۱۱ بابن جو آهي، جنهن ۾ لطيف سائينءَ جي حياتيءَ جا اهم پهلو جيئن؛ ۱. ڄم، ۲. ڄمڻ جو هنڌ، ۳. ٻاروتڻ، ۴. شادي، ۵. جواني ۽ سير، ۶. شاهه عنايت سان ملاقات، ۷. مخدوم محمد معين سان ملاقات، ۸. خواجه محمد زمان سان ملاقات، ۹. شاهه عنايت الله صوفي شهيد جي سماجي تحريڪ، ۱۰. سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالت، ۱۱. ڪربلا ۽ لطيف جي وفات شامل آهن.

سوانح جي ڀاڱي ۾ اهم پهلوئن تي بحث ڪيل آهي، جيئن مثال طور شاهه جي پڙهيل يا اڻ پڙهيل هئڻ تي ڊاڪٽر غلام نبي سندن formal رواجي تعليم ۽ Informal غير رواجي تعليم جي ڇنڊڇاڻ ڪندي لفظ امي ۽ تارڪ تي بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي کان پوءِ هيٺيون نظريو پيش ڪندي لکيو اٿس؛

”آخر ۾ مٿئين بحث مان جيڪي ثابتيون دستياب ٿيون تن جي روشنيءَ ۾ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم ۽ ڏاهو شخص هو. هن کي مروجه ديني توڙي دنياوي تعليم تي عبور حاصل هو“ (ص -۳۶)

ٽيون ڀاڱو، شاهه جي ڪلام جي علامتي اڀياس تي مشتمل آهي. شاهه لطيف ۽ صوفي شاعر، لطيف ۽ ڪائنات ۽ وحدت جي وائيءَ جي اپٽار سان گڏ سندن ڪلام مان ٽيهن سُرن کي الڳ الڳ علامتي اڀياس تحت پرکيو ويو آهي، جن جي ترتيب غلام محمد شاهواڻيءَ صاحب جي رسالي مطابق آهي. ڪجهه بيت ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان پڻ ڏنل آهن. سُرن جي علامتي اڀياس ۾ جيڪي لفظ علامت طور ڪتب آيل آهن، انهن جون سمجهاڻيون مختلف شارحن ۽ محققن جي راين سان بيان ڪندي آخر ۾ ڊاڪٽر سڌايي پنهنجو مؤقف بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪتاب مان هن موضوع جي وصاحت لاءِ گهڻي مدد ورتل آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر تنوير جو ڪتاب “شاهه لطيف جي شاعري” لطيفيات جي ڏس ۾ هڪ اهم ريفرنس ڪتاب شمار ٿئي ٿو.

هن مقالي لاءِ ڊاڪٽر سڌايي، سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن مان استفادو حاصل ڪيو. هيٺ ڪجهه حوالا پيش ڪجن ٿا؛

”علامتون ٻوليءَ جي ايڪائي يا پيداواري صورت آهن. ان ڪري علامتن کي سمجهڻ لاءِ ٻولي جو اڀياس تمام ضروري آهي”. “ٻولي اسان جو انتهائي ضروري ۽ قابلِ اعتماد ذريعو آهي. جنهن جي مدد سان تجربات، خيالات ۽ دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعات ۽ وقت جي وهڪري سان واسطو رکندڙ شيون اسان جي قابو ۾ اچي سگهن ٿيون. ” “ٻولي هڪ بااختيار اهڃاڻن (علامتن) جو سرشتو آهي، لفظ علامتن جي بنيادي ۽ پهرين منزل آهي. ” (ص، ۴-۳۳-۳۹)

لفظن جي علامتي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي؛ “جيئن مثال طور “سُر ڪلياڻ” ۾ حبيب، طبيب، درد، دوا، مرض ۽ شفا وسيع علامتي معنيٰ ڏين ٿا. هڪ همه گير مقصد ڏانهن اشارو آهي. “يمن ڪلياڻ” ۾ ڌوڌا، آڳ، اُلا، عشق، آڳڙيا، موکي، متارا، ميخانو، “سر سريراڳ” ۾ سمنڊ، سڙهه ڪائو ڪچ، موتي ماڻڪ، سپون، ڍينگ ڍيري، ڪُن، صراف، “سامونڊيءَ” ۾ سر نسرڻ، سکائون باسڻ، اکاڏيڻ، علائقائي ۽ روايتي علامتون آهن. اهڙيءَ ريت سڀني سُرن مان آيل علامتن جي تفصيلي جائزي کان پوءِ اهو نقطو پيش ڪيو ويو آهي ته “اهي علامتون آهستي آهستي معاشري جي ٻوليءَ جو حصو ٿي وينديون آهن ۽ علامتي شاعري ۾ آيل ڪيترا لفظ معنائن جي مستقل صورت اختيار ڪري وٺندا آهن”. ڊاڪٽر تنوير جي حوالي سان لکيو اٿن ته، “علامت طور ڪتب آندل لفظ نه صرف هڪ شاعر وٽ وري وري ۽ ساڳئي مفهوم ۾ ملندا آهن، پر ڪنهن خاص دؤر جي شاعرن ۽ ڪن حالتن ۾ ان ٻوليءَ جي سموري شاعريءَ ۾ اهي علامتون پکڙيون پيون هونديون آهن ۽ هر شاعر وٽ انهن جو مفهوم ساڳيو هوندو آهي. مثال طور، ڪرهو، ميو، ڪنواٽ، نانگو، کورو، چانگو، ڪڌاتورو وغيره جي علامتي معنيٰ سنڌ جي سڀني شاعرن وٽ ساڳي آهي. “

”لطيف سائينءَ جي استعمال ڪيل سڀني علامتن جا به تڪيل ۽ توريل ۽ سماج ۾ مستقل صورت اختيار ڪيل تصور استعمال ۾ آهن ۽ انهن تصورن جي قدر کي لطيف سائين کان اڳ ۽ پوءِ وارن شاعرن به استعمال ڪيو آهي. “ ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته، “هن ٿيسز ۾ موضوع سان پورو پورو انصاف ڪيو ويو آهي. علامتون (Symbols) انهيءَ انداز سان بيان ڪيل آهن. جو واضح طور شعر جو اصل مفهوم سمجهه ۾ اچي ٿو. اهو هن ٿيسز جو طاقتور پهلو آهي“.

موضوع جي انفراديت جي حوالي سان هن ڪتاب مان سنڌي ادب ۾ علامت نگاريءَ جي موضوع تي نيون راهون روشن ٿيون آهن. هن کان اڳ پروفيسر اڪرم انصاريءَ جو ڪتاب “The symbolism in Latif’s Poetry” انگريزيءَ ۾ موجود آهي ازانسواءِ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون ملن ٿا پر باقاعده طور هن ڪتاب ۾ علامت نگاريءَ جي جامع وصف (Definition) ۽ شاهه جي ڪلام ۾ علامت نگاريءَ جو اونهو اڀياس آندو ويو آهي. انهيءِ کانپوءِ ڊاڪٽر سڌايو جو هڪ ٻيو ڪتاب لطيف شناسيءَ تي آهي، جنهن کي تاج محمد شيخ ترتيب ڏنو ۽ روشني پبلڪيشن ۲۰۰۷ع ۾ شايع ڪيو، “شاهه لطيف جو علامتي شعور” عنوان سان هن ۲۲۴ صفحن جي ڪتاب ۾ ايڪويهه تحقيقي مقالا آهن، جيئن، “علامت نگاري ۽ سر ڪاپائتي”، “کاهوڙي سچ سونهن ۽ پيار جي علامت”، “شاهه سان منسوب ٻه روايتون”، “مارئي سونهن ست ۽ سورهيائيءَ جو اهڃاڻ”، “شاهه جي شاعريءَ ۾ وير رس جو اڀياس”، “ڀٽائيءَ ۽ خواجه محمد زمان جي گفتگو جو علامتي ۽ فڪري جائزو”، “لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ جمالياتي تصور”، “لطيف جي عڪسي شاعري”، “لطيف سائينءَ جا آدرشي انسان” ۽ ٻيا آهن، ڊاڪٽر سڌايو لطيفي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ پيپرز پڙهندڙ رهيو، لطيفيات ۾ سندن خدمتون مڃتا لائق آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا